Sindhi Media
سينيئر رڪن
- اڄ ڪلهه سنڌ ۾ اترادي لاڙي لفظن ٻولن ( ٽرمس) وري ڪرُ کنيو آهي. سو به حيدرآباد ڪراچي جهڙن شهرن ۾ ۽ اهي ٻول به سنڌي ماڻهن جي واتان ٻڌا ٿا وڃن الاهي خير ڪري سنڌ جو حال ڇا ٿيندو؟ (جوکيو شفيق)
سائين ! (لاڙ) سولي ، ڪتابي سنڌيءِ جو مرڪز رهيو آهي هميشه کان. ۽ شروع ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ سنڌي ادبي بورڊ رهيا آهن ڇو جو انگريز سرڪار به سنڌيءَ کي سرڪاري زبان سولو ڪري ان ڪري پيش ڪيو جو انگريز حاڪم به سنڌي زبان پڙهي ڳالهائي سنڌ جي ماڻهن ۾ ضم ٿي وڃي ۽ هيءَ ٻولي هر ڌاريون به انهيءَ آسانيءَ سان ڳالهائي سگهي . ڪنهن جي وات تي آرام سان اچڻ واري اها سنڌي ٻولي اُن وقت مُشڪل ٿي وئي جڏنهن اها تبديل ٿيڻ لڳي ۽ پنهنجا روپ اُتر طرف يا ساڄي کاٻي پاسي ڦيرائيندي رهي. ميمڻي ، ڪڇي، اُترادي ، سرائڪي، پنجابي، هندڪو به سنڌيءَ مان نڪتيون آهن ان ڪري الاهين لفظن ۾ مُشاهبيت آهي. سنڌو دريا جيئن ته وڙ وڪڙ ڪري وهندو هو ۽ دريا ۽ ايگريڪلچر تي گذر سفر ڪرڻ واريون قومون به لڏ پلاڻ ڪنديون هُيون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ به ور پئجندا ويا ان جا واضح مثال اهن ۽ جي اڀياس ڪندئو ته گهڻي ڀاڱي ٻولي هندستاني علائقن ۽ اُتر طرف سفر ڪندي رهڻ سان نئين زبان جو روپ وٺندي وئي. اسانکي اهو چوندي پريشاني ٿيندي آهي ته ڌاريان سنڌ ۾ رهي به سنڌي ڇو نٿا ڳالهائين ! ان جو ڪارڻ اسان پاڻ آهيون ان ڪري جو اسان اصلي، آسان ۽ ڪتابي سنڌيءَ کي مُشڪل ڪري علائق زبان ڪري ويٺا آهيون. حالانڪه جيڪا زبان انگريز ڳالهائي سگهي ٿو ٻيو ڪو ڌاريون ڇو نه. جي اڄ به اسان انهيءَ سولي سنڌيءَ کي پنهنجن سيليبس ۾ واپس موٽايون ته سنڌ ۾ هر ڌاريون آرام سان سنڌي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ اسانجون اهي شڪايتون به دور ٿي سگهن ٿيون. ته لاڙي ۽ اُترادي لفظن ، ٻولن جي مُنجهاڻ جو اڀياس ڪريو! ۽ جتي به ڪنهن پروجيڪٽ (اڄ ڪلهه سنڌي ٻولي) ۾ هٿ وجهبو ته سائيڊ افيڪٽ به ايندا ۽ انهن آفٽر افيڪٽس جو بچاءُ ڪرڻ به لازمي آهي. ٻڙڪ ڪڍڻ آسان آهي پر ٻڙڪ جو تدارڪ مشڪل ۽ اينگهندڙ مرحلو اهي.
صرف آسان ٻوليءَ ۾ ور وڪڙ ڪونه آيا آهن يا مشڪل تبديلي ڪانه ٿي آهي پر طبيعت، سوچ ۽ مزاج ۾ به ور وڪڙ ۽ مُشڪلاتون آيون آهن جيڪي لازمن رهندڙ قومن ۾ سمنڊ جي سطح اُڀرڻ جي ڪري اچن ٿيون. جنهن قوم ، جن جي ڊي.اين.اي ۾ سطح سمنڊ جا ماحول هُجي اُهي پُر سڪُون ، ٿڌا هُجن ٿا ۽ جيئن سمنڊ جي گجگوڙ ۾ گهڙجي يا سطح سمنڊ کان مٿاهون وڃجي ته طبيعت ، مزاج ۾ ڇتاڻ غالب اچي وڃي ٿي، چون ٿا ته مزاج جي اها تبديلي نرم زمين کان سخت زمين طرف سفر ڪري ٿئي ٿي جنهن تي انسان جو پير پوي ٿو. نرم زمين تي هلڻ وارا نرم مزاج ۽ انهيءَ فريڪئنسيءَ تي سخت زمين تي وڌندڙ گرم مزاج ۽ طبيعت جا ٿين ٿا سطح سمنڊ تي رهندڙ ماڻهون ماحول جي سائنسي تبديلي سان پُر اُمن ، قناعت پسند ۽ خاموش رهيا آهن پر جيئن جيئن سمنڊ جي سطحن کان اُڀري اُتر طرف وڃبو ته شخصيتن مزاجن ۾ تبديلي به اچي ٿي. حيدرآباد جي ديوان ۽ ڪي پي ڪي جي طالبان جي طبيعت ۽ ڇتاڻ جو فرق واضح آهي. اهڙيءَ طرح وچ وارن تي به آهستي آهستي انهيءَ فريڪئنسيءَ سان اثر اچي ٿو. پوري سنڌ جي ماڻهوءَ جي طبيعتن ۽ سوچن ۽ ماحولن جي جي اڀياس ڪجي ته ته ان جا چٽا اثر ظاهر ٿي پون ٿا ۽ اهو قدرتي ۽ فطري عمل آهي. ۽ انهن ئي سائنسي، ماحولياتي ۽ نفسياتي تبديلين جي ڪري ڪٿي جبر، ظلم ، ڏاڍ، ڌاڙيل گيري شخصيت جي فطرت بڻجي ته ڪٿي هيڻائي.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: