فيس بوڪ رائونڊ اپ 10

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيس بوڪ رائونڊ اپ 10

    محمد سليمان وساڻ

    سوشل ميڊيا پنهنجي اهميت ڪيتري مڃرائي آهي اها جهلڪ وفاقي اردو يونيورسٽي پاران امريڪي قونصليٽ جي سهڪار سان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ به ٻڌڻ ۾ آئي جنهن جو عنوان هيو “سنڌي ميڊيا : اهميت، موقعا ۽ مسئلا”. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي چوٽيء جي دانشورن ۽ قلمڪارن سان گڏ هندستان مان آيل صحافين پڻ پنهنجا خيال پيش ڪيا. هندستان کان آيل صحافي ننديتا ڀاوناڻي اها ڳالهه مڃي ته انٽرنيٽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليء جو جو اهم ڪردار آهي. ان ڪانفرنس جي حوالي سان فيس بوڪ تي اها به تنقيد ٿي ته اهڙي قسم جي ڪانفرنس سنڌي ٻولي جا ميڊيا هائوس ڇو نه پيا ڪرائن جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ساڳيو سوال نامياري صحافي مظهر عباس به اٿاريو آهي. سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ جي سنڌين پاران 10 اپريل سنڌي ٻولي جي عالمي ڏينهن طور پڻ ملهايو ويو ڇو ته 10 اپريل 1967ع تي ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو هو.

    هوڏانهن واپڊا جي نجڪاري خلاف جتي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا آهن اتي سوشل ميڊيا تي به لکڻيون احتجاج، مذمتي تصويرون شيئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عام گڏجاڻي ۾، سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي خلاف ماڻهن کي سجاڳي ڏيڻ جي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو سڄي سنڌ ۾ جاري رهندو. ان سلسلي ۾ سگا جي فيس بوڪ پيج تي به پوسٽر جاري ڪيا ويا آهن ۽ پهريون جاڳرتا ليڪچر پروگرام گهوٽڪي ۾ ٿيو آهي جنهن جو مقرر نصير ميمڻ هيو. تحفظ پاڪستان بل PPO بابت جتي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ٿيو آهي ته اتي 9 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ جسمم پاران هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ هن بل خلاف سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ تي به ماڻهو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري رهيا آهن. هوڏانهن عوامي جمهوري پارٽي جو سکر مان شروع ڪيل تعليمي مارچ هاڻ پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ڪراچي طرف روان دوان آهي. تعليمي حوالي سان سوشل ميڊيا به مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهو مسلسل پريشر آخرڪار پنهنجا نتيجا ڏئي رهيو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو بلاول ڀٽي کي به تعليم بابت پنهنجي وزيرن کان وضاحتون وٺڻيون پيون آهن ۽ هن اهم مسئلي تي خاص فيصلا ڪرڻ لاء سوچ ويچار ڪرڻو پيو آهي.

    بلوچستان ۾ ڪيل تازي آپريشن کانپوء جعفر ايڪسپريس ۾ بيگناهه ماڻهن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي به فيس بوڪ تي ڏکائتي صورتحال رهي. جتي ڪيترائي دوست ان کي آپريشن جو رد عمل سڏي رهيا آهن اتي گهڻا دوست بيگناهه ماڻهن جي قتل کي گناهه سمجهن ٿا. ان حوالي سان حسين بخش ٿيٻو لکي ٿو “اهو ته مون کي سمجهايو ته پنهنجن ئي ماڻهن کي ماري حراس پيدا ڪرڻ ڪهڙي وطن دوستي آهي، مون کي يقين آهي ته بلوچن جي رئنڪ ائنڊ فائل (جدوجهد ڪندڙن جي صفن) ۾ سرڪاري گماشتا ويٺل آهن، جيڪي اهڙا عمل ڪرائي سڄي دنيا ۾ بلوچن جي شاندار جدوجهدِ آزادي کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ چاهين ٿا. ڪو به ذي شعور ماڻهو پنهنجن کي ماري آزادي جي جنگ کٽي نه سگهندو”۔ فيس بوڪ تي هر دفعي اهو بحث به هلندو رهندو آهي ته سنڌي جيستائين متحد نه ٿيندا ۽ سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي ڪونه گڏبيون تيسين سنڌ جي بهتري ناممڪن آهي. هاڻ سڀني سياسي پارٽين، اڳواڻن کي گڏ ڪيئن ڪجي؟ ان سوال جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي بحث پورو ٿيو وڃي. ان ئي بحث جي حصي طور وفا منور زئور ساڳيو سوال ڪيو آهي ته “تنهجا منهنجا مفاد ۽ مقصد بہ ساڳيا، پوءِ انهن جي حاصلات لاءِ اسان گڏ ڇو نہ آهيون، هڪ ئي مقصد جي حاصلات لاءِ نڪتل هوندي بہ تنهنجي منهنجي هڪ ٻئي تي تنقيد ڇا معنى ٿي رکي؟”

    فيس بوڪ جي هڪ خوبي رهي آهي ادبي، سماجي ۽ سياسي تقريبن جي تصويرن جي نمائش ۽ رپورٽنگ. اها خبر، ٽي وي يا اخبار ۾ اچي يا نه اچي پر فيس بوڪ تي سڀ کان اڳ ايندي ۽ مزي جي ڳالهه ته جيترا ڪيمرا هوندا آهن ان کان به وڌيڪ دوست تصويرن جي شيئرنگ ڪندا آهن ۽ اهي تصويرون تاريخ بڻجي وينديون آهن. هن هفتي به خوبصورت شاعر علي زاهد ۽ روبينا ابڙو سان چانڊڪا ميڊيڪل پاران ملهايل شام جون تصويرون، ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي تقريب، حيدرآباد ۾ عطا محمد ڀنڀري جي تحقيقي ڪتاب انڊس اسڪرپٽ جي مهورتي تقريب، فيس بوڪ فرينڊز پاران گڏاپ ۾ لڳايل ميڊيڪل ڪيمپ، ڪراچي ۾ انور سولنگي ۽ روشن عطا جي ورسي تقريبن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جا تصويري البم شيئر ڪيا ويا آهن.

    فيس بوڪ جتي ڄاڻ ۽ تفريح جو مرڪز آهي اتي دنيا فيس بوڪ کي مارڪيٽنگ جو به اهم ذريعو بڻايو آهي، پر افسوس جو سنڌي ماڻهو ان حوالي سان ڪوبه خاص فائدو وٺڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن. اسان کي ڪنهن اهڙن دوستن جي تلاش آهي جيڪي فيس بوڪ کي مارڪيٽنگ ٽول بڻائي سنڌ جي ثقافتي لباسن، سنڌ جي ميون، ڀاڄين ۽ سنڌ جي هنرن جا نادر نمونا فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا تي آڻي نه صرف ثقافت جي اپٽار ڪن پر معاشي طور به فائدو حاصل ڪري سگهن.

    روزانه عوامي آواز 15 اپريل 2014

    ...................................................

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 1

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 2

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 4

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 8

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 10
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 اپريل 2014
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه عوامي آواز 15 اپريل 2014

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو