توڙي جو ٽيليويزن ڏسڻ جو گهٽ وقت ملندو آهي پر جڏهن به ڪامران شاهد پنهنجو پروگرام سنڌ جي حالتن تي ڪري ته ڏسڻ کان انڪار نه ڪري سگهندو آهي... ڪالهه 17 تاريخ تي ڪامران شاهد سنڌ جي وزيراعلى محترم جناب سائين قائم علي شاهه جن جي شهر وڃي نڪتو.. جتي سندس استقبال ڪتن جي ڀونڪڻ سان ڪيو ويو.. پر حيرت ان ڳالهه تي نه ٿي.. هو ته هر سيڪنڊ ۽ هر منٽ ۾ حيران ٿيندو رهيو ۽ ڏسندڙن کي به حيران ڪندو رهيو... هتان جا ماڻهون مسئلن ۽مونجهارن، پريشانين ۽ فڪرن جي ڳالهه کي پنهنجي اٻوجهه انداز ۽ رنگين اردو سان ڪندا رهيا ... کيس مسئلا ته کوڙ مليا پر اصل مسئلي تي ايندي ايندي به سندس پگهر نڪري ويا... خير پور ميرس جهڙو تاريخي شهر جتان اڪثر پيپلز پارٽي ئي اليڪشن کٽيو آهي جي انتهائي خراب حالت ڏيکارڻ سان گڏو گڏ جڏهن ميٽرڪ پاس پر پاڻ کي شعور کان آجا سڏيندڙ اٻوجهه سنڌين کان سوال ڪيائين ته جن جي نالي تي ووٽ پيا ڏيو اهي ته شهيد ٿي ويا... ڇا هاڻي بجلي جي کوٽ، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ سڀ کان اهم صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ ڪري ۽ گندي پاڻي پيئن ڪري ڪاٿي توهان نه شهيد ٿي وڃو... ان کان اڳ جي ووٽنگ ٿئي ته ووٽ ڪنهن کي ڏيندو...؟ ۽ جواب گذري 4 ڏهاڪن کان وٺي ساڳيو ئي ته ڪجهه به ٿي وڃي پر ووٽ وري به ڀٽو کي ئي ڏينداسين... هاءِ ڙي سنڌي تنهنجي وفا... تڏهن ته تولاءِ نعرا ٿا لڳن ته ... مرسون مرسون ... سنڌ نه ڏينسون... جيڪڏهن پورو پروگرام نه ڏسي سگهو ته رڳو هي مختصر وڊيو ضرور ڏسو... ۽ ٻڌايو ته ڪا راءِ ڏيڻ جهڙا آهيو...؟
سنڌ ۾ هڪ تي اهي آهن جيڪي هيپاٽائٽس سي جي پُڇا تي پيا چون ته ”ها هوا جام آهي. سي ته لڳي پيو“. اهي ئي آهي انهي 33 سيڪڙو جا 99 سيڪڙو ماڻهو جيڪي وؤٽ ڏين ٿا. مون جهڙا واتوڙا ته انهي ڏينهن سُمهي ننڊ ڪندا آهن. جيڪي وؤٽ ڪن ٿا انهن وٽ ٻه خراب آپشن مان هڪ سُٺو رُڳو انهي بُنياد تي هوندو آهي ته انهي جي وڏن جا احسان آهن جيڪي هنن کي وؤٽ ڏيئي نه لاهڻ جهڙا نه رکڻ جهڙا پر وري به چونڊڻو ٻن خراب مان هڪ کي هُجي ته اُها چونڊ هي ٺيڪ ئي ڪن ٿا. حل وري به تڏهن ايندو جڏهن هڪ نسل پڙهي شُعور حاصل ڪري ۽ قرباني ڏيڻ وارا زوري مُقابلي جو اعلان ڪن ۽ کين هڪ با شعور عوام چونڊي. باقي هن وقت نه ڪا گهَٽي گهوٽ ۾ نه ڪا ڪمي ڪنوار ۾ آهي. تنهنڪري ڍڳو پير پيران.
حل وري به تڏهن ايندو جڏهن هڪ نسل پڙهي شُعور حاصل ڪري .[/quote] اوهان جو هي جملو اهم آهي، ان جملي ، سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪافي وقت سوچيندو رهيس. ته ڇا خيبر پختونخواه جو نسل پڙهيل ۽ شعور وارو آهي ؟؟؟ جنهن هر پارٽي کي پنهنجي اسيمبلي ۾ موڪليو آهي، پ پ پ ، مسلم ليگ ( تقريبن سڀني ڌڙا) جمعيت علما، اي اين پي ، ايم ايم اي، ۽ هينئر تحريڪ انصاف کي ميدان ۾ آندو اٿائون. هيٺين سطح کان مٿين سطح تائين نظر ڊوڙايو، عالمي معيار مطابق ( جنهن کي شرح خواندگي سڏيو پيو وڃي) خيبرپختونخواه کان ته سنڌ وڌيڪ آهي. مقامي اخبارون ڪٿي گهڻيون ڇپجن ۽ وڪامجن ٿيون ؟؟ پي ايڇ ڊي ڪٿي گهڻا آهن سنڌ ۾ يا ڪي پي ڪي ۾ ؟؟؟
ڳالهيون گهڻيون آهن ڇا تي لکجي .... ؟؟؟ خيرپور جو سڀ کان وڏو مسئلو هن وقت امن امان آهي. ان جو سبب آهي ته هتي هڪ سال ۾ ڪيئي ڊي پي او تبديل ٿيا آهن. خيرپور جي خرابي ۾ سياستدانن سان گڏ بيووروڪريٽس جو به اوتروئي عمل دخل آهي .... هڪ ٻي ڳالهه ته اسان ي شهرن کينئين طرز سان به وڌڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته پراڻي محلن ۾ سوڙهه سبب ڪا گاڏي اندر وٺي وڃڻ ئي مشڪل آهي. پروگرام ڪندڙ ڇا ڏسندا آهن اها خبر ناهي پر سٺايون به ڏيکارڻ گهرجن ... ؟؟؟؟ خيرپور جو هڪ اهم مسئلو آهي مذهبي انتها پسندي .... جنهن سبب خيرپور مان خير ختم ٿيندو پيو وڃي ... پر پروگرام ڪندڙ ان تي ڇو نه ڳالهايو؟؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ....