توڙي جو ٽيليويزن ڏسڻ جو گهٽ وقت ملندو آهي پر جڏهن به ڪامران شاهد پنهنجو پروگرام سنڌ جي حالتن تي ڪري ته ڏسڻ کان انڪار نه ڪري سگهندو آهي... ڪالهه 17 تاريخ تي ڪامران شاهد سنڌ جي وزيراعلى محترم جناب سائين قائم علي شاهه جن جي شهر وڃي نڪتو.. جتي سندس استقبال ڪتن جي ڀونڪڻ سان ڪيو ويو.. پر حيرت ان ڳالهه تي نه ٿي.. هو ته هر سيڪنڊ ۽ هر منٽ ۾ حيران ٿيندو رهيو ۽ ڏسندڙن کي به حيران ڪندو رهيو...
هتان جا ماڻهون مسئلن ۽مونجهارن، پريشانين ۽ فڪرن جي ڳالهه کي پنهنجي اٻوجهه انداز ۽ رنگين اردو سان ڪندا رهيا ... کيس مسئلا ته کوڙ مليا پر اصل مسئلي تي ايندي ايندي به سندس پگهر نڪري ويا...
خير پور ميرس جهڙو تاريخي شهر جتان اڪثر پيپلز پارٽي ئي اليڪشن کٽيو آهي جي انتهائي خراب حالت ڏيکارڻ سان گڏو گڏ جڏهن ميٽرڪ پاس پر پاڻ کي شعور کان آجا سڏيندڙ اٻوجهه سنڌين کان سوال ڪيائين ته جن جي نالي تي ووٽ پيا ڏيو اهي ته شهيد ٿي ويا... ڇا هاڻي بجلي جي کوٽ، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ سڀ کان اهم صاف پاڻي پيئڻ جي کوٽ ڪري ۽ گندي پاڻي پيئن ڪري ڪاٿي توهان نه شهيد ٿي وڃو... ان کان اڳ جي ووٽنگ ٿئي ته ووٽ ڪنهن کي ڏيندو...؟
۽ جواب گذري 4 ڏهاڪن کان وٺي ساڳيو ئي ته ڪجهه به ٿي وڃي پر ووٽ وري به ڀٽو کي ئي ڏينداسين...
هاءِ ڙي سنڌي تنهنجي وفا... تڏهن ته تولاءِ نعرا ٿا لڳن ته ... مرسون مرسون ... سنڌ نه ڏينسون...
جيڪڏهن پورو پروگرام نه ڏسي سگهو ته رڳو هي مختصر وڊيو ضرور ڏسو... ۽ ٻڌايو ته ڪا راءِ ڏيڻ جهڙا آهيو...؟