• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ گلاس کير جو.

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
jD47i3OByUJus.jpg

هاورڊ ڪيلي نالي هڪ غريب ڇوڪرو پنهنجي اسڪول جي خرچ لاءِ ، هڪ در کان ٻئي در تائين سودو سامان کڻي وڪڻندو هو. ان مان جيڪي ڪجهه بچندو هيس اسڪول ۽ گهر جي خرچ جو پورائو ڪندو هو. هڪ ڏينهن هي پنهنجي انهي ڪرت سان گهمند گهمندي گهڻو ٿڪجي پيو هو. هن دروازو کڙڪايو جتان هڪ عورت نڪتي جنهن ڏٺو ته هي ننڍڙو ڇوڪرو حد کان وڌيڪ ٿڪل ۽ بکيو آهي. ان عورت هن کي ڪجهه کائڻ لاءِ ۽ هڪ گلاس کير جو پيئڻ لاءِ ڏنو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ اها عورت بيمار ٿي پئي اسپتال ۾ داخل ٿي. سُٺي علاج سبب صحتمند ٿي، اسپتال مان روانگي وقت عورت اسپتال جي بل لاءِ پريشان هئي ته خبر ناهي بل ڪيترو هوندو. هوءَ بل ادا به ڪري سگهندي يا نه انهي ڪشمڪش ۾ مبتلا هئي ته هن کي بل مليو جنهن جي هيٺان لکيل هو:

هڪ گلاس کير(جي شڪل۾) بل وصول ٿيل
هاورڊ ڪيلي

مشهور فزيشن هاورڊ ڪيلي 1853 کان 1948
جي ڪهاڻي انڪم ٽئڪس آفيسر محمد انور خميساڻي جي زباني
___
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top