• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاءِ مُهنجي ڪارمزڊا ٿائوزنڊ هڪ چُڀندڙ تحرير.ڌاڙيل گيري، موالي گيري، ڀوتار گيري ڪاٽ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هاءِ مُهنجي ڪارمزڊا ٿائوزنڊ هڪ چُڀندڙ تحرير.ڌاڙيل گيري، موالي گيري، ڀوتار گيري ڪاٽ

ڌاڙيل گيري، موالي گيري، ڀوتار گيري، ڪمدار گيري جي پرچار (پروموشن) ڇڏي، ان کان علاوه به هزارين اهڙا سماجي اشوز آهن جن تي سنڌي اسڪرپٽ ليکاري ، اديب، شاعر يا ڊراما ڊائريڪٽر يا سنڌي سيٽلائيٽ چينل جا پروگرام مئنيجر پنهنجو قلم ۽ اختيارات سان سنڌي قوم کي غلاميءَ جي ترغيب ڏيندڙن عملن کان پاسو ڪرائي سوڀ پائي سگهن ٿا. فيصلو ڪري ميدان تي اچو ته هاڻ سنڌي قوم جو مستقبل موالي ازم وارو گروپ تشڪيل ڪونه ڏيندو ، جيڪي رُڳو موالين کي هڪ ڪري اڳيان آڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن ۽ انهن جي محفلن ،اوتارن ۽ اوطاقن تي ڀوتار، جاگيردار ۽ وڏيرا شاهي جيڪا مُفت ونگار يا نشي جي علت وجهي سنڌي معصوم جنريشن کي تباه ڪري رهي آهي اهي ڪونه سيٽ ڪندي. سنڌ جي نئين ايندڙ جنريشن جيڪا هن وقت مڪملل اخلاقي توڙي، سماجي، توڙي ، ڪاپي ڪلچر ۽ بغير ميرٽ نوڪريون حاصل ڪندڙ تباه حال ۽ ڪمزور ترين جنريشن آهي ۽ جيڪا هاڻ گهڻي قدرموالي ازم ڦهلاءَ ۽ ٻڌيءَ سان سنڌي معاشرو مُڪمل تباه ڪري چُڪي آهي. ياد رکو ته سنڌي دُنيا جي اها معصوم ۽ اونداهيءَ ۾ جبر ٿيل پليل قوم آهي جنهن تي اسان جي ميڊيا گهڻي تيزيءَ سان اثر ڇڏي ٿي ان ڪري اهڙا اسڪرپٽ لکجن، پروگرام ڊراماٽايز ڪري پيش ڪجن جيڪا سنڌي قوم ۾ اصلاح آني. ۽ اوهانجي سماج موجب اُهو وچڙجندڙ موالي ناسور جنهن ۾ عام سنڌي کان علاوه گهڻي ڀاڱي توهان جا ڏاها، سماج سُڌار، اديب، ليکاري، شاعر، پروگرام ڊائريڪٽر، پروگرام مئنيجر ، پروگرام هوسٽ جيسين نشي پت کان آزاد نه ٿيندا ۽ نشي پتي ڪرڻ وارن کي ئي صرف اڳتي کڻي هلڻ نه ڇڏيندا سنڌي قوم دُنيا جي ٻين قومن وانگر باشعور قوم نه بلڪه وڏيرن جي غلام قوم ئي رهندي. انهن هزارن بهترين اشوز مان (هاءِ مُهنجي ڪار ! مزڊا ٿائوزنڊ) به هڪ اهڙو اسڪرپٽ آهي جيڪو سنڌي سماج سڌار ۽ موالي گروپ جو بائڪاٽ ڪري سنڌي قوم کي وڌيڪ غلام بڻائي پيش ڪرڻ لاءِ ٻين اشوز تي قلم کڻي پيش ڪيو پيو وڃي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top