فيس بوڪ رائونڊ اپ 11

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 11

    محمد سليمان وساڻ

    گذريل هفتي جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي انيڪ مسئلن تي بحث ٿيو آهي ۽ ڪيئي سرگرميون ٿيون آهن پر اڄوڪي فيس بوڪ رائونڊ اپ ۾ اسان انهن ٽن اهم سرگرمين جو ذڪر ڪنداسين جيڪي اهم هيون ۽ ۽ انهن مان ٻه سرگرميون سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٿيون آهن. سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي خلاف ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاء حق موجود سٿ پاران 18 اپريل 2014ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ باغين سان شام پروگرام ترتيب ڏنو ويو جنهن جي ڊگهي عرصي کان فيس بوڪ تي تشهير ٿي رهي هئي. ان رات آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو اوپن ايئر ٿيٽر سنڌي نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏ سنڌي ڀينرن سان کچا کچ ڀريل هئو. گيڙو رنگ جو مفلر هر هڪ جي ڳچيء ۾ اهو پيغام ڏئي رهيو هو ته سنڌ هر قسم جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي ٺڪرائي ٿي. اهم ڳالهه اها به هئي ته هي سڄو سٿ، هزارن جو مجموعو بغير ڪنهن ذاتي دعوتنامي، بغير ڪنهن اخباري پبلسٽي جي پهتو هو. اهو سوشل ميڊيا جو ئي ڪمال هيو جو هر ڪو هن پروگرام کي پنهنجو سمجهي رهيو هو. هن ميڙ ۾ حليم باغي، خليل کوسي، روبينه ابڙو ۽ حافظ نظاماڻي پنهنجي شاعري ٻڌائي مذهبي انتها پسندي ۽ سنڌ ۾ وڏيرڪي سياست کي ننديو. سنڌ جي ڏاهي، ليکڪ ۽ سيڪيولر سوچ جي امين امر جليل پنهنجي تقرير ذريعي چتاء ڏنو ته هاڻ نعرن جو ڪم ناهي، هاڻ عملي طور ڪم جي ضرورت آهي. هن سڀني مذهبن جي ڪٽرپڻي، دنيا جي سياست سان گڏ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي ۽ مذهبي دهشتگرديء تي کُلي ڳالهايو. هن چيو ته سنڌ جي آزادي تيسيتائين نا ممڪن آهي جستائين اسان سنڌ جي پير، مير ۽ وڏيري کان آزادي نه ٿا ماڻيون. امر جليل چيو ته ياد رکو ڏاڙهين واري طالبانن کان ڪلين شيو طالبان وڌيڪ خطرناڪ آهن. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ سچل سرمست اهوئي پيغام ڏنو ته مان جوئي آهيان سوئي آهيان، تنهنڪري اسان کي ڇڏي ڏيو ڇو ته اهو خدا ۽ بندي جي وچ ۾ معاملو آهي. امر جليل چيو ته سنڌ جي تعليم ۽ شعور جي گهتتائي لاء اهو ضروري آهي ته اسان اها ذميواري کڻون ته اسان مان هر هڪ، ٻئي کي پڙهائي Each one, teach one هاڻي ٻيا طريقا غير مئوثر ٿي چڪا آهن. شاعري ۽ تقريرن جي نشست کانپوء منور ابڙو، صدر الدين شاهه ۽ جمال الدين فقير سنڌ جي روايتي صوفياڻي شاعري ۽ صوفياڻا ڪلام پيش ڪري محفل کي جهومائيندا رهيا.

    عوامي جمهوري پارٽي پاران سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاء 16 مارچ کان سکر ۽ لاڙڪاڻي مان جيڪو پيدل تعليمي مارچ شروع ڪيو هو 36 ڏينهن کانپوءِ لڳ ڀڳ پنج سئو ڪلوميٽرن جو مفاصلو پيدل جهاڳي، پير پٿون ڪري 19 مارچ تي سنڌ اسيمبلي ڪراچي پهتو ۽ اسيمبلي سامهون ڌرڻو هنيو. هن مارچ ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو هڪ وڏو تعداد شامل هيو جن ۾ عورتون، ٻار، نوجوان، بزرگ، سنڌ جا سياسي سماجي اڳواڻ شامل هيا. هن مارچ جو مقصد ۽ مطالبا ڪي سياسي نه هئا پر سنڌ جي شعور ۽ سنڌ جي تعليم جي سڌاري جا هئا. اسيمبلي پهچي وفد اسيمبلي اندر ياداشت پيش ڪئي. اهم مطالبو اهو هيو ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري بند پيل اسڪول کوليا وڃن، ڪاپي ڪلچر کي روڪيو وڃي، ميرٽ تي استادن جون ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ هر سال هر ضلعي ۾ هڪ ماڊل اسڪول قائم ڪري سڀني استادن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پنهنجون ذميواريون صحيح نموني سان پوريون ڪن. حيرت ته اها به ٿي ته دهشتگردن سان هر وقت ڳالهين لاء تيار رهندڙ ۽ جمهوريت جا دعويدار سنڌي حڪمران هن مارچ جي منتظمين سان ملڻ به نه آيا ۽ نه ئي هن احتجاج جو ڪو اثر ورتن. حيف ته بلاول ڀٽو تي به ٿي رهيو آهي جو هر وقت ٽئيٽ ڪندڙ پ پ پ چيئرمين هن اهم معاملي تي ڇو خاموش آهي.

    هن هفتي انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پنجين سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي سندس خوب پذيرائي ٿي. سنڌ سلامت اهو واحد سنڌي فورم آهي جيڪو سڀني سنڌين کي پنهنجي راء جي هڪجهڙي آزادي ڏيڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي ۾ ڪوشان آهي. سنڌ سلامت تي اسلامي معلومات، سياسي ۽ سماجي خبرن، انٽرٽينمينٽ سان گڏ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڄاڻ، ڪمپيوٽر جي مسئلن بابت مختلف ليک ۽ ترڪيبون هر وقت مهيا ڪيون وڃن ٿيون. نه صرف اهو پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر هن وقت سنڌي ٻوليء جي سڀ کان وڏي ڊجيٽل لائبريري بڻجي ويو آهي جنهن تي هر موضوع تي ڪيترائي سنڌي ڪتاب آنلائين پڙهڻ لاء موجود آهن. سنڌ سلامت سنڌي سرچ انجڻ، سنڌي ڪي بورڊ، بلاگنگ جي سنڌي ۾ سهوليت پيش ڪري رهيو آهي.

    سوشل ميڊيا جو ماحول ان وقت سڳوار بڻجي ويو جڏهن سينيئر صحافي حامد مير تي ڪراچي ۾ حملي ۽ سانگي وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ چاليهه ماڻهن جي مري وڃڻ واريون خبرون ۽ تصويرون شيئر ٿيون. سنڌ ۾ روڊ حادثن تي نه ته ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي نه ئي ان تي ڪا تحقيق ٿي رهي آهي ته هيڏن سارن حادثن جا ڪهڙا سبب آهن ۽ انهن کي ڪيئن گهٽائجي.

    روزانه عوامي آواز 22 اپريل 2014

    ___
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو