زمين سان ملندڙ جلندڙ سيارو دريافت جنهن تي ايلينز به موجود آهن

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ماهرين فلڪيات دعوا ڪئي آهي ته انن زندگي سان ڀرپور هڪ سيارو ڳوليو آهي ۽ هي به چيو آهي ته ان جي ماپ زمين جي برابر آهي محول ۽ زندگي جي لاءِ معاون آهي ۽ انن کي ان ڳالهه جو به يقين آهي ته ان سياري تي خلائي مخلوق ايلينز به موجود ٿي سگهن ٿا جن سان هنن جو ٺڪرائو ٿي سگهي ٿو. آمريڪي ۽ عالمي ماهرين فلڪيات جي مطابق ان سياري جو نالو ڪيپلر 186 ايف رکيو آهي. خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته[​IMG]سال 2009 ۾ انن جي طرف کان خلا ۾ مڪليل طاقتور دوربين ان کان پهرين به ٽين اهڙن سيارن جو پتو لڳايو هو جيڪي زمين سان ملندڙ جلندڙ هئا. برطانوي جريدي ڊيلي ايڪسپريس جو چوڻ آهي ته سائنسدانن تازاه دريافت سياري تي پاڻي جي موجودگي جي دعوا ڪئي آهي جيڪو زندگي جي موجودگي جو هڪ روشن ثبوت آهي جڏهن ته ماهرين جو چوڻ آهي ان سياري جو درجه حرارت ۽ ٻيو ماحولياتي عمل به زمين جهڙو آهي. پر سياري تي خلائي مخلوق جي موجودگي کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي .

    برطانوي صحافي جوناٿن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي سالن کان فلڪياتي ماهرين اهڙي ڪوشش ۾ مصروف هئا ڪهڙي نه ڪهڙي جاءِ تي ضرور زمين جهڙو سيارو موجود هوندو ۽ اتي زندگي به هوندي. ڪيپلر 186 ايف سياري جو زمين کان فاصلو زمين 490 نوري سال آهي. ناسا ايمس ريسرچ سينٽر سيٽي انسٽيٽيوٽ سان لڳاپيل سائنسدانن سرخيل ايلي ساکوانٽانا پنهنجي ساٿي ماهيرين فلڪيات سان ملي ڪري ان باري ۾ وڌيڪ تحقيق جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ڪيپلر 186 ايف موڪليل معلومات سان علم ٿيو آهي ته ان سياري تي جيت ۽ پاڻي موجود آهن جيڪي زندگي جو هڪ اهم جزو آهي. ان حوالي سان هڪ آمريڪي سائنسدان جو چوڻ آهي ته ڪيپلر دوربين کي خلا ۾ موڪلڻ پهرين ڪوشش هوئي ۽ زمين سان ملندڙ جلندڙ سيارن جي باري ۾ پتو لڳائڻو هو 590 ملين ڊالرس جي ماليت جي دوربين اسان جي نظام شمسي ۾ موجود هڪ لک اهڙي تارن ۾ نظر لڳائي ويٺل آهي جن جي باري ۾ هي يقين ڪيو وڃي ٿو ته انن جي آسي پاسي سيارا موجود آهن.

    سال 2013 ۾ ان دوربين جي مدد سان سائنسدانن ۽ ماهرن فلڪيات گهٽ ۾ گھٽ ٽي اهڙا سيارا دريافت ڪيا هئا جن کي زمين جي مقابل سير ارتهه قرار ڏنو ويو هو. ۽ ان خيال جو اظهار به ڪيو ويو هو ته هي ٽئي سيارا سج جي دائري ۾ هڪ مخصوص دائري ۾ گردش ڪري رهيا آهن.

    آمريڪي خلائي تحقيقي مرڪز جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ٽئي سيارا زمين کان 30 40 ۽ 70 فيصد وڏا آهن ۽ هتي زندگي جا آسار نظر اچن ٿا.

    ن[​IMG]اسا ايمس ريسرچ سنٽر سيٽي انسٽيٽيوٽ سان لڳاپيل سائنسدان ايلي ساکو انٽانا جو چوڻ آهي ته سائنسدان ۽ ماهرين فلڪيات جو هڪ گروپ غور و فڪر ڪري رهيو آهي ته ڪيپلر سياري تي موجود خلائي مخلوق جي زندگي گهڙي هوندي؟ ڇا انسان انهي مخلوق سان ايندڙ وقت ۾ ربطو ڪري سگهندو؟ هڪ معروف سائنسدان ۽ ماهر فلڪيات جي ٽيم ۾ شامل ڊڪٽر اسٽيوهوويل جو چوڻ هو هڪ زبردست دريافت آهي هن دريافت ٿيل سياري تي پاڻي موجود آهي يقنن زندگي موجود هوندي. زندگي جي موجودگي جو هڪ اهڙو ثبوت آهي جنهن کي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي اسان کي اميد آهي ته ان پاڻي تي گذارو ڪرڻ واري مخلوق جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي ويندي.

    [​IMG]




    http://bit.ly/1i6zY8w
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مهوش شيخ

    مهوش شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    سٺي انفارميسن ادا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائنسدان پنهنجي ڪم کي سهڻي نموني پيا ڪن ... پر اهڙو سيارو جنهن تي زمين وانگر رهي سگهجي اڃان شايد ڪاميابي ناهي ملي .... ڏسجي ته هي خبر ڪٿي ٿي دنگ ڪري.

    اپڊيٽ لاء قرب
     
  4. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن انساني محنتن سان اهو سڀ ڪجھ ممڪن هوندو جيڪو هن وقت اسان کي ناممڪن نظر پيو اچي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو