غزل

شيرين

سينيئر رڪن
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾

ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾

پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آ اڄ ڇا رکيو آ سڀاڻ ۾

نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪارو وان وقت نا مهربان ۾

ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾

وري جي ولوڙن منجهائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾

هو هالار جا پٽ هوُ مياڻي هوُ ٽلٽي
اسان جيون نشانيون سڄي گلستان ۾

اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾

ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾

ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجي آجيان ۾
حليم باغي
 
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾
سدائين نشان تي سدا امتحان ۾

ڪڏهن آنڌي الڙي ڪڏهن ڪڙڪي بجلي
ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾

پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا
هليو آ اڄ ڇا رکيو آ سڀاڻ ۾

نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ
ڪٿي ڪارو وان وقت نا مهربان ۾

ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگه مورک
اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾

وري جي ولوڙن منجهائي رکيو آ
غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾

هو هالار جا پٽ هوُ مياڻي هوُ ٽلٽي
اسان جيون نشانيون سڄي گلستان ۾

اهي ئي ڪٽارا اهي ئي الارا
اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾

ستارا نه چوندا ڇا تون نه ايندين
اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾

ٻه ٽي گيت واريم ٻه ٽي ديپ ٻاريم
ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجي آجيان ۾
حليم باغي

واه واه ! منهنجي پسند جو شعر ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top