مختلف ۽ يگانو ڪيئن ٿجي(Part 1)

'مقالا' فورم ۾ ماجد قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2014۔

  1. ماجد قريشي

    ماجد قريشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 فيبروري 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    توهان جي ذهن ۾اهو پهريون ڪنهن جو مثال اچي ٿو، جنهن وقت توهان ڪنهن جي باري ۾ سوچو ٿا ته هن دنيا کان ڪجهه الڳ ڪري ڏيکاريو آهي؟ ڇا هو اسٽيوجاب آ، يا بلگيٽ يا وري وارن بفيٽ. ڪا ڳالهه ناهي ته اهو ڪهڙو به ماڻهو آ پر مونکي يقين آهي ته اهو، اهو هوندو جنهن زندگي ۾ ڪجهه عظيم ڪري ڏيکاريو هوندو، ڪجهه اهو، جيڪو ڪافي عام ماڻهو ڪڏهن به نه ڪندا آهن.
    ڪجهه ماڻهو وري اهو سمجهندا آهن ته اگر ڪجهه ڪري ڏيکارڻو آهي ته اها آهي صرف دولت ڪمائڻ،جيڪو هر گز سچ ناهي، گانڌي هڪ مثال آهي جنهن جو دولت گڏ ڪرڻ مقصد نه هو.
    ان ڳالهه جو اهو به هر گز مقصد ناهي ته دولت هجڻ ڪا خراب ڳالهه آهي جي توهان ان کي پنهنجو گول ڪيو، وارن بفيٽ هڪ عظيم مثال بڻجي ويو آهي دولت ڪمائڻ وارن لا.
    ڳالهه صرف اها آهي ته توهان ڇا ۾ اعتبار ڪيو ٿا ته توهان لا ڇا اهم آهي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته ڪابه هڪ ڊيفينيشن نه آهي عظيم ٿي وڃڻ جي پرهڪ عام ڳالهه جيڪاانهن سڀني ۾ ڏٺي وڃي ٿي، اها آهي ڪجهه اهو ڪرڻ، جيڪو عام ماڻهو ڪرڻ جي همٿ نٿورکي.
    هاڻي اچو ته هڪ پل لا ان سڀني عظيم ماڻهن کي ڇڏي هڪ طرف پاڻ ڏانهن موٽون.
    مونکي يقين آهي ته توهان جا به ڪي زندگي ۾ ڪجهه ٿيڻ جا وڏا مقصد هوندا پر ماڻهن هميشه اوهان کي نا اميد ڪيو هوندو ۽ ورغلايو هوندو.
    هاڻي ان ڳالهه کي ٿورو دليلي طور تي وٺو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي توهان کي ورغلائي ۽ نا همٿائي رهيا آهن ڇا اهي پاڻ مختلف،يگانه۽ عظيم آهن؟ نه اهي صرف هڪ ميڙ وانگر آهن. عظيم نه.
    پو توهان اهڙن ماڻهن جي ڳالهه کي وزن ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو يگانه،مختلف ۽ عظيم ڪيئن ٿيندا آهن؟ ڇا ڪاڻ ته اهي هيٺ ڏنل ڳالهين تحت عمل ڪري رهيا هوندا آهن.
    (1) (اهي عام ماڻهن جي نه ٻڌندا آهن): عام ماڻهو ٻين ماڻهن کي به نا همٿائيندا آهن ان ڪري ته هو ان کي به پاڻ جهڙو هڪ ٻيو عام ماڻهو ڪري ڇڏين. هر عظيم ماڻهو پنهجي زندگي جي هڪ موڙ تي ان ڳالهه کي تسليم ڪندو آهي ته عام ماڻهو جي نقش قدم تي عمل ڪري اهو صرف هڪ عام ماڻهوئي ٿي سگهي ٿو.
    (2) (اهي ڌڪار کي به ڀليڪار چوندا آهن): مان ڪوڙ ڳالهائي رهيو هوندم اگر مان ائين چوان ته ڪاميابي ڏاڍي سولي نموني سان ايندي آهي ۽ توهان کي ڪابه تڪليف نه ايندي. هر گز نه، توهان کي ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي جيسيتائين توهان ڪيترن ئي مشڪلن سان منهن نٿا ڏيو.جيڪڏهن توهان انهن مشڪلن سان منهن ڏيڻ لا تيار ناهيو ته پو توهان کي وڏي پريشر کي منهن ڏيڻو پوندو. ڳالهه اهيا نه آهي ته توهان ڪيترو تيز ڌڪ هڻي سگهو ٿا پر ڳالهه اهيا آهي ته توهان ڪيتر تيز ڌڪ کڻي (برداشت ڪري) سگهو ٿا.
    (نوٽ: هن آرٽيڪل جو ٻيو حصو جاري رهندو ٻي تحرير ۾)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻيو حصو به هتي ئي لکجو جيئن ڪا راء به ڏئي سگهجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو