Sindhi Media
سينيئر رڪن
ها ڙي بد بخت اولادَ !
(نئين نسل تي هڪ چُڀندڙ اسڪرين سيريل پلي)
تحرير ، مُڪالما ۽ منظر ڪشي
عبدالرزاق ميمڻ
اولاد کي والدين جي مُستقبل جو سرمايو چئجي ٿو ! شايد صحيح ٿو چيو وڃي ڇو جو سرمايو ڪڏنهن ڪڏنهن ٻُڏي به ويندو آهي ۽ ائين ٿو ٻُڏي جو خود سرماياڪار به اُن سان گڏ غرق ٿي وڃي ٿو. اسان جي ڀوتار ازم ۽ وڏيري شاهي ۾ به اهڙي سرمائي جي عڪاسي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هي اهڙي ئي بي حسي ۽ سفاڪي جي عڪاس هڪ عبرت آموز ڪهاڻي آهي.
رياض علي شاه کي تمام گهڻي نگهداشت ۽ ڪيئر جي ضرورت هُئي پر کيس علائقي جي اهڙي سرڪاري اسپتال جي آءِ. سي. يو ۾ منتقل نٿي پئي ڪري سهگيو ويوجنهن جي وارڊ جي مختلف بيڊس تي عام ماڻهون ليٽيل هُجن.
۽ ڇو جو هو هڪ عام ماڻهون ڪونه هو !
تمام تيزي ۽ جانفشانيءَ سان سمورا جان بچائيندڙ سرڪاري انسٽريومينٽس سرڪاري اسپتال مان شفٽ ٿي پرائيويٽ اسپتال جي وي. آءِ. پي روم ۾ پُهچايا ويا هُئا ۽ جڏنهن اسپتال جو مالڪ خود به اُتي موجود هُجي ته سستي ڪرڻ جي بيوقوفي ڪير ڪري ٿي سگهيو جڏنهن ته رياض علي شاه جو هو گهرو دوست به هو ۽ سند دوستيءَ جي عمر به هاڻ اڌ صديءَ کان وڌ هُئي.
ٽي اسپيشلسٽ ڪمري ۾ موجود رهُيا. جن ٻن جونيئر ڊاڪٽرن ۽ چئن پيرا ميڊڪس جي ڪم جي نگراني ڪئي. هڪ جديد ڊجيٽل مانيٽر کي رياض جي جسم سان جوڙيو ويو هو ، سنس سيني، ٻانهن، ٽنگن تي مختلف رنگن جي تارن سان اليڪٽروڊ لڳايا ويا هُئا ۽ مانيٽر تي روشن لهرون ۽ انگ جسم جي مختلف حصن جي پوزيشن کي واضح ڪري رهيا هُئا. جهڙوڪ بلڊ پريشر ، دل جي ڌڙڪڻ ۽ نسن ۾ ڦرندڙ رت جي رفتار ..... مسلسل حرڪت ڪندڙ روشني زگ زيگ ليڪن سان دل جي چئني خانن جي ڪارگردگيءَ جي صحيح هُئڻ جي خبر ڏيندي رهي.
مٿي کان آڪسيجن جي فراهميءَ جو به انتظام ٿيل هو ۽ هڪ شفاف ٽيوب سان ڳنڍيل ماسڪ رياض علي شاه جي هيٺئين اڌ حصي کي ڪور ڪري رهيو هو. خالص آڪسيجن هر ساهه سان ڊائريڪٽ سنس خون ۾ شامل پئي ٿي ، سنس کاٻي ۽ ساڄي ٻانهن تي ڊرپ لڳائي وئي هُئي هڪ مان رت پئي مُنتقل ٿيو ته ٻئي مان گلوڪوز ۾ گهربل جان بچائڻ واريون دوائون انجڪٽ ڪيو ويون هُيون.
احتياطي تدبيرُن تحت هڪ ڊاياليسس مشين به گُردن سان جوڙي خاموشيءَ سان رت صاف ڪرڻ جي عمل ۾ مشغول هُئي ۽ اهڙيون ئي ٻيون گهڻيون مشينون اسٽِنڊ باءِ انتظام تحت پُهچايون ويون هُيو ته متان لڳل مشينن ۾ ڪا فني خرابي نه ٿئي ته ٻي مشين خود به خود ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏي. اهڙيءَ طرح مصنوعي ساهه کڻڻ جون ٻه مشينون به ُيون جن کي فولادي ڦڦڙ يا (آئرن لنگس) چيو وڃي ٿو. هڪ مشين بند دل جي حرڪت کي بجليءَ جا جهٽڪا ڏئي چالو ڪرڻ لاءِ هُئي. چئني پاسن کان لڳل انهن مشينن ۽ اُنهن جي هلڻ جي گونج، ٿُلهن، ڪارن ۽ اڇن ۽ نسبتن سنهڙن ڳاڙهي، بِلُو، ڦڪي تارن، گهڻن سوئچن ۽ ريڊنگ ڊائلن ۽ ٽيوبن جي وچ ۾ جڪڙيل ۽ ويڙهيل رياض علي شاه جو مختصر وُجود ائين پئي لڳو جيئن موت جي لشڪر جرار سان محصور ڪو واريءَ جون زبون حال قلعو ارون ڪوٽ.
اُتي موجود فارين ڪئاليفائيڊ اسپيشلسٽ، معاون ڊاڪٽر ۽ نرسون جيوڙن کان پاڪ اڇن لباسن ۾، جذبات کان عاري چهرن سان رياض علي شاه جي زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا ۽ هاڻ سندن ڏينهن کان معمول هو. نه هو ڪنهنجي هار تي نارضگي ظاهر ڪري رهيا هُئا ۽ نه ئي ڪنهنجي کٽ تي خوشيءَ جو اظهار ! انهن لاءِ اهو عمل ائين هو جيئن ڊرائيونگ ڪرڻ. هو پنهنجي مهارت ضرور استعمال ڪندا هُئا پر ڪڏنهن به خوف ۾ مُبتلا نه رهندا هُئا ته هو پنهنجي يا ٻئي ڪنهنجي غلطيءَ سان حادثي ۾ مري ويندو يا بچي ويندو. هو پنهنجي ڪم دواران مُسڪرائيندا رهندا هُئا ۽ ڳالهيون به ڪندا رهندا هُئا ۽ نرسن سان فحش مذاقون به... پر هن وقت هو تشويش ۾ پاڻ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هُئا.
ڇو جو رياض علي شاه ڪو عام ماڻهون ڪونه هو. هُن جي عمر 83 سال هُئي ۽ هو اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر ابراهيم جو تمام عزيز ۽ پراڻو دوست هو. اهو ئي سبب هو جو ابراهيم اُتي علاج جي هر مرحلي جي نگرانيءَ لاءِ بيٺو هو اهو ئي سبب هو جو ڪير به ڪوتاهي نٿي ڪري سگهيو ۽ اهي سڀئي پوريءَ طرح سان الرٽ هُئا.
ڪمري ۾ فينائل، اسپرٽ، روم فريشنر ۽ دوائن جي ملي جُليل خوشبوءِ رچيل هُئي. ڊاڪٽر ته انهن خوشبوئن جا عادي هُئا پر ڪمري ۾ موجود ٻين ماڻهن کي ائين پئي محسوس ٿيو جيئن انهيءَ خوشبوءِ سان موت جي خوشبوءِ ايندي هُجي جنهن خوشبوءِ ۾ ڪفن ۾ وڌل عطر، مُشڪ، ۽ ڪافور، گلاب جو پاڻي ۽ اگربتين جي دونهن جون دلگير خوشبوءِ به شامل هُجن. اُهي اُداس ۽ سوگوار ڏسجندڙ چهرا هڪ سواليا نشان بڻجي پنڊ پهڻ ٿي بيٺا ته هُئا پر ڪڏنهن ڪڏنهن هڪ ٻئي کان نظرون بچائيندي هڪ ٻئي کي به ڏسي وٺندا هُئا ته اُنهن جي اکين ۾ هڪ پُر اُميد مُسڪراهٽ جي جهلڪ نمايان هوندي هُئي ۽ خاموش نظرن سان هڪ ٻئي کي پيغام ڏئي رهيا هُئا ته مُبارڪون هُجن اڄ بابا جي ۽ اسانجي مشڪل آسان ٿي رهي آهي ۽ هو موت جي فرشتي جي آهٽ ٻُڌي رهيو هو.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: