Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ (ساوا) ۽ مهراڻ ويلفيئر ايسوسيئشن پي.آءَ.اي (مواپ) پنهنجن سنڌي شهيد ليڊرن کي سلامِ عقيدت پيش ڪري ٿي.
منجانب : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ
نيٽ جرنلسٽ، ايڪٽر، ليکڪ ۽ سنڌي ميڊيا ڊائريڪٽر
اسٽيبلشمنٽ، ظالم ڊڪٽيٽرن،سامراج۽مُلڪ دُشمن عنصرن ، اُنهن جا هر رُوپ ۾ مڙئي خريد ڪيل ڇاڙتا بشمول پيلي صحافت جا پيروڪار، پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي شهيدن جو مُسلسل عدالتي ۽ اسلحي جي طاقت سان قتل عام ڪندا پيا اچن. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو، شهيد شاهنواز ڀُٽو، شهيد مُرتضا ڀُٽو ۽ مُحترمه شهيد بي نظير ڀُٽو ، امڙ نُصرت ڀُٽو ۽ ڪئين سنڌي جانثار ۽ جيالا اُنهن جي کُلي ڪيل ظلم جا نشان بڻيا ته به هُنن جي هانءَ تي اڃا ڇنڊو ناهي پيو ۽ هو سنڌ جي مير صادقن ۽ مير جعفرن (پوءِ ڍايا وڏيرن، ڪامورن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، رئيسن جيڪي هميشه اسٽيبلشمينٽ جي پاڇي ۾ پليا ۽ اڃا به پلجن پيا) سان ملي اڃا به غريب ۽ مظلوم عوام کي بيوقوف ٺاهي ، سندن بنيادي حقن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ۽ پُٺئين دروازن کان مُنافقانا انداز ۾ جھموريت ۾ گھُسي، جھموريت کي اندران نقصان رسائڻ جي تيارين ۽ وڌيڪ مظلوم سنڌين کي شهيد ڪرڻ جو پلان پيا تيار ڪن ۽ گھڻيون پارٽيون ٺاهي سنڌين ۾ وڇوٽيون پيا وجھن، جيئن سنڌي قوم کي هڪ هڪ ڪري عبرت جو نشانون بڻائين، جيڪا سندن ڇهن ستن ڏهائين کان خواهش رهي آهي ۽ هو ڀُٽو فوبيا ۾ مُبتلا آهن. اُنهن شهيدن ۽ اُن جي پيروڪارن خلاف کڏون پيا کوٽين.
انهن ،جن بغير جنگ ۽ قتل جي هڪ نئين پاڪستان جي تعمير ڪئي، اُنهن جن پاڪستان کي 1973 جو آئين ڏنو، اُنهن جن مُلڪ کي ائٽمي ۽ ميزائل قوت ڏني، اُنهن جن هڪ لک جنگي قيدي آزاد ڪرايا، اُنهن جن وڃايل پاڪستان جا حصا ڳالهه ٻولهه ذريعي هندستان کان واپس ورتا، اُنهن جن اين ايف سي ايوارڊ ڏنو، اُنهن جن مظلوم صوبن جي داد رسي ڪئي آ ۽ اڳتي به هلي ڪندا، اُنهن جن عوام مُفاد خاطر آئني ترميمون انتهائي مُخالف ۽ عدالتي پريشر باوجود ڪرايون، ۽ صرف جھمورت دُشمنن جي فائدي لاءِ نه ڪيون ۽ اُنهن کي سياسي شڪست ڏئي وري هڪ پليٽ فارم تي ويهڻ تي مجبور ڪيو، اُهي جيڪي غريبن جي نظر ۾ صرف ۽ صرف پاڪستان جي حقيقي ۽ جھموري قوت آهن، اُهي جيالا ۽ جانثار ۽ عريب عوام ،جيڪي اڃا به شهادت ماڻڻ ۽ وڌيڪ سارشن جي انتظار ۾ آهن جيڪا جھمورت جي دُشمنن طرفان ٿيڻي آهي ۽ ڪنهن به رُوپ ۾ اچي سگھي ٿي. ڇو جو چالاڪ ۽ شاطر دُشمن هر قسم جو وار ڪري سگھي ٿو ۽ ڪندو اچي.
سلام عقيدت اهڙن ورڪرن، جيالن ۽ جانثارن کي جيڪي چون : ظلم به رهي ۽ امن به هُجي ڇا اهو مُمڪن اهي؟ ۽ پوءَ به شهادت لاءِ ڪفن ٻڌي ميدان تي لٿل آهن، چوندا وتن ... ظالمئو! ڪيترا ڀُٽو ماريندئو ، گھر گھر مان ڀُٽو نڪرندو.
فيس بوڪ تي وڊيو
4 اپريل، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو کي سلامِ عقيدت