اسڪول کان موڪل وقت جڏنهن هو بس ۾ چڙهي واپس گهر پئي آيو ته هو ٻانهن ۾ ٻڌل واچ کي هر هر ڏسي رهيو هو. ڀرسان ويٺل هڪ مسافر کان رهيو نه ٿيو ۽ آخر هُو ٽوڪ خاطر شاگرد کان پُڇڻ لڳو مسافر : پُٽ ! ڇا اها واچ واقعي ٽائيم ٻُڌائي به ٿي ! شاگرد : (معصوميت سان) جي نه سر ! ٽائيم ٻُڌائي ڪانه ٿي ! پر ٽائيم کي ڏسڻو پوندو آهي !