• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻُهارو وٺو ٻُهارو !

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هوڪي ڏيڻ وارو گهٽي ۾ هوڪو ڏيڻ لڳو
هوڪو : ٻُهارو ! وٺو ٻُهارو!
ڪا عورت گهر جي در جي آڙ وٺي ٿورڙوکولي گهٽي جو منظر ڏسي رهي هُئي ته کيس ڏسي هوڪي وارو
هوڪي وارو : سائڻ ٻهارو ڏيان ! تمام سُٺو گهڙيل آهي !
عورت : آهي ٻُهارو مون وٽ ! اڃا ضرورت ڪانهين !
هوڪي وارو : وٺي رکو ڪم ايندو ! آئون هتي گهٽ ايندو آهيان !
عورت : مٿو ڇو ٿو کائين ! چيم نه !
ٻهاري وارو وڃڻ لڳي ٿو ته عورت ڪُجهه سوچي وري کيس سڏ ڪري ٿي
عورت : او ٻهاري وارا !
هوڪي وارو : (خوش ٿي ويجهو اچي) جي سائڻ گهڻان ڏيان !
عورت : (اڻ ٻُڌڌو ڪري) هي پاڙي وارو گهر جو در ٺڙڪا ! پڪ سان کين ٻُهارو کپندو ! ڇو جو آئون انهن جو ئي ٻُهارو استعمال پئي ڪريان.
 
Back
Top