اپريل فول جو هڪ پس منظر جنهنڪري اهو ڏينهن ملهاڻ جو بُنياد پيو تاريخ اسلام ۾ اپريل فول جو ڏينهن هڪ تلخ ياد سان به وابسطا آهي. اسپين تي عيسائين جي ٻيهر قبضي کان پو عياسين مُسمانن جون رت سان ننديون وهائي ڇڏيون هُيون. اسپين ۾ مسلمانن جي مُڪمل ۽ جلد خاتمي لا بادشاه فرڊي ننڊ اعلان ڪيو ته اسپين ۾ مُسلمانن جي هاڻ جان محفوظ ڪانهين ان ڪري اسان سندن ڪنهن اسلامي مُلڪ ۾ رواني ٿيڻ جو بندوبست پيا ڪريون. جيڪو مُسلمان خراب حالتُن ڪري اسپين ڇڏي ڪنهنن مُسلم رياست ۾ وڃڻ چاهي ته اسپين جي حڪومت انهن کي بحري جهاز ذريعي اوڏانهن موڪلي سگهي ٿي. هزارين مُسلمان اسلامي مُلڪ شفٽ ٿيڻ لا تيار ٿي ويا ۽ کين جانورن وانگر اُن بحري جهاز ۾ لڏيو ويو. جڏنهن اهو جهاز وچ سمنڊ ۾ پُهتو ته فرڊي ننڊ جي چيلن ان جهاز ۾ بارود وجهي سوراخ ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ حفاظتي ٻيڙين وسيلي بچي نڪتا. لمحن ۾ سمورو جهاز سڀني مُسافرن سميعت غرق ٿي ويو. عيساين طرفان بادشاه فرڊي ننڊ، اسپين مان نڪرندڙ مُسلمانن کي جهڙي طرح بيوقوف بڻائي اسپين مان ٻاهر ڪڍيو هو ته کيس ان تي گهڻو داد ڏنو ويو ۽ اُهو ڏينهن پهرئين اپريل جو هو. تڏنهن کان اپريل فول جو بُنياد پيو!