• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

38 سالن جي عمر ۾ شادي 39 سالن جي عمر ۾ وفات زندگي ۾ ڪُل ٻار ٿيندا 16

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ دوست اڪرم ٻئي دوست اصغر کان پُڇيو! يار مان هڪ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان ! ڇا سندس مائٽ رضامند ٿيندا ؟
اصغر : ڪنهن نجومي کان وڃ پُڇ ! اُهو توکي ٻُڌائيندو ته تُهنجي زندگي ۾ ڪيتريون خواريون آهن !
ٻئي عبدالله شاه غازي جي مزار وٽ ويٺل نجومين ڏي وڃن ٿا
نجومي : (هٿ ڏسي) ابا آئون توکي ڪوڙي اُميد نٿو ڏيارڻ چاهيان ! مُهنجو علم ٿو چوي ته تُهنجي شادي وڃي 38 سالن جو ٿيندي ته ٿيندي ! ۽ لڪيرون ٻُڌائين ٿيون ته 39 سالن جي عمر ۾ تُهنجي وفات ٿي ويندي ۽ توکي 16 ٻار ٿيندا !
اڪرم : (ناراض ٿي) مٿو اچي ڦريو اٿئي فقير ! ڪوڙ جي به ڪا حد هوندي آ ! ڀلا سال ۾ 16 ٻار ڪيئن ٿيندا !
نجومي : ابا ! مونتي ڇو ٿو ناراض ٿين ! آئون ته هٿ جي ليڪن ۾ جيڪو لکيل آهي سو ٿو ٻُڌايان ! ڀلا هي هٿ ڏي !
اڪرم ٻيو هٿ ڏيکاريس ٿو !
نجومي : ڏٺئي ! ابا هٿ ٻُڌائي ٿو ته جنهن عورت سان تُهنجي شادي ٿيندي اُها هڪ بيواهه هوندي ۽ کيس پهرئين مُڙس مان 16 ٻارن جي لانڍ هوندي !
نوٽ : حديث ۾ اچي ٿو جنهن پنهنجو هٿ نجومي کي ڏيکاريو اُن جي 40 ڏينهن نماز ڪانه ٿيندي سو مهرباني ڪري اهڙي غير اسلامي عمل کان پاسو ڪجو جو ڳُجهه جو علم الله ج کان سوا ڪنهن کي به ڪونهين (والله اعلم بثواب)
 
Back
Top