هائو ڀائو سچ ٿو چوين ! هاڻ گڏهن کي سوار ٿو ڪرڻو پوي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ ڊرائيور پنهنجي بس تمام آهستي پئي هلائي، ويٺندڙن کي پُهچڻ جي هُئي جلدي سو ڊرائيور سان تون تون ۾ ۾ ڪندا پئي هليا هڪ مُسافر کان رهيو ڪونه ٿيو ڊرائيور تي چٿرون ڪرڻ لڳو
مسافر : لڳي ٿو ڊرائيور صاحب پهرئين گڏهه گاڏي هلائيندو هو!
ڊرائيور : (ڪنڌ موڙي مُسافرن کي ڏسي) ها دوستو صحيح اندازو لڳايو اٿوَ ! پر هڪڙو فرق پيو آ ! اهو اُهو ته پهرئين گڏهه گاڏي هلائيندو هوس ! ۽ هاڻ گڏهن کي ويهاري سواري ڪرايان پيو !
 
Back
Top