• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خوش حال گهراڻو اُهو جنهن ۾ زال ۽ مڙس ۾ هن ريت پيار هُجي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هڪ مظلوم مُڙس پنهنجي دوست سان پنهنجي زال جي تعريف ڪندي فرمايو ته:
مُڙس : مُهنجي زال مون مان ڏاڍي خوش آهي ! ڇو جو پالڪ ڪٽي هو ٿي ڏي ! پچايان آئون ٿو ! پاڻي هو ٿي گرم ڪري ڏي ! ٿانوَ آئون ٿو ڌُئا !
دوست : واقعي !
مُڙس : ۽ رُڳو ايترو نه ادل بدل ڪم به ٿئي ٿو ! جهڙوڪ ڪار آئون ٿو ڌُئان ! هلائي هو ٿي ! ٽيليفون هو ٿي ڪري ! بل آئون ٿو ڏيان ! وڙهندي هو مونسان آهي ! پرچائيندو آئون آهيانس ! خبر اٿئي آخر ۾ هو ڪيڏي پيار ۽ مُحبت سان پُڇندي ڇا چوندي آهي !
دوست : ٻُڌا ! ٻُڌا !
دوست : چوندي آهي ...جان ! ٻيو ڪو ڪم هُجي ته حاضر آهيان ! آهي نه اسانجو خوشحال گهراڻو !
دوست : زبردست ! شال جڳ جهان جو به اهڙو خوشحال گهراڻو هُجي.
 
Back
Top