ڇوڪرو : ( ڪنهن ڇوڪري کي چٺي ٿو لکي ) مونکي توسان سچي مُحبت ٿي وئي آ ! پليز ڪنهن سان ذڪر نه ڪجئين ! جي تو انڪار ڪيو ته مايوسي ٿيندم ! ڇوڪري : (چٺي جو جواب لکندي) فاصلو تمام طويل آ ! نه ته توکي تُنهنجي مُحبت جو جواب مُحبت سان ملي وڃي ها ! پي : (پُٽ کي ڪنهن غلطي تي ماريندي) ٻچا مان توکي ان لا پيو ڪُٽيان جو توسان بي پناهه مُحبت اٿم ! پُٽ : (مار کائيندي) جي بابا سائين ! توهانجي پيار جو احساس اٿم ! ڪاش مان به ايڏو وڏو هُجان ها جو توهانجي مُحبت جو اظهار انهي مُحبت سان ڏئي سگهان ها!