Sindhi Media
سينيئر رڪن
هڪ ڳوٺ ۾ اتفاق سان ٻين مخالف سياسي ليڊرن ۾ گهڻي اڻ بڻت رهندي هئي ايستائين جو هڪ ٻئي جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ کان به ڪينه ڪيٻائيندا هُئا. ٻنهين جو هڪ وقت ساڳي سوڙهي گهٽي مان گُذرڻ ٿيو ٻئي گهٽي جي آمهون سامهون هُئا. صورتحال اهڙي اچي بيٺي جو جيسين ڪو هڪ ليڊر ٻئي کي پاسيرو ٿي رستو نه ڏي ٻئي جو گذرڻ ممڪن ئي ڪون هو. سوال اهو هو ته پهرئين ڪير هٽي رستو ڏي ڇو جو ٻئي پهرئين درجي جا ليڊر هُئا ۽ ڪو گهٽ نه پئي ٿيو. آخر ڪار ڪافي وقت هڪ ٻئي کي گهورڻ کان پو هڪ ليڊر پنهنجي مخالف ليڊر کي گهوري حقارت سان مخاطب ٿيو
آئون گڏهن کي پهرئين گزرڻ جو رستو ڪونه ڏيندو آهيان!
اهو ٻُڌي ٻيو ليڊر پاسي ٿي ويو ۽ نڪرڻ جي جڳهه ڏيندي هڪدم چوڻ لڳو
۽ آئون پهرئين گڏهن کي گُذرڻ ڏيندو آهيان !
آئون گڏهن کي پهرئين گزرڻ جو رستو ڪونه ڏيندو آهيان!
اهو ٻُڌي ٻيو ليڊر پاسي ٿي ويو ۽ نڪرڻ جي جڳهه ڏيندي هڪدم چوڻ لڳو
۽ آئون پهرئين گڏهن کي گُذرڻ ڏيندو آهيان !