• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ۽ عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءِ لڳهندڙ ادبي ۽ ثقافتي ميلو ( تجويزون ڏنيون وڃن)

شاهده سمون

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت ۽ عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءِ لڳهندڙ ادبي ۽ ثقافتي ميلو ( تجويزون ڏنيون وڃن)
جئين تہ ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ عمرڪوٽ پاران 7۽8 اپريل تي صرف عورتن لاءِ ادبي ۽ ثقافتي ميلو لڳايو پيو وڃي جنهن ۾ ادب ۽ ثقافت سان واسطو رکندڙ ادارن ۽ تنظيمن پاران اسٽال پڻ لڳايا پيا ويندا هن ميلي جو افتتاح صوبائي وزير سسئي پليجو ڪري رهي آهي ـ
اهم ڳالھ هي تہ سنڌ سلامت هن ميلي ۾ بہ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري رهيو آهي ڇوتہ ميلي ۾ سنڌ سلامت پڻ پنهنجو اسٽال لڳائي رهيو آهي ، اسٽال تي سنڌ سلامت طرفان تيار ڪيل ڪيلنڊرن کان علاوه ڪمپيوٽر ۽ پروجيڪٽر ذريعي سنڌ سلامت آن هوندو جت ٻن ڏينهن
تائين هر ماڻهون اتي جو اتي سنڌ سلامت جوائين ڪري ميمبر ٿي سگهي ٿو

وڌيڪ ڇا هئڻ گهرجي 6 اپريل تائين تجويزون ڏنيون وڃن
 
جواب: سنڌ سلامت ۽ عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءِ لڳهندڙ ادبي ۽ ثقافتي ميلو ( تجويزون ڏنيون وڃن)

ڀيڻ شاهده سمون، اوهانجون سنڌ سلامت جي واڌ لئه ڪيل ڪوششون انتهائي ساراهڻ جوڳيون آهي ۔۔۔ عورتن جي هن ميلي ۾ ڪيترائي خاندان ايندا ۽ انهن ۾ پڙهيل ڳڙهيل عورتن جو به موچارو انگ هوندو، سٺي ڳالهه آهي ته ان ميلي ۾ سنڌ سلامت جو اسٽال هجي ۔۔۔ منهنجي ذهن ۾ ڪجهه ڳالهيون آهن

1۔ اسٽال سنڌي ثقافت جو ڏيک ڏيندو هجي (ڪجهه اجرڪ، ڪجهه رلهيون ۽ ممڪن ٿي سهگي ته ڪنهنکان اڌاري ڏاند گاڏي (ڍڳي گاڏي) بنا ڍڳن جي بيهاري وڃي، يا وري ڪو هالا جون ڪرسيون يا جهولو هجي ته اهو به رکي سگهجي ٿو ۔۔۔ اسٽال تي موجود ڪجه ٻارڙا سنڌي وڳن سان سنواريل هجن ۔۔۔
2۔ جيئن اوهان چيو آهي ته ڪمپيوٽر ۽ پروجيڪٽر ذريعي تشريح ڪئي ويندي ۽ ميمبر شپ پڻ ۔۔۔
3۔ هينڊ بل جو موچارو انگ هجڻ کپي جنهن تي ڇپرايل ڪئلينڊر جي پوئين حصي تي موجود مواد هجڻ کپي، ته جيئن آيل مهمان پاڻ سان کڻي وڃن ( بيشڪ ڪاري اڇي ڇاپ سان هجي)
4۔ ڇپرايل ڪئلينڊر جون ڪجهه ڪاپيون، لاڳت واري قيمت ۾ کپايون وڃن ۽ ڪجهه تمام اهم شخصيتن کي مفت ۾ به ڏئي سگهجن ٿيون ۔۔۔( جي ادي رشيد وٽ ڪجهه ڪاپيون بچيون هجن ته)
5۔ بينر پڻ هجڻ ضروري آهي، جنهن تي پڻ سنڌ سلامت جو لوگو ۽ سنڌ سلامت جو مشن، جيڪو پڻ سنڌ سلامت ڪئلينڊر تان کڻي سگهجي ٿو (ننڍن ۽ مختصر جملن ۾)

ڀيڻ شاهده، وڌيڪ ته اوهان سرزمين تي موجود آهيو، حالتن، کيسي ۽ وسيعت آهر جيترو ڪري سگهو ۽ اوهانجي سوچ ۾ پڻ ڪو خاڪو ضرور هوندو، انکي پڻ استعمال ڪندا ۔۔۔ هي فورم ڪنهن شئي کي کپائڻ جو فورم ته آهي ڪونه، باقي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ جو فورم آهي سو جيترو ٿيو اوترو سٺو ۔۔۔

وڌيڪ هن فورم جا دوست به ڪجه خيال ڏيندا ۔۔۔ ممڪن ڪي ڪارائتا مشورا اچي وڃن ۔۔۔

رب العالمين اوهانکي ڪوسي واءُ کان بچائي ۔۔۔ آمين

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: سنڌ سلامت ۽ عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءِ لڳهندڙ ادبي ۽ ثقافتي ميلو ( تجويزون ڏنيون وڃن)

ادي ڀيڻ۔۔۔ توهان جي هي ڪاوش ڏاڍي بهترين ۽ ساراهه جوڳي آهي۔۔ باقي تجويز اها آهي ته اسٽال تي سنڌ سلامت جا ڪيلنڊر اڌ قيمت ۾ وڪري لاءِ رکيا وڃن۔۔
سنڌ سلامت تي انهيءَ ميلي جي ذريعي وزٽ ڪندڙ سنڌي عورت ميمبرن لاءِ ڀليڪار جو هڪ موضوع شروع ڪيو وڃي۔۔۔
۽ اتي جي صحافتي حلقن کي ان اسٽال جي باري ۾ اڳواٽ سٺي معلومات ڏجي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت ۽ عمرڪوٽ ۾ عورتن لاءِ لڳهندڙ ادبي ۽ ثقافتي ميلو ( تجويزون ڏنيون وڃن)

ادي شاهده سمون جي مهرباني ۔۔۔۔ ادي طرفان هن ميلي ۾ سنڌ سلامت طرفان تيار ڪرايل بينر جو هلڪو نظارو۔۔۔۔۔۔۔

1111111111111111.GIF
 
Back
Top