• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿري جي ٽيڪنالاجي جي آمد ۽ تازه معلومات

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ملڪ ۾ ٿري جي ۽ فورجي ٽيڪنالاجي جي نيلامي مڪمل ٿي چڪي آهي... ساٿين کي هن ٽيڪنالاجي کي ملڪ ۾ راون ٿيڻ تائين ٿيندڙ معلوماتي اپڊيٽ ڏيڻ لاءِ هڪ نئون سلسلو شروع ڪجي ٿو.. اميد ته ساٿي به هٿ ونڊائيندا...

***********​

آخر ٽيڪنالاجي جو باقائده آغاز ڪڏهن ٿيندو...؟

Samsug_H1.jpg

ان سوال جي جواب به ساٿين کي ٻڌائجي ته آزمائشي طور تقريبن هر نيٽ ورڪ ٿري جي سروس هلائي رهيو آهي... مان به پنهنجي موبائيل جي اسڪرين تي ڪڏهن ڪڏهن انگريزي اکر E بجائي H اڀرندي ڏسي ۽ رفتار ۾ اضافو محسوس ڪندي ان آزمائشي سروس مان فائدو وٺي رهيو آهيان... پر هن ٽيڪنالاجي جو باقائده آغاز ڪڏهن ٿيندو..؟ ان سوال جو جواب پي ٽي اي ڪالهه ڪجهه ان طرح سان ڏنو ته هڪ يا ٻن هفتن ۾ باقائده آغاز ٿي سگهندو .. جو هر ڪمپني نيلامي ۾ اعلانيل رقم جو 15 سيڪڙو مس ڏنو آهي... اميد ته باقي رقم هڪ هفتي ۾ ملي ويندي جنهن کان پوءِ لائسنس ڏيڻ جي تقريب جو اعلان ڪيو ويندو ... ۽ لائيسنس ملندي ئي ڪمپني ساڳي ئي ڏينهن ته پنهنجي سروس جو باقائده ڪمرشل آغاز ڪري سگهي ٿي...
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
زونگ ڪمپني جو ملڪ جي واحد فور جي ڪمپني جو اعزاز

زونگ جنهن کي اڳ سستا ڪال ريٽ ۽ سستا ايس ايم ايس ڏيندڙ ڪمپني طور سڃاتو ويندو هو.. ملڪ ۾ ٿري جي فورجي نيلامي ۾ ٿري جي سان گڏ فورجي ٽيڪنالاجي حاصل ڪندڙ ملڪ جي واحد ڪمپني جو اعزاز ملڻ تي هو بجا خوشي جو اظهار ڪري سگهي ٿي..
ان سان ڪمپني ملڪ ۾ وڌيڪ عزت حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ موبائيل يوزر ۾ پڻ مقبوليت حاصل ڪرڻ ڪامياب وئي آهي... پر سندن ڪالهه نظر مان گذريل هڪ اشتهار فرانسيسي ڪمپنجي جو نقل لڳو...

زونگ جو اشتهار

Zong_Print_AD.jpg



فرانسيسي ڪمپني جو اشتهار

banniere-salon-auto-2014.jpg


فرانسيسي ڪمپني جي سائيٽ
 
3g-home.jpg

يوفون ٿري جي کٽي پهريائين ئي انٽرنيٽ جا پيڪيج متعارف ڪرائي چڏيا آهن.جيڪي سستا متعارف ڪرايا آهن.
بس صرف توهان پنهنجي موبائيل تان #3* ڊائيل ڪريو ۽ فري ۾ پيڪيج معلوم ڪريو.


424545d1398544293-scr000020.jpg
424546d1398544293-scr000021.jpg
424547d1398544293-scr000024.jpg
424548d1398544293-scr000025.jpg
424549d1398544293-scr000026.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ٽيلينار ۾ چيڪ ڪريو ته توهان جي علائقي ۾ ٿري جي موجود آهي يا نه ،ان لا هي نمبر ڊائيل ڪريو.#7799*.
ٽيلي نار جي ٿري جي سروس ملڪ جي چئن شهرن ۾ مفت هلي رهي آهي.
424394d1398346187-screenshot_2014-04-24-18-20-31.png


424395d1398346187-screenshot_2014-04-24-18-20-41.png


424396d1398346187-screenshot_2014-04-24-18-20-57.png
 
ڪمرشل طور اها سروس فيالحال پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ استعمال ۾ آندي ويندي جيڪا بعد ۾ ننڍن شهرن ڏانهن منتقل ڪئي ويندي.
 
3جي جي لائنس جي نلامي کان بعد تيزترين انٽرنيٽ جو انتظار ڪندڙ ڪسٽومرس ڪمپنن جي اعلان جا منتظر نظر اچي رهيا آهن. ته ٿي 3جي اچي.
3جي ڇا آهي ان حوالي سان توهان منهنجو پوسٽ ته ضرور پڙهي هوندي
پر 3جي اسان جي موبائيل ۾ ڪڏهن نظر ايندي ان لاءِ توهان هي پوسٽ پڙهو
3جي نيٽ ورڪ جي پوري طرح تبديل آهي ان لاءِ پهرين اسان کي پنهنجي موبائيل ۾ نيٽ ورڪ سليڪشن ۾ وڃي 3جي سليڪٽ ڪرڻو پوندو مثال طور جيڪڏهن اسان موبيلنڪ استمعال ڪري رهيان آهيو ته اسان پنهنجي موبائل جي نيٽ ورڪ سليڪشن ۾ وڃي موبيلنڪ 3جي چونڊ ڪرڻو پوندو..
هي اپشن اسان وٽ ان ڏينهن اپڊيٽ ٿيندو جڏهن اسان وٽ 3جي نيٽ ورڪ جا سنگنل موصول ٿيندا.
ڪنهن به ڪمپني جا ٿري جي سنگنل ڏسڻ لاءِ توهان نيٽ ورڪ جي اپشن کي استمعال ڪري سگهو ٿا
پر هن ٽائيم جي خبر مطابق 3جي صرف پاڪستان جي وڏن شهرن تائين محدود آهي.
پوري پاڪستان ۾ ڪوريج لاءِ هڪ سال لڳي سگهي ٿو.
ڪجهه ڪمپنيون پهرين کان تيار هيون اهي ڪوريج ڏئي سگهن ٿيون جن ۾ ٽيلي نار ۽ زونگ گذريل سال پنهنجا نيٽ ورڪ اپڊيٽ ڪرايا هئا جنهن جو ٽيڪو چئنا جي مشهور ڪمپي هوائي ورتو هو.
اسان جي ملڪ ۾ جيڪي موبائيل 3جي سپورٽ ڪندڙ آهن ان لاءِ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو
موبائيل 3جي سپورٽ
 
ٿري جي ڪيئن ايڪٽويٽ ڪجي....؟

جيڪڏهن توهان وٽ اينڊرائيڊ 4.3 ورزن آهي يا ان کان هيٺ ورزن هجي ۽ ان ۾ ٿري جي سپورٽيڊ هجي ته پو هيٺ ڏنل طريقي مطابق عمل ڪندا رهو.

پهريان سيٽنگ ۾ وڃو ۽ پو اتان “More” تي ڪلڪ ڪريو
Screenshots.jpg

هاڻي ان مان “Mobile Networks تي ڪلڪ ڪريو
Screenshots2.jpg

هاڻي ٻي اسڪرين مان توهان Network Mode تي ڪلڪ ڪريو
screen002.jpg

ان کان بعد ۾ هي اسڪرين ايندي ان مان WCDMA (preferred) / GSM کي سليڪٽ ڪريو
screen004.jpg

هاڻي توهان انجوا۽ ڪري سگهو ٿا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
نوڪيا آشا ۽ سيمبين ۾ ٿري جي ڪيئن ايڪٽويٽ ڪجي....؟

جيڪڏهن توهان وٽ نوڪيا سيمبين يا آشا موبائيل آ ۽ ان ۾ ٿري جي سپورٽيڊ ته پو هي طريقو يوز ڪري ٿري جي ايڪٽويٽ ڪري سگهو ٿا.
نوڪيا آشا ۾:سيٽنگ ۾ وڃي ڪري Device” کي سليڪٽ ڪريو.
پو Network Mode کي سليڪٽ ڪريو
ان کان بعد ۾ Dual Mode کي سليڪٽ ڪريو يا وري 3G جي کي.بس هاڻي توهان جي موبائيل ۾ ٿري جي ايڪٽويٽ ٿي وئي آ

نوڪيا سيمبين ۾ :نوڪيا سيمبين ۾ ٿري جي ايڪٽويٽ ڪرڻ لا هي طريقو فالو ڪريو.
پهريان Tools ۾ وڃي ڪري سيٽنگ کي سليڪٽ ڪريو
ان کان بعڊ ۾ Phone کي سليڪٽ ڪريو ۽ پو Network کي سليڪٽ ڪريو
وري Network Mode کي سليڪٽ ڪري پو Dual Mode کي سليلٽ ڪريو
هاڻي توهان جي فون ۾ ٿري جي ايڪٽويٽ ٿي ويندي.
 
يوفون ۾ چيڪ ڪريو ته توهان جي علائقي ۾ ٿري جي موجوڊ آهي يا نه
پنهنجي موبائيل تان هي ڪوڊ ڊائيل ڪريو.#3344*

۽ اهو به معلوم ڪري سگهو ٿا ته توهان جو موبائيل ٿري جي سپورٽيڊ آهي يا نه.....؟
ته پو 5544 تي 3جي لکي ايس ايم ڪري معلوم ڪري سگهو ٿا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سڄڻو ونڊ ته تمام ڀلي آهي پر مون پاري اڻڄاڻ لاءِ مونجهڪارا به ڏاڍا آهن. مثال طور مان نوڪيا 3310 استعمال ڪري رهيو آهيان. ڇا ان تي 3جي ۽ 4جي ، جي سهولت آهي ؟؟؟ جي آهي ته ڪيئن حاصل ڪجي ؟ يا وري 3جي ۽ 4جي جي سهولت لاءِ به ڪو خاص موبائيل سيٽ هئڻ گهرجي ؟؟؟ جي ها ته مهرباني ڪري انهن موبائيل سيٽ جا ڪي تفصيل به ڏيو ته مهرباني ٿيندي.
3جي ۽ 4جي ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟؟ 3جي ۽ 4جي سروس مان عام دوست ڪهڙو فائدو وٺي سگهي ٿو ؟
 
سڄڻو ونڊ ته تمام ڀلي آهي پر مون پاري اڻڄاڻ لاءِ مونجهڪارا به ڏاڍا آهن. مثال طور مان نوڪيا 3310 استعمال ڪري رهيو آهيان. ڇا ان تي 3جي ۽ 4جي ، جي سهولت آهي ؟؟؟ جي آهي ته ڪيئن حاصل ڪجي ؟ يا وري 3جي ۽ 4جي جي سهولت لاءِ به ڪو خاص موبائيل سيٽ هئڻ گهرجي ؟؟؟
يوفون ۾ چيڪ ڪريو ته توهان جي علائقي ۾ ٿري جي موجوڊ آهي يا نه
پنهنجي موبائيل تان هي ڪوڊ ڊائيل ڪريو.#3344*

۽ اهو به معلوم ڪري سگهو ٿا ته توهان جو موبائيل ٿري جي سپورٽيڊ آهي يا نه.....؟
ته پو 5544 تي خالي ايس ايم ڪري معلوم ڪري سگهو ٿا.
 
ٽيلي نار ۾ *7799# ملائي توهان پنهنجي ايريا ۾ 3 جي جي سپورٽ جي باري ۾ ڄاڻي سگهو ٿا..
 
مان هن وقت سکر ۾ آهيان، منهنجو موبائل سامسنگ گليڪسي ايس 2 آهي جنهن جو اينڊرائيڊ ورزن 4.4 آهي پر هت سکر ۾ مون کي ڪوشش ڪرڻ باوجود 3جي جو آبشن نظر نه ٿو اچي!
 
3G سڄي مُلڪ ۾ ڪڏهن شُروع ٿيندي؟؟؟

پاڪستان ٽيليڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) 3G ۽ 4G لائسنس ورهائڻ واري رسم پوري ڪرڻ لاءِ باقاعده هڪ تقريب ڪوٺائڻ جو رِٿيو آهي. جنهن لاءِ 10 مئي جي تاريخ طئي ڪئي وئي آهي. توڙي جو انهيءَ جو اعلان ته ناهي ٿيو پر اداري سان وابسته ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ انهيءَ تاريخ تي ئي رِٿيو ويو آهي.

ڪُجهه ڏينهن پهريان ٿيل نيلامي ۾ موبلنڪ، ٽيلينور، يوفون 3G ۽ زونگ 3G توڙي 4G ٻئي حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي نيٽ ورڪ استعمال ڪندڙن جي بي چيني جو خيال رکندي سروس شروع ڪرڻ لاءِ جلد کان جلد حڪومت کان اين او سي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن.

ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته وڏي پئماني تي رِٿيل انهيءَ تقريب جي صدارت گهڻو ڪري وزير اعظم نواز شريف پاڻ ڪندو جنهن کي اڳواٽ ئي دعوت ڏني وئي آهي ۽ اندازو آهي ته گهڻو ڪري اها تقريب وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي.

چيو ٿيو وڃي ته سڀ ڪُجهه ائين ئي ٿيو جيئن چيو پيو وڃي ته سڀ ڪمپنيز انهيءَ ڏينهن (10 مئي) تي ئي سڄي مُلڪ ۾ 3G سروس ڏيڻ شروع ڪنديون. هتي اهو به ٻُڌائيندو هلجي ته ٽيلينور ۽ يوفون اڳواٽ ئي تجرباتي بُنيادن تي مُلڪ جي چار وڏن شهرن ۾ سروس شُروع ڪري ڏني آهي.

ڇا زونگ 4G هاڻي ئي شُروع ڪندي؟

زونگ اشتهارن ۾ ته وڏي واءِ واءِ ڪئي آهي اسان 4G حاصل ڪندڙ واحد سيليولر نيٽ ورڪ آهيون پر ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽو ڊاڪٽر فين يونجُن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪيو ته ٻين جيان 3G ته اسان به هاڻي شُرع ڪنداسين پر 4G کي هلڻ ۾ وڏو وقت لڳندو. ٿي سگهي هڪ سال به لڳي وڃي. مطلب ته فل حال سڀ ڪمپنيز هڪ جهڙي ئي سروس ڏينديون. پر اهو آهي ته هي واحد ڪمپني آهي جنهن اعلان ڪيو آهي ته حڪومت پاران نيلامي جي ڏيڻي رقم هڪ ئي قسط ۾ ڏيندا. توڙي جو حڪومت اها سهولت به ڏني آهي ته هو اها رقم قسطن ۾ ادا ڪن پر زونگ ايئن نه ڪندي.

مُلڪ ۾ ڀروسي قابل ليکي ويندڙ ويب سائٽ پرو پاڪستان جي ٿورن سان

3G سان ڇا ٿيندو؟

هر ڪنهن جو اهو سوال آهي ته 3G آئي ته ڇا ٿيندو؟ سؤلي سنڌي ۾ جواب آهي ته اهو ئي ٿيندو جيڪو ڪمپيوٽر ۾ ڊائل کان پوءِ براڊ بينڊ سان ٿيو هو. اسپيڊ سُٺي هوندي ۽ ماڻهو سم تي ڪرايل پيڪيج تي موبائل فون تان وڊيو ڪال به ڪري سگهندو.
بس هڪ شرط آهي ته اوهان وٽ سمارٽ فون هُجڻ گهُرجي جنهن ۾ 3جي سپورٽ هُجي. جيڪو نون ايندڙ موبائل ۾ عام جام آهي.
 
Back
Top