• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿري جي ٽيڪنالاجي جي آمد ۽ تازه معلومات

مست سائين منهنجا مونجهڪارا پوءِ به ساڳيا آهن اوهان جيڪو منهنجي لکڻي جو اقتباس ورتو آهي ان جو به جواب پورو نه آهي
سائين جڏهن سوال براءِ جواب يا معلومات نه پر رُڳو ٽائم پاس هُجي ته ڪو به مست انهي جواب نه ڏيندو. مريم جو مُنهن ٽنڊي الهيار کان ڦِريل هُجي ته ڪير توجهه ڇو ڏيندو. نوڪيا 3310 ۾ 3G بلڪل هلندي بس شرط اهو آهي ته اوهان پهريان موجوده سروس استعامل ڪري آگاهي ڏيو ته اُها ڪيئن پئي هلي.
 
سڄڻو ونڊ ته تمام ڀلي آهي پر مون پاري اڻڄاڻ لاءِ مونجهڪارا به ڏاڍا آهن. مثال طور مان نوڪيا 3310 استعمال ڪري رهيو آهيان. ڇا ان تي 3جي ۽ 4جي ، جي سهولت آهي ؟؟؟ جي آهي ته ڪيئن حاصل ڪجي ؟ يا وري 3جي ۽ 4جي جي سهولت لاءِ به ڪو خاص موبائيل سيٽ هئڻ گهرجي ؟؟؟ جي ها ته مهرباني ڪري انهن موبائيل سيٽ جا ڪي تفصيل به ڏيو ته مهرباني ٿيندي.
3جي ۽ 4جي ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟؟ 3جي ۽ 4جي سروس مان عام دوست ڪهڙو فائدو وٺي سگهي ٿو ؟
ادا رضوان جي سوالن تي مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي هڪ دوست فون تي پڇيو ته ليپٽاپ تي ايوو ذريعي انٽرنيٽ نه ٿي هلي .. هڪ ٻه سوال ڪرڻ تي جواب مليو ته سگنل نه پيا اچن .. ۽ آخرڪار پتو پيو ته ايوو ڊوائيس ته ليپٽاپ سان لڳل ئي ناهي...:)
مون کي ته حيرت ٿي ته ادا رضوان نوڪيا 3310 تي 3جي يا 4جي اچڻ کان اڳ انٽرنيٽ ڪئي هلائيندو هوندو.. ;)
خير توهان جهڙن ساٿين لاءِ جيڪي نوڪيا 3310 سيٽ ئي رکڻ چاهيندا هجن ۽ 3جي يا 4جي جا مزا وٺڻ به چاهيندا هجن لاءِ مارڪيٽ ۾ Alcatel طرفان نالي هڪ يو ايس بي ڊيوائيس متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن ۾ سم وجهي ليپ ٽاپ يا ڊيسڪٽاپ تي2جي، 3جي ۽ 4 جي انٽرنيٽ حاصل ڪري سگهجي ٿي...

alcatel_one_touch_l100.png


iCoqYjQUFycv1.png

 
سائين جڏهن سوال براءِ جواب يا معلومات نه پر رُڳو ٽائم پاس هُجي ته ڪو به مست انهي جواب نه ڏيندو. مريم جو مُنهن ٽنڊي الهيار کان ڦِريل هُجي ته ڪير توجهه ڇو ڏيندو. نوڪيا 3310 ۾ 3G بلڪل هلندي بس شرط اهو آهي ته اوهان پهريان موجوده سروس استعامل ڪري آگاهي ڏيو ته اُها ڪيئن پئي هلي.
سڄڻو 3جي هجي يا 4 جي !!!
ڪاميابي صرف ۽ صرف جي جي ۾ آهي.
جي صاحب ، جي سر ، جي سرڪار، جي بيگم
جي جي جي جي
 
موبلنڪ ۾ ڪراچي ۾ مفت ٿري جي جو مزو وٺو
ڪراچي ۾ ٿري جي مفت ۾ هلي رهي آهي.

توهان سنڌ سلامت جي ساٿين ڪنهن به ميمبر آهن جيڪي ڪراچي ۾ رهن ٿا.اهي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
 
جيڪڏهن توهان جي موبائيل ۾ ٿري جي سپورٽيڊ آهي پو مٿان هي نشانيون اچن ته پو ان علائقي ۾ ٿري جي موجود آهي.
  • 3G
  • 3
  • H
  • H+
 
3 جي جي حوالي سان مون کي پڻ ڪافي مونجهارا هئا جيڪي هن موٍضوع کي پڙهي ڪري ختم ٿئي ويا

لاجواب سلسلو دوستن شروع ڪيو آهي
 
ڇا ڪو دوست ٻڌائي سگهي ٿو ته هن وقت تائين وطن عزيز جي ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۾ سروس باقاعده طور شروع ٿي چڪي آهي؟
 
ڪٿي به نه .... هن وقت تائين صرف ٽرائل بيسس تي ڪم پيو هلي. ڪنهن به اڃان باقائده سروس شروع ناهي ڪئي.
 
سامسنگ جي هاٽ سپاٽ ذريعي ڪمپيوٽر کي ڳنڍي يوفون ٿري جي ٽرائيل نيٽ استعمال ڪندي مفت خوري جا مزا وٺي رهيو آهيان... پهريون دفعو 2جي کان 3 جي تي ايندي سپيڊ ڀلي لڳي... پر ٿري جي جي حساب سان اسپيڊ بلڪل نه ملي...

10325773_760190010669500_2243525849761008370_n.jpg
 
ڪلهه اسان جي ريجنل آفيس سکر ۾ 3جي بابت ٽريننگ ٿي جنهن ۾ هنن اسان کي واضح ڪري ٻڌايو ته 3جي ڊسمبر کان بعد ننڍن شهرن ۾ شروع ڪئي ويندي.
 
يوفون طرفان ٿري جي لائيسنس وصولي کان پوءِ پنهنجي ٿري جي ٽيرف جو اعلان ڪيو ويو آهي.. جنهن تحت بغير پيڪيج حاصل ڪندي ڪو ٿري جي استعمال ڪندو ته هڪ ايم بي لاءِ 20 روپيه ادا ڪرڻا پوندا اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ ايم بي استعمال ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ 19 ايم بيز مفت ۾ ملندا...
پري پيڊ لاءِ سندن پيڪيجز ڪجهه هن طرح آهي...

jFjWOHFVoxTvc.png


جڏهن ته پوسٽ پيڊ ڪسٽمرز لاءِ سندن پيڪيجز ڪجهه هن طرح آهن...

jV4HwRjLfzB19.png


وڌيڪ تفصيل لاءِيو فون سم تان #3* ملائي معلومات حاصل ڪريو...
 
Back
Top