ڪالهه انتهائي عقيدت سان ڀٽو جي ورسي ملهائي وئي ۔۔۔ 4 اپريل 1979 جي ان بدنصيب ڏينهن کي ياد ڪندي مختلف ميڊيا چينلس پنهنجي خصوصي نشريات کي آن ايئر ڪيو۔۔۔۔ هتي مان فيس بوڪ جي هڪ وڊيو جنهن ۾ ميزبان ڪرنل ريٽائرڊ رفيع الدين (جيڪو ان وقت جو سپيشل سڪيورٽي سپرينٽينڊينٽ هيو) کان ان ڏينهن بابت تاثرات پڇيا آهن۔۔۔ [FV]113858035297551[/FV] هتي ايڪسپريس اينڪر شاهد ڪامران ملڪ جي خصوصي پروگرام فرنٽ لائين جي وڊيو پڻ لڳائي رهيو آهيان ۔۔۔۔۔۔ جنهن ۾ هن ڀٽو جي شخصيت، ملڪ پاڪستان لاءِ جذبو، مسلم امه کي متحد رکڻ جون ڪوششون، 1973 جو تاريخي آئين ۽ قائدِ عوام جي تاريخي تقريرن سان گڏو گڏ سندس ٻاهرين ميڊيا کي ڏنل انٽرويوز، بنگلاديش سانحو ۽ سندس مخالفن جي خيالن سان گڏو گڏ ڪرنل ريٽائرڊ رفيع الدين کان خاص ڦاهي جي رات واري مڪمل روداد سيڪنڊ سيڪنڊ شامل آهي۔۔۔ هن وڊيو ۾ جنرل ضياء الحق جا مختلف انٽرويو جنهن ۾ ڪوڙا وعده ۽ ڀٽو خلاف خيال به ڏيکاريا ويا آهن ۽ هن وڊيو ۾ ان ظلم جو به انڪشاف آهي ته ملڪ جي انٽيليجنسين سندس لاش جي بي حرمتي ڪندي ميت جي خاص حصن جي ڦوٽوگرافي صرف ان لاءِ ڪئي ته ڀٽو مسلمان به هيو يا نه۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي ساٿين کي ماضي جي ان ظالمانا ڪاروائي ۾ هڪ سنڌي سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم کي ياد ڏيارڻ هڪ مظلوم سنڌي ليڊر کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ وڊيو لڳائجي ٿي جنهن لاءِ وڊيو جي اڙدو هجڻ کي نظر انداز ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي۔۔۔ [m]http://www.zshare.net/video/746089566c0234db/[/m] فرينڊس ڪارنر جي تعاون سان
جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟ سائين ڏاڍا اهم انڪشاف آهن۔۔۔ انهن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي۔۔۔ ونڊ ڪرڻ تي لک ٿورا
جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟ ادا سائين، ڀٽي جو قصور صرف ايترو هو ته هو سنڌي هو ۽ ٻيو ته هو ملڪ سان سچو هو،
جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟ ڪجهه عرصو اڳ بي بي سي جي ويب سائٽ تي سائين جي ايم سيد جي زندگي تي آرٽيڪل پڙهيو هوم جنهن ۾ سائين جي زندگي جي ٻين پهلوئن تي ذڪر سان گڏ، جڏهن سائين جي لائبريري ۾ موجود ڪتابن، رسالن، اخبارن ۽ مختلف دستاويزن جو ذڪر آيو ته اتي، سائين جي ايم سيد کي سر شاهنواز ڀٽو طرفان موڪليل دعوت نامي جي ڪارڊ جو ذڪر به نمايان طور تي ٿيل هو۔ اهو دعوتنامو سندس پُٽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي رسم طهر جي سلسلي ۾ هيو۔ سائين جي بايوگرافي ۾ دعوتنامي جو ذڪر سائين جي سياسي ۽ خانداني اهميت ۽ ڀُٽي خاندان سان تعلقات کي واضح ڪرڻ هو ۽ شايد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگي سنڌ جي سائين سان ڀيٽڻ هيو، جنهن جي حيات سائين جي سامهون هڪ ٻار جي حيثيت سان هئي ڪاش پاڪستان جون سامراجي قوتون سنڌ ۽ سنڌ جي شخصيتن کي سمجهن ها ته اڄ پاڪستان جو مقام پوري دنيا ۾ نمايان هجي ها۔۔
جواب: ڇا ڀٽو جي لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي۔۔۔؟ سائين معلومات فراهم ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني گهڻو وقت اڳ اهو انٽرويو جي او تي به پيش ڪيو ويو هو ۔