فيس بوڪ رائونڊ اپ 12

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 12

    محمد سليمان وساڻ

    هن هفتي فيس بوڪ جو اهم موضوع به اهوئي رهيو جيڪو اڄڪلهه اخبارن ۽ ميڊيا جو آهي يعني حامد مير تي حملو ۽ جيو ۽ جنگ پاران آء ايس آء تي الزام تراشي. حيرت ٿي ته واقعي کان هڪدم پوء ته ڪنهن جو به رد عمل ڪونه آيو هو پر پوء سڀ پاڪستاني هڪ طرف ٿيندا پيا وڃن ۽ عمران خان ته هڪ هفتي کانپوء پنهنجو رد عمل سخت لفظن ۾ڏيکاريو آهي ۽ سڀني کان گوء کڻي ويو. ميڊيا به هن معاملي تي ورهايل نظر پئي اچي. حامد مير جي ڀاء ۽ جيو پاران آء ايس آء تي الزامن ۽ ان جي سخت مخالفت بابت حسن مجتبى لکي ٿو ته جڏهن هڪ نواب جي قتل ڪيس جي شڪ ۾ هڪ منتخب وزير اعظم کي ڦاسي اچي ٿي ته ڇا تحقيقت ٿيڻ تائين هڪ فوجي اداري تي الزام به لڳائي نه ٿو سگهجي؟ جڏهن تحقيقات ٿيڻ کان اڳ هڪ سفير کان استعفى جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته پوء هڪ فوجي آفيسر کان ڇو نه؟ حامد مير کي ته اوهان گوليون هنيون پر حامد مير سچ جي آواز ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جيڪو اعتبار پيدا ڪيو آهي ۽ سچ ڳالهائڻ جي جيڪا جرئت پيدا ڪئي آهي، اوهان ان کي ڪهڙي گولي هڻي سگهندا ؟ ڇو ته خواب ته بلٽ پروف ٿيندا آهن.” ان حوالي سان نثار کوکر لکيو آهي ته “حامد مير واري واقعي مان ته ائين ٿو لڳي، پياري پاڪستان ۾ توهين عدالت ايترو وڏو ڏوھ ناهي جيترو توهين فوج ناقابل معافي گناه بڻيل آهي.” هن هفتي سنڌو ديش لاء پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ جي قوم پرست ۽ اصول پرست سياستدان سائين جي ايم سيد جي ورسيء جي مناسبت سان به 25 اپريل تي فيسبوڪ تي سندس قول، تصويرون ۽ فيس ڪور سجايل رهيا. ساڳئي وقت سن ۾ جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن پاران ڌار ڌار پروگرام ڪرڻ تي سن ۾ حاضري ڀريندڙ ۽ ساڃاهه وند پريشان آهن ته جيستائين قومپرست پاڻ ۾ اتحاد نه ڪندا تيستائين سنڌ جي ڀلائي نا ممڪن آهي. ان حوالي سان وفا منور زئور جون فيس بوڪ تي لکيل تنقيدي سٽون اهميت واريون آهن. هو لکي ٿو “17 جنوري ۽ 25 اپريل تي سَن جي سرزمين تي سچ پچ ته هڪ قسم جو ميلو متل هوندو آهي، ڊاڪٽر برڪت جي بقول هڪ پاسي موت جي کوھ جو ٿيٽر، ٻي پاسي سرڪس، ٽئين پاسي چڙيا گهر جي شاميانن جيان مختلف قومپرستن تنظيمن جا جلسا ويتر هن ميلي کي چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏين. .!”

    دنيا تيزي سان ترقي پئي ڪري ۽ فيس بوڪ تي ان جا ڪيترائي مشاهدا موجود آهن، ساڳي ئي وقت پاڪستان ۾ موبائل فون ڪمپنين پاران 3 جي ۽ 4 جي لائسنس حاصل ڪري ٽيبليٽ ۽ موبائل سيٽن تي جديد سهوليتون مهيا ڪرڻ واري اعلان کانپوء ان ڳالهه کي سنجيدگي سان ڪونه ورتو ويو آهي ته ان ۾ اسان سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون. ڄامشوري مان منصور ميراڻي ان حوالي سان سوال اٿاريا آهن. ته “3 جي ۽ 4 جي جي آمد سان ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ اميد آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي به ٿيندي پر اتي جتي اسان ٽئين دنيا جي ملڪن کان ڪوهين ڏور پوئتي بيٺا آهيون اتي 3 جي ۽ 4 جي جا اسان جي معاشري تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اها جدت جنهن سان سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ پي سي جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو ته ساڳي وقت اهو سوال به اڀري ٿو ته غريب ماڻهوءَ يا ڳوٺ ۾ رهندڙ هاريءَ لاءِ اها جدت ڪيتري حد تائين فائديمند ثابت ٿيندي جڏهن ته هو گذر سفر به وڏين مشڪلاتن سان ٿو ڪري. تعليم جيڪا اڳ ئي پوئتي پيل آهي ته ڇا انٽرنيٽ جي تيزيءَ سان ٻارن کي ۽ تعليمي ادارن کي ڪو فائدو ڏيئي سگهجي ٿو؟ مان ان ترقي جي خلاف ناهيان پر سوال اهو آهي ته ان نئين ٽيڪنالاجي جي آمد سان اسان مستقبل جي لاءِ ڪهڙو پلان يا رٿا جوڙي رهيا آهيون؟ يا اها نئين ٽيڪنالاجي قوم جي هر فرد لاءِ ڪيئن فائديمند ثابت ٿيندي؟

    سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ هڪ نئين ڊويزن ڀنڀور جي قيام تي به ڪيئي اعتراض اٿيا آهن ۽ ان عمل جي تعريف ڪرڻ بجاء تنقيد سوشل ميڊيا جو حصو بڻيل رهي. مشتاق راڄپر لکي ٿو “پيپلز پارٽي پاران نئين ضلعي سجاول سان پيار ۽ هاڻي نئين ڊويزن ڀنڀور جي قيام جو مقصد ملڪ رياض لاء سهوليتون پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن سنڌ جي ساحلي پٽي جون زمينو سولائي سان حاصل ڪري سگهجن ۽ اصل ۾ اها هڪ نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهڻ جي سازش آهي.” ساڳيا خدشا ساڃاهه وندن پاران به ڏيکاريا ويا آهن. گذريل هفتي اپريل مهيني ۾ وڇڙي ويل فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي جي اداڪار انور سولنگي، قوال غلام فريد صابري، اداڪار حسين ساريو، گلوڪار قمر سومرو، گلوڪار احمد رشدي، گلوڪاره بيگم فقيرياڻي، اداڪار سعيد احمد واگهو، سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي، راڳي استاد سينڌو خان، راڳي زوار محمد جمن ڀٽ، اداڪاره شيلا راماڻي، گلوڪاره اقبال بانو، اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر، گلوڪار ماسٽر منظور، سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان، راڳي حاجي ڪلو، سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي اداڪاره شهزادي، اسٽيج اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ صداڪار محمد صديق پرهياڙ، شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير، راڳي استاد طفيل خان، اداڪار منور ظريف، لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي ياد ۾سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فنڪارن جي خاندانن سان گڏ صحافين ۽ فنڪارن پنهنجا خيال اوريا ۽ ساڳي تقريب جون فيسبوڪ تي تصويرون نمايان رهيون.

    روزانه عوامي آواز 29 اپريل 2014
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه عوامي آواز 29 اپريل 2014

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو