ڄا م نوا ز علي مان ا نور قمنبرا ڻي منصورا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ انورقمبراني طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2014۔

  1. انورقمبراني

    انورقمبراني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2014
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پريس رپورٽر
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    ڄام نوا ز علي المنصو را هڪ 14 سوء سال پرا ڻو شهر غرق ٿيل آهي جيڪو وا قي دلور موري لڳ ٿوري مفاسلي تي واقئ ڳوٺ آهي جٿي جنهن جي ڀر سان درياه به ڪنهن زماني ۾ گزرندو هو ۽ ان ۾ قديمي آثار به آڃا تا ئين ڏسڻ وٽا آهن
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. موھن لال ٻوچيه

    موھن لال ٻوچيه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Kandfari, Sindh, Pakistan
    اڃان ان تي لکڻ جي ضرورت آهي اميد ٿو ڪيان ته قلم ان سلسلي ۾ پڻ ڪير کڻندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اتان جون ڪجھ تصويرون ۽ ان شهر بابت تاريخي ڄاڻ شيئر ڪندا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    برهمڻ آباد: شهدادپور ريلوي -اسٽيشن- کان 8 ميل -اوڀر- طرف -برهمڻ آباد- جي ڦٽل شهر جا آثار موجود آهن. اهي قديم آثار، ”دلوراءِ جي دڙن“ سان به سڃاتا وڃن ٿا، جيڪي تعلقي شهدادپور جي ديهه ” 42 جُمڙائو“ ۾ هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهن. هيءُ شهر هڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو، جيڪو ڪنهن وقت پُررونق هوندو هو، پر اڄڪلهه رڳو مٽيءَ جي ڍيرن جي صورت ۾ آهي. عربن، 712ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي دارالحڪومت لاءِ -برهمڻ آباد- کي منصوره جو نالو ڏنو. لوڪ روايتون آهن ته هتان جو حاڪم ”دلوراءِ“ نالي هڪ ظالم شخص هو، جنهن جي ظلمن سبب هيءُ شهر تباهه ٿيو. پر اصل ۾ هيءُ شهر مهراڻ درياهه جي رُخ مٽائڻ ڪري تباهه ٿيو هو. ڪن جو خيال آهي ته محمود غزنويءَ سومناٿ فتح ڪرڻ بعد واپسيءَ تي حملو ڪري هتان ڦرمار ڪري، هيءُ شهر ساڙي ڇڏيو هو، ڇو جو اُتي -اسماعيلي- خفيف سومري جي حڪومت هئي. اسماعيلين سان هن جو ازلي وير هو. سال 1854ع ۾ بيلاسس ۽ رچرڊسن هنن آثارن جي کوٽائي ڪئي هئي ۽ کوٽائيءَ جا نتيجا بمبئيءَ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي رسالي ’السٽريٽيڊ لنڊن‘ ۾ سال 1857ع ۾ ڇپيا هئا. ڪي لڌل شيون برٽش ميوزيم ۽ بمبئيءَ جي عجائب گهر ۾ رکيون ويون. هن ڦٽل شهر ۾ پٿر جي ڪنهن به قسم جي تعمير ڪانهي، پر شهر ۾ هنڌين ماڳين پراڻي سڙيل ڪاٺ جا ٽڪرا اهو ثابت ٿا ڪن ته هتي تمام عمدو ۽ وڏي پيماني تي ڪاٺ جو ڪم ٿيل هو. هن پراڻي شهر کي-آباد- ڪرڻ جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڌار ڌار دور آهن. مٿئين تهه جي ڀتين جا بنياد ننڍي تختيءَ وارين سرن سان جوڙيل آهن. ڀانئجي ٿو ته مٿئين تهه وارو شهر عرب دور جو اڏايل آهي. -ان- حصي مان مڻيا ۽ سڪا به مليا آهن، جيڪي پوئين دور سان لاڳاپيل آهن، پر ٻي ڪابه قيمتي شيءِ نه ملي آهي. ٽامي جا ڪٽيل ۽ ڳريل سڪا ته -جام- مليا آهن، پر چانديءَ جا تمام ٿورا مليا آهن ۽ سون جا ته ماڳهين ڪونه مليا آهن. -ان- کان هيٺئين تهه جي کوٽائيءَ مان هندو دور جون مورتيون وغيره مليون آهن، يعني ته هن شهر جي اڏاوت ۾ هيٺيون تهه قديم دور جي اڏاوت وارو آهي ۽ مٿئين تهه ۾ ابتدائي عرب دور جا آثار آهن. چچنامي ۾ هن نالي جي صورتخطي ”برهمناباد“ آهي. بهر صورت هن نالي جي پڇاڙي ”-آباد-“ مان ظاهر آهي ته هيءُ اصل ايراني نالو آهي. -تاريخ- مان به دليل نڪري ٿو ته هيءُ شهر غالباً -ايران- جي -بادشاهه--بهمن- اردشير جي حڪم سان ٻڌو ويو هو ۽ -ان- جو اصل نالو ’بهمنوا‘ هو، جيڪو بدلجي ’-بهمن--آباد-‘ ٿيو. -بهمن- اردشير پنهنجي وسيع بادشاهيءَ ۾ انهيءَ نالي سان شهر جوڙايا، هڪڙو -بهمن--آباد-، خراسان ۾، جيڪو ”ري“ ۽ ”نيشاپور“ شهرن جي درميان هو، ٻيو عراق ۾ جنهن کي پهريائين ”ابيد اردشير“ جو نالو ڏنو ويو، مگر اهو به پوءِ ”بهمنيا“ سڏجڻ لڳو ۽ خود مؤرخ طبريءَ جي ڏينهن (932- 868هه/ 1525-1463ع) ۾ پڻ موجود هو. جيئن ته سنڌ کي به اردشير فتح ڪري پنهنجي بادشاهت هيٺ آندو هو، انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پڻ سندس نالي سان شهر ٻڌو ويو هوندو. انهيءَ جي تصديق ”مجمع التواريخ“ مان ٿئي ٿي، جنهن جو مصنف لکي ٿو ته -بهمن- اردشير هن پاسي ٻه شهر ٻڌايا، هڪڙو ترڪن ۽ هندن جي سرحد نروار ڪرڻ لاءِ قندابيل (گنداوا) ۽ ٻيو ٻُڌيه جي پرڳڻي ۾ ”-بهمڻ--آباد-“، جنهن نالي سان هينئر ”منصوره“ کي سڏيو وڃي ٿو .
    غالباً گهڻو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ برهمڻن جو دخل ٿيو، تڏهن ”-بهمن--آباد-“ نالي کي ڦيرائي ”-برهمڻ آباد-“ سڏيو ويو. هندستان جي -برهمڻ-راجا ”قفند“ پنهنجي -ڀاءُ- ساميڌ کي جڏهن سنڌ تي چاڙهي موڪليو، تڏهن هن -بهمڻ--آباد- ۾ آتشڪدي جي جاءِ تي بتخانو قائم ڪيو. شهر جي نالي جي ڦيرگهير شايد خود انهيءَ تعصب سبب يا برهمڻن جي ڊگهي تسلط سبب يا سنڌي ٻوليءَ جي مقامي اُچار سبب وجود ۾ آئي هجي. البيرونيءَ پنهنجي -تصنيف- ’ڪتاب الهند‘ ۾ 11 صدي عيسويءَ جي شروعات ڌاري به هن شهر جو نالو ”بهمنوا“ لکيو آهي، جنهن مان پڻ هن شهر جي اصلي ايراني نالي جي تائيد ٿئي ٿي. البيرونيءَ وڌيڪ لکي ٿو ته ”برهمناباد“ درحقيقت ”بهمنوا“ آهي. ’فتح نامي‘ مان ظاهر آهي ته راءِ گهراڻي جي وقت ۾ -برهمڻ آباد-، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر ۽ اتي جي حاڪم ”-اگهم راجا-“ جي گاديءَ جو هنڌ هو. محمد -بن قاسم- جي فتح وقت يعني 712ع ۾ -برهمڻ آباد- هن ايراضيءَ جو مکيه قلعو هو. شهر هن مضبوط قلعي اندر هو، جنهن کي چار دروازا هئا ۽ هن شهر جي اُڀرندي پاسي کان ”-جلوالي-“ نالي نهر وهندڙ هئي. -برهمڻ آباد- جي مرڪزي حيثيت غالباً تڏهن گهٽي، جڏهن محمد -بن قاسم- جي پٽ عَمرو، سنڌ جي گورنر، الحڪم جي ايامڪاريءَ ۾ (22-121هه/ 39- 738ع) سندس شاندار فتوحات جي يادگار ۾ منصوره جو شهر ٻڌايو، جو -برهمڻ آباد- کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو. هن نئين شهر جو نالو جيتوڻيڪ الحڪم جي فتوحات سبب ”المنصوره“ رکيو ويو، پر جيئن ته هيءُ نئون شهر هن ساڳئي -برهمڻ آباد- واري ايراضيءَ توڙي سڄيءَ سنڌ جو -تخت- گاهه بنيو، انهيءَ ڪري مقامي طور سنڌ وارن جي نئين شهر کي به -برهمڻ آباد- سڏيو. اصطخريءَ ۽ -ابن حوقل- صاف طور لکيو آهي ته سنڌ ۾ منصوره کي به ”برهمناباد“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عرب مؤرخن منصوره جي هن نئين مقامي نالي -برهمڻ آباد- ۽ جهوني -بهمن--آباد- (جيڪو منصوره کان ٻه فرسنگ پري هو) ۾ تميز ڪرڻ لاءِ اصلي -برهمڻ آباد- (جنهن کي محمد -بن قاسم- فتح ڪيو هو) ”برهمناباد قديمتي“ يا ”برهمناباد قديم“ يعني جهونو -برهمڻ آباد- ڪري سڏيو. هاڻي سوال آهي ته اهو اصلي قديم -برهمڻ آباد- ڪهڙيءَ جڳهه تي هو. هن سلسلي ۾ ٻه حوالا نهايت اهم آهن: هڪ ته -برهمڻ آباد-، نئين ٻڌايل شهر منصوره کان ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي هو ۽ ٻيو ته -ان- جي اڀرندي طرف کان ”-جلوالي-“ ندي وهندڙ هئي. -آثار قديمه- کاتي طرفان 22- 1920ع واري عرصي ۾ جيڪا کوٽائي ٿي، -ان- مان ثابت ٿي چڪو آهي ته شهدادپور کان 8 ميل کن اوڀر- ڏکڻ طرف جمڙائو واهه جي لڳولڳ -اوڀر- طرف، دلوراءِ وارو مشهور ڀڙو ۽ -ان- جا وسيع کنڊرات درحقيقت عربي شهر منصوره جا کنڊرات آهن. عرب گورنرن جا لڌل سڪا، ٺِڪر جو سامان ۽ قديم شاهي مسجد جا آثار ۽ هن شهر جي مقامي نالي ”ٻانڀڻياهه“ سبب، هن آثارن کي -برهمڻ آباد- ٺهرايو ويو آهي. منصوره کان -اتر--اوڀر- طرف ڄراريءَ جو ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو قديم نهر ”-جلوالي-“ (جلوالي= ڄرواري=ڄراري) جو هڪ يادگار آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- لکيو آهي ته: ”اسان انهيءَ ايراضيءَ جو پوريءَ طرح گشت ڪيو آهي، اسان جي خيال ۾ ”ڳاڙهي ڀڙي“ (ڳوٺ پليي لغاري، تعلقي سنجهوري جي لڳ -اوڀر- طرف) جا کنڊرا يا ڏيپر گهانگهري جي ٺُل (جهول طرف) اولهه وارا کنڊرا، انهن ٻن مان ڪنهن به هڪ جا آثار قديم ”-برهمڻ آباد-“ جا آثار آهن. اهي ٻئي کنڊرات منصوره کان اٽڪل پنجن ڇهن ميلن يعني ٻن فرسنگن جي مفاصلي تي آهن.“ هاڻ هڪ منارو وڃي بچيو آهي، يعني بابن واهه جي شهر ۾. ماڻهن کي انهيءَ مناري بابت شڪ آهي ته اهو بانبراهه، بانبناهه (-ٻانڀڻاهه-) ”-برهمڻ آباد-“ آهي، پر -تاريخ- جي مطالعي ۽ -آثار قديمه- جي کوجنا موجب -ان- جا آثار، جيڪي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ کان 8 ميل -اوڀر- تي موجود آهن، اصل ۾ منصوره سان تعلق رکن ٿا، جنهن کي عمرو -بن-محمد -بن قاسم- سال 112- 111هه/ 30-729ع ڌاري حڪم -بن- عوانه ڪلبيءَ جي حڪومت دوران تعمير ڪرايو هو. -ان- کان پوءِ اهو شهر سنڌ ۾ نئين -برهمڻ آباد- جي نالي مشهور ٿيو. آڳاٽو -برهمڻ آباد- جو شهر هن نئين شهر (منصوره) کان ٻه فرسنگ پري هو، جنهن جا آثار منصوره کان اڀرندي پاسي آهن. اڄڪلهه -ان- کي ڏيپر گهانگهري وارو ڦٽل ماڳ ڪوٺيو وڃي ٿو. -برهمڻ آباد- کان ڏکڻ، عمرڪوٽ ۽ کپري جي وچ تي ڪيترن ئي قديم شهرن جا کنڊر آهن. انهن مان هڪ ”رتو ڪوٽ“ به آهي، جيڪو هاڪڙي درياهه جي ڪنڌيءَ سان -آباد- هو. وري ڪجهه هيٺ قديم -بدين- جي کنڊرن جي اوسي پاسي پراڻا شهر هئا. هتي مکيه وهڪري مان ڪيتريون ئي ڇاڙهون نڪرنديون ڏسجن ٿيون، جن جا پراڻا پيٽ ڏاڍا چٽا بيٺا آهن. پندرهن ويهن ميلن ۾ مذڪوره ڇاڙهون مکيه وهڪري سان پور وڇوٽ هلنديون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اهو علائقو انهن ڇاڙهن جي پيٽن سان چچريو پيو آهي .



    (انسڪائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل(
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جو شهر، تاريخ جي آئيني ۾ ( برهمڻ آباد)
    پروفيسر محبوب علي چنا

    شهداد پور ضلعي سانگهر جي اڀرندي، اٺن ميلن جي مفاصلي تي، 25 ڊگريون 3 انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 49 انچ ڊگهائي ڦاڪ جي قطر تي، وسيع ڀرن جا ڀرون پسجن ٿا، جن کي ڳوٺاڻا ”ڀانبرا“ ۽ ”دلور“ سڏين ٿا، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ”بهمنه“ يا ”برهمڻ آباد“ مشهور آهي. مرحوم مرزا قليچ بيگ هن کي ”ڀانبرا“ مان ”ٻانڀاھ“ ڄاڻايو آهي، يعني ”ٻانڀڻ جو شهر“ يا برهمڻ آباد. چيو وڃي ٿو ته هي شهر بهمن بن اسفنديار جو ٻڌايل هو، ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳي پراڻي سنڌو ندي، هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي آباد ٿيو. اڳ ۾ ذڪر ٿي آيو آهي ته هندو راجائن جي زماني ۾ برهمڻ آباد ستن وڏن قلعن مان هڪ هو، چچ جي راڄ اگھم لوهاڻو برهمڻ آباد جو حاڪم هو. اتي لاکا، سما ۽ سهتا اگھم جي هٿ هيٺ رهندا هئا. چچ اگھم سان وڙهي کيس شڪست ڏني. هن يڌ ۾ اگھم مارجي ويو. برهمڻ آباد تي چچ قبضو ڪيو ۽ اگھم جي زال سان شادي ڪيائين. راجا ڏاهر پنهنجيءَ ڀاءُ ڏهرسين کي اتي جو حاڪم مقرر ڪيو. ڏهرسين جي مرڻ بعد سندس پٽ کي اها حڪومت ملي. ڏاهر جي مرڻ ۽ غازي محمد بن قاسم جي ڪامرانيءَ بعد، راجا ڏاهر جي پٽ جئسين برهمڻ آباد ۾ اچي پناه ورتي. جڏهن محمد بن قاسم برهمڻ آباد ورتي ته جئسين ڀڄي ڪشمير طرف ويو. ڏاهر جي زال ۽ ٻيا مائٽ قلعي ۾ مقيم هئا، انهن عارضي طور مقابلو ڪيو. محمد بن قاسم اتي جي ماڻهن کي معافي ڏيئي، قلعو سندن حوالي ڪيو. ان بعد وري هندن هڪواري ان قلعي تي قبضو ڪيو، ۽ برهمڻ آباد ۾ اسلام بعد به هندو آبادي هئي. جڏهن سلطان آرام شاھ جي حڪومت ۾ سنڌ ۽ ملتان ناصر الدين قباچه جي هٿ ۾ هئا، تڏهن برهمڻ آباد ۾ جسوده آگره نالي هندو حاڪم راڄ ڪندو هو.
    جڏهن محمد بن قاسم سن 93ھ : 711ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته برهمڻ آباد هڪ وڏو وسيل، هندن جو شهر هو، پر جڏهن مسلمان هتي آيا ته هي وڏو هندو شهر سنڌو نديءَ جي اڀرندي طرف وسيل هو. عربن بعد هي شهر ڦٽندو ويو، ڇو ته عربن هڪ نئون شهر ”منصوره“ نالي ٻڌايو.
    هن ۾ به گھڻو ڪري اختلاف آهي ته آيا منصوره برهمڻ آباد جي اڍن تي ٻڏو يا ٿورو پر ڀرو پيدا ٿيو. اِن لاءِ ڌار ڌار روايتون آهن. رشيد الدين، ابو ريحان البيرونيءَ جو حوالو ڏيندي، ڄاڻائي ٿو ته جڏهن محمد بن قاسم برهمڻ آباد فتح ڪئي ته ان ”بهمنو“ کي زير ڪري، ان تي منصوره نالو رکيو. ٻين منصوره کي ڌار مقام ڏيکاريو آهي.
    مورخن برهمڻ آباد جو ناس ٿيڻ راجا دلوراءِ جي ظلم ۽ سندس ڀاءُ (ڪن ڪتابن موجب سؤٽ) جي بددعا ڏانهن منسوب ڪيو آهي. الور جي ناس ٿيڻ بعد راجا دلوراءِ وري اچي برهمڻ آباد ۾ واسو ڪيو، ۽ ساڳيون انسانيت سوز شيطاني حرڪتون جاري رکيائين. سندس ڀاءُ ڇُٽو پير عمراڻي ( جنهن جي مرقد سيوهڻ جي مقام ۾ آهي)، مسلمان ٿيو ۽ هڪ عرب سکر عورت سان شادي ڪيائين. هو پنهنجي گهرواري وٺي برهمڻ آباد آيو. دلوراءِ ڪڌن ڪرتوتن جو عادي هو، چاهيائين ته پنهنجي ڀاڄائي ڏسان. حضرت ڇٽي پير جي غير حاضري ۾ هي ظالم، هاٿيءَ تي چڙهي، هن جي گهر وٽان اچي لنگهيو. بيبي صاحبه ان وقت غسل ڪري رهي هئي. خير، اهو قصو بيبيءَ پنهنجي ور کي سڻايو. بارگاھ ايزديءَ ۾ ظالم جي فنا جي دعا گهري ويئي. ٻن ـــ ٽن راتين بعد زلزلو ٿيو. حضرت عمراڻيءَ ماڻهن کي چتاءُ ڪيو. جن کي ٻاهر نڪرڻو هو سي نڪتا، باقي دلوراءِ سان گڏ دٻجي ويا. ڇٽو پير صاحب لڏي اچي سيوستان ۾ ويٺو.
    برهمڻ آباد جو ويرانو اٽڪل 4 ميلن ۾ پٿاريل آهي. سڄي جاءِ ٺڪرين سان ڀري پيئي آهي. انهن مان ڪي ڀِرا 15 فوٽ کن اوچا آهن، جي شايد مارڪيٽ چونڪ هوندا هئا. پٿر استعمال ٿيل نه آهي، پر ڪاٺ جا بوسيده نشان مطلع ڪن ٿا ته اڳي جايون ڪاٺ ڳڙھ جڙنديون هيون. هن هنڌ مان معلوم ڪجي ٿو ته هن ٽڪر ۾ آبادي 6 سؤ سالن لاءِ رهي آهي.
    برهمڻ آباد جي فنا الور بعد ٿي آهي. بنده کي ڇٽي پير عمراڻيءَ جي متولين مان هڪ پتل جي سيل ملي، جنهن ۾ ڇٽي پير جو سن وفات 250ھ : 864ع ڏيکاريل آهي. جيڪڏهن ڇٽيءَ پير جو تعلق برهمڻ آباد جي فنا ڏانهن منسوب ڪجي، ته 250ھ ڌاري برهمڻ آباد جو زوال ٿيو هوندو ـــــــــــ والله اعلم بالصواب
    ويچار ويبسائيٽ جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    منصوره


    هيءُ شهر اسلامي دور 730ع پراڻو آهي، جيڪو شهدادپور کان 8 ميل اوڀر طرف ضلعي سانگهڙ وٽ آهي. ھي شھر سنڌونديءَ جي ھڪ وھڪري تي واقع ھو. ھن شھر جو بنياد ٧٣٠ع کان ٧٣٢ع تائين پيو. اوائلي اسلامي دور جو ھيءُ وڏي ۾ وڏو شھر ھو، جنھن جا ٢٧٥ ھيڪٽرن ۽ ٣ . ٦ ڪلو ميٽرن تي سندس آثار پکڙيل آھن. شھر جي حفاظت لاءِ ٺھيل ڪوٽ پڪين ۽ ڪچين سرن جو ٺھيل آھي. قلعي جي ديوارن سان ٺھيل اڌ گول برجن ۾ جيتوڻيڪ مختلف خام مال استعمال ڪيو ويو آھي، پر جنھن نموني قطار سان اھي بيٺل نظر اچن ٿا، تنھن مان ڀنڀور وانگر منصوره جي ماضيءَ جي ياد تازي ٿئي ٿي. شھر جو ھڪڙو دروازو اوڀر طرف دريا ڏانھن کلي ٿو.
    کوٽائيءَ کان پوءِ ڪيتريون شيون مليون آھن. شھر جي ڏکڻ اوڀر طرف ڪاريگرن جا دڪان يا صنعتي علائقو ھو، جتي اڄ بھ قيمتي ڌاتن ۽ پٿرن جا ٽڪرا، بٺيءَ پڪل ٿانون، بيڪار شيشي جا ٽڪرا، سڪن جا سانچا، جن تي مورتون اڪريل آھن، ڪوڏيون، ڪنگڻ، رديءَ جا ڍير، ھڪ ٿانون جنھن ۾ چار ھزار کن ٽامي جا سڪا پيل آھن، ھڪ ترقي يافته ڌاتوءَ جو ڪارخانو، جيڪو ڏيھي توڙي پرڏيھي ضرورتون پوريون ڪندو ھو. منصوره جي تازي کوٽائي مان لوھ ۽ ڪنجھي جي مختلف نمونن کان سواءِ چار وڏا ۽ ڳرا دروازن جا ڪڙا ھٿ آيا آھن. ان مان ھن شھر جي ڪاريگرن جي ڌاتوءَ کي ڳارڻ جي مھارت جي خبر پوي ٿي. ھرھڪ ڪڙي جو قطر ٥٦ س- م آھي. جنھن تي ڪوفي خط ۾ ڪتبو اڪريل آھي. ڪتبي تي بسم لله، ڪلمو شريف قران پاڪ جون آيتون ۽ ”عبدلله بن عمر“ نقش ڪيل آھي. شھر جي عام خاڪي ۾ گھڻو ڪري وڏا رستا ۽ گھٽيون گوني ڪنڊ تي ٺھيل نظر اچن ٿيون. شھر جي اتر اولھ ۾ طرف ھڪ ڳتيل آباديءَ واري حصي مان ھڪ ڊگھي گھٽي گذري ٿي. آخر ۾، اڀرندي حصي جي وچ ۾ ھڪ جامع مسجد واقع آھي، جيڪا مستطيل شڪل ۾ آھي. قبلي طرف يا الھندي وارو حصو، اصل ۾ سادي ڇت سان ڍڪيل ھو، ۽ ڪاٺ جي ٿنڀن جي ڇھن قطارن تي بيٺل ھو.

    513 اٽيچمينٽ ڏسو

    جيستائين عرب دارالسلطنت منصوره جو تعلق آھي ته اھا مسلمانن جي پھرين آبادڪاري نه ھئي. سندن پھرين آبادڪاري ”محفوظه“شهر جي نالي سان ھئي. علامه بلاذري جو چوڻ آهي ته سنڌ جي حاڪم، محفوظه شهر جو بنياد ١٢٠ ھجريءَ ۾ رکيو. عمرو (بن قاسم) جيڪو سندس نائب ھو، ان منصوره جو بنياد رکيو. منصوره جو بنياد خليفي منصور جي شروعاتي ڏينھن ۾ رکيو ويو ھو. ابن حوقل ۽ ادريسي چون ٿا ته مھراڻ جي ھڪڙي شاخ منصوره جي چوڌاري وڪڙ ڏئي وھي رھي ھئي. ابن خرداذبه جي لکت موجب پکيڙ اھم چورس ھڪ ميل آھي. المسعودي (١٣- ٩١٢) ۾ منصوره کي ڏٺو. بلاذري چوي ٿو ته منصوره ھندوستان جي طرف ڍنڍ جي ڪناري تي آباد محفوظه جي ٻئي طرف ھو. ڪزنس لکي ٿو ته اهي ڳالهيون غلط آھن ته ڪو برھمڻ آباد الڳ ۽ منصوره الڳ شھر آھن. منصوره، برھمڻ آباد جي کنڊرن جي مٿان اڏيو ويو ھو.
    [​IMG]
    [​IMG]بھرحال منصوره اسلامي اوائلي شھرن ۾ وڏي اھميت وارو شھر ھو، جنھن جا کنڊر موجود آھن. محمد بخش ٽالپر لکي ٿو ت ”افسوس جو عربن جو تعلق ٽٽڻ سبب، تاريخ ۾ منصوره جو ذڪر ختم ٿي ويو. (”سنڌ جي قديم آثارن جي ڊڪشنري“ جي ٿورن سان)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سائين وڌيڪ تعارف موڪليو؟
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 مئي 2014
  8. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مٿي ان متعلق لکجي چڪو آهي. سڀئي تحريرون پڙهي وٺو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو