تازو ئي پوري دنيا ۾ سروي ڪيو ويو ۔۔۔ ۽ سوال هو ۔۔۔۔ ڇا توهان مهرباني ڪري سموري دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي بابت حل لاءِ ڪا ايماندار راءِ ڏئي سگهو ٿا۔۔۔۔؟ اها سروي حيران ڪن طور بلڪل ناڪام وئي ڇو ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آفريڪا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”خوراڪ“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔۔۔ اوڀر يورپ ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”ايمانداري“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔ اولهه يورپ ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”گهٽتائي“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔ چائنا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ” راءِ “ ڇا ٿيندي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وچ اوڀر۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ” حل “ ڇا ٿيندو آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏکڻ آمريڪا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”مهرباني“ ڇا ٿيندي آ۔۔ ۽ آمريڪا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”سموري دنيا“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔
جواب: دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي۔۔۔ سائين پاڻ ڪهڙي شيء کان خبر وار آهيون ؟ لڳي ٿو ته خبر ته سڀني ڳالهين جي آهي پر حل لاء ڪو مناسب مشورو ته هجي ۔۔۔۔۔۔
جواب: دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي۔۔۔ ادا رحيم بخش، هڪ چوڻي ته ٻڌي هوندوَ ته پنج آڱريون برابر ناهن هونديون، اهڙي طرح دنيا جي سڀني قومن جي نفسيات الڳ الڳ هوندي آهي ۽ وسائل به الڳ الڳ هوندا آهن، انڪري سندن سوچون به الڳ الڳ هونديون آهن ۔۔۔ ڀلا جيڪو ماڻهون سنڌونءَ جي ڪناري رهندو هجي ته انکي مٺي پاڻيءَ جي ڪميءَ جو ڪهڙو احساس ٿيندو، بنسبت ان ماڻهونءَ جي جيڪو ٿر جي وارياسي تي يا سمنڊ جي وچ ۾ زندگي گذاريندو هجي ۔۔۔ باقي مون ڪنهن جڳهه تي پڙهيو هو ته ڪائنات جي خلقيندڙ هن دنيا کي اهڙي ته نموني خلقيو آهي جو انسان چاهي ڪيتري به تعداد ۾ وڌي وڃي ۽ چاهي ڪيترا به وسائل استعمال ڪري به کٽڻا ناهن ۔۔۔ ها بس انسان شيطان جي پوئواري ڇڏي سلامتيءَ واري زندگي گذاري ته پوءِ ڏِسُ رنگيءَ جا رنگ ۔۔۔ باقي ته ادا اسين انسان جيتوڻيڪ اشرف المخلوقات آهيون پر تنهن هوندي به گهري ديد کان وانجهيل آهيون ۔۔۔ دعا ڪريو ته انسان پنهنجو شرف سڃاڻي ۽ هن ڪائنات کي سمجهي ته ٻيڙا پار ۔۔۔ suhnan saan