دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,669
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تازو ئي پوري دنيا ۾ سروي ڪيو ويو ۔۔۔ ۽ سوال هو ۔۔۔۔
    ڇا توهان مهرباني ڪري سموري دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي بابت حل لاءِ ڪا ايماندار راءِ ڏئي سگهو ٿا۔۔۔۔؟

    اها سروي حيران ڪن طور بلڪل ناڪام وئي ڇو ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    آفريڪا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”خوراڪ“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔۔۔
    اوڀر يورپ ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”ايمانداري“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔
    اولهه يورپ ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”گهٽتائي“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔
    چائنا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ” راءِ “ ڇا ٿيندي آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    وچ اوڀر۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ” حل “ ڇا ٿيندو آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڏکڻ آمريڪا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”مهرباني“ ڇا ٿيندي آ۔۔
    ۽ آمريڪا ۾ ماڻهن کي خبر ئي نه هئي ته ”سموري دنيا“ ڇا ٿيندي آ۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي۔۔۔

    سائين پاڻ ڪهڙي شيء کان خبر وار آهيون ؟ لڳي ٿو ته خبر ته سڀني ڳالهين جي آهي پر حل لاء ڪو مناسب مشورو ته هجي ۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا ۾ خوراڪ جي گهٽتائي۔۔۔

    ادا رحيم بخش، هڪ چوڻي ته ٻڌي هوندوَ ته پنج آڱريون برابر ناهن هونديون، اهڙي طرح دنيا جي سڀني قومن جي نفسيات الڳ الڳ هوندي آهي ۽ وسائل به الڳ الڳ هوندا آهن، انڪري سندن سوچون به الڳ الڳ هونديون آهن ۔۔۔ ڀلا جيڪو ماڻهون سنڌونءَ جي ڪناري رهندو هجي ته انکي مٺي پاڻيءَ جي ڪميءَ جو ڪهڙو احساس ٿيندو، بنسبت ان ماڻهونءَ جي جيڪو ٿر جي وارياسي تي يا سمنڊ جي وچ ۾ زندگي گذاريندو هجي ۔۔۔

    باقي مون ڪنهن جڳهه تي پڙهيو هو ته ڪائنات جي خلقيندڙ هن دنيا کي اهڙي ته نموني خلقيو آهي جو انسان چاهي ڪيتري به تعداد ۾ وڌي وڃي ۽ چاهي ڪيترا به وسائل استعمال ڪري به کٽڻا ناهن ۔۔۔ ها بس انسان شيطان جي پوئواري ڇڏي سلامتيءَ واري زندگي گذاري ته پوءِ ڏِسُ رنگيءَ جا رنگ ۔۔۔ باقي ته ادا اسين انسان جيتوڻيڪ اشرف المخلوقات آهيون پر تنهن هوندي به گهري ديد کان وانجهيل آهيون ۔۔۔

    دعا ڪريو ته انسان پنهنجو شرف سڃاڻي ۽ هن ڪائنات کي سمجهي ته ٻيڙا پار ۔۔۔

    suhnan saan
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو