يارنهن منٽ... پائولو ڪوئلهو جي ناول جو ترجمو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    يارنهن منٽ

    [​IMG]

    جڳ مشهور برازيلين ناول نگار پائولو ڪولهو جي انگريزي ناول اليون منٽس جو سنڌيء ۾‌ ترجمو نواز خان زنئور يارنهن منٽ جي نالي سان ڪيو آهي، ناول جو بنيادي طور تي برازيل سان واسطو رکندڙ هڪ غريب طبقي جي ڇوڪريء‌ جي چوڌاري گهمي ٿو جنهن کي اسڪول واري دور ۾ ئي پيار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، ناول جي مک ڪردار ( ماريه ) هڪ اهڙي ڇوڪري آهي جنهن کي ڪٿي به سچو پيار نه ٿو ملي، نه اسڪول واري زماني ۾ نه ئي وڏي ٿيڻ کانپوء ڪمائي ڪرڻ‌ واري دور ۾ ۽ نه ئي وري شرافت واري زندگيء گذارڻ دوران پر ان کي سچو پيار ملي ٿو ته ان وقت ملي ٿو جڏهن هوٕء شرافت جي زندگي ڇڏي هڪ رنڊيء جي زندگي گذارڻ لڳي ٿي، ماريه رنڊي ٿيڻ کانپوء نه رڳو سچو پيار حاصل ڪري ٿي پر هو ان روپ ۾ منتقل ٿيڻ کانپوء زندگيء جا ڪيترائي دلفريب تجربا پڻ سکي ٿي ۽ هوٕء بئنڪن جي ملڪ سوئٽزرلينڊ جي هڪ اهڙي رنڊي بڻجي پوي ٿي جيڪا هر قسم جي مردن کي مطمئن ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿي، ماريه سان جنهن مصور کي سچو پيار ٿئي ٿو ان جو قصو به عجيب آهي، شرافت جي زندگي گذاريندڙ مصور کي جنسي سڪون ۽ محبت نه ته پنهنجي زال پهچائي سگهي ٿي ۽‌ نه ئي وري ڪا ٻي عورت پر ان کي به ماريه ( رنڊي ) سڪون ڏئي ٿي، پائولو ڪوئلو ناول ۾ چوي ٿو ته ” دنيا جنهن جي مدار ۾ گهمي ٿي اهو وقت رڳو يارنهن منٽن جو آهي “ ناول کي نواز زنئور اهڙي فني مهارت سان ترجمو ڪيو آهي جو مون کي سچ پچ به عمر قاضيء کانپوء نواززنئور جي ترجمي ٿيل ناول کي پڙهي خوشي ٿي، ناول نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران شايع ڪيو ويو آهي، ناول پڙهڻ سان پڙهندڙ برازيل ۽ سوئٽزرلينڊ سميت ٻين مختلف ملڪن جي ثقافت جي باري ۾ پڻ معلومات حاصل ڪري ٿو

    ساگر سهندڙو
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ... اڄڪلهه پائلو ڪوهلو جو ناول اڪرا مان مليل مسودو پيو پڙهان.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    يارنهن منٽ انگريزي ته پڙهي چڪو آهيان پر سنڌيء وارو پڙهڻ جو شوق اٿم ضرور پڙهبو.. سليمان وساڻ صاحب اميد ته اوهانکي عڪرا مان مليل مسودو پسند آيو هوندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پر مان اڃان انتظار ۾ آهيان..:(:(
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    سائين باقي ٿورو انتظار بس حاضر
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مونکي به انتظار رهندو... سائين
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سليمان وساڻ جي مهرباني سان ڪتاب هٿن ۾ پهتو... پر هر دفعو پڙهڻ جي شروعات ڪندي ئي اکيون ننڊ ڪرڻ لڳنديون آهن .. :( ڪوشش ڪبي ته جلد پڙهي ختم ڪجي...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صفا ننڊ ۾ پيا لڳو ...... يار مون اوهان کي هي ناول نه پر اڪرا مان مليل مسودو ڏنو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    يار سهي ٿو چوين... نئين جاءِ تي ڏينهن ۽ رات بس اهو ئي ڌنڌو آ.. :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو