وحدت نامو

'سچل سارو سچ' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2014۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    اول ساراه ڪر سبحان جي، مولىٰ جو ملڪن؛
    مڙيائي محضوض ڪيا، ڏسو ڏيھه ڌڻين؛
    ڪي ڪامل ڪُرسين تي چڙھي، وَہ وَہ وعظ ڪن؛
    ڪي ڪاتب ڪتابن جا، سوين سبق ڏين؛
    ڪي مسئلا مسائل ڪيون، ناميان نبيرن؛
    ڪي پڙھيا پاڻ پروجھ سان، پڙھيون پڙھائن؛
    ڪي وردن وظيفن ۾، شاغل روز رھن؛
    ڏسيون وائسيون ورق کي، وريون ورائن؛
    سِڪَ سچيءَ کَـئُون ڪونڪو، سبق سُور سِکن؛
    اکر لِکن نه دل تي، ٿا ڪاغَذَ ڪارا ڪن؛
    مَسُ ڪاريءَ جان مَنَ کي، ٿا ڪاري ڪارو ڪن؛
    مُدعا ٿئي جنھن ڳالھ ۾، تنھن ويجھو ڪِين وَڃَن؛
    جو فرمودو واحدَ جو، تاڏي ڪَنُ نه ڪن؛
    ”و فِى اَنفُسِڪُم اَفَلاَ تُبصِرُون“، ھِن ويسَھ نه وسَھن؛
    ٻين مَعنائن ۾، ڪاھَت ڪَيون ڪَھن؛
    اِھو فِڪر فائِدو نه ڪري، توڙئون کي تَن؛
    فڪر ڪن نه فنا جو، ٿا بقا کي نه پُڇَن؛
    ھي اُتي حيران ٿيا، اوڳا ۾ اکَرَن؛
    معنىٰ تن جي طرح سان، ھڪڙي ٻي چَوَن؛
    پڙھيو سمجھيو عِلمَ تي، عمل نه آڻن؛
    ”مَن تَعلمّ العلم للمُنَاظَرَة وَالمُڪَابَرَةُ“ اُھي منافق مرن؛
    ھيٺَؤُن مِٽيءَ جي پسِي، ٿا پاڻ ئي لِڪائن؛
    آھي آفتاب اَبَر ۾، پَرَ لائق ڪِين لَهَن؛
    مُنجھايو ماڻھن کي، ماضين مَذھبن؛
    محڪم ماڻھن کي ڪيو، تن جي زنجيرن؛
    ھُون حديثن ڪِينَڪِي، نه ۾ آيتن؛
    مڃن تن کي ڪِين، ٿيو ملا ٿا مَڃن؛
    سي سوگھا سڀئي ڪيا، نامراد نِيَرَن؛
    اکيا اکين وڌڙا، توڙؤن ئي ڏَسُ تن؛
    بِرهَ جي بَئبان کَئُون، پاسي اوءِ پَوَن؛
    سي پَسڻَ کؤن پري ٿيا، ڪين پسا پَسَن؛
    محبت جي مھراڻ مَئُون، جي مُلا چاشَ چَکَن؛
    ته ڪنز قدوري ڪافيا، لهرن ۾ لوڙھن؛
    ڪن سلام صرف کي، ھوند نَحو نه نھارن؛
    پرکَ لاءِ تنھن ڳالھ جي، باس نٿا باسن؛
    اُھي رھيا اِتھين، مَٿي ڪِين چڙھن؛
    ڪيئِي آھن قالَ ۾، باتيون بَس نه ڪن؛
    ڪي وڃي رسيا حالَ کي، ڪي بيٺا ٻاڏائن؛
    ڪي لَنگھي ھليا حال کَؤن، نڪِي قال ڪھَن؛
    ڪي دنيا جي طلبَ ۾، ھنيا حرص حَڄن؛
    ”طالِبَ الدُّنيا مُونث“، محبت ناھي تَن؛
    ڪي ڪوڏيا عقبىٰ جا ٿيا، ھنيا لئه حورن؛
    ”طالِبُ العُقبىٰ مُخنث“، مڙس سي نه چئجن؛
    عاشق جي الله جا، سي سائين سيبائن؛
    ”لاَ مَوجُودَ اِلَّا الله“، حاضر ڪيون وتن؛
    ”طالِبُ المولىٰ مُذَڪر“، ھن رسايا رمزن؛
    ٻئي جھان ڦٽا ڪيو، ٿا ٽئي جھان وڃن؛
    اَصلئون ئِي اختيار ڪيو، فقر فقيرن؛
    ”اَلفَقُرُ خَزِينَةٌ مِن خَزائِنِ اللهِ“، بعض کي بخشن؛
    ”اَلفَقيرُ لاَ يَحتاجُ اِلَى الله“، ٻيون ڏنائون ٻن؛
    ”اَلفَقرُفَخرى ولفقرمِنى“، اِئين اُتو عجيبن؛
    وَتَن ويڳاڻا وِرھ ۾، نيڻين نِنڊ نه ڪَن؛
    راتو ڏينھان روحَ ۾، چَپ نه ڪو چورن؛
    ”مَن عَرَفَ رَبہ ڪَلّ لِسانہٗ“، ٻَڌِي زبان اُنَھن؛
    نَشي تن کي ”نانھ“ ڪيو، مورئون ”مان“ نه چَوَن؛
    ”قُل ڪُلٗ مِن عِندِاللهِ“، اِھو ڪيائون ڪَن؛
    ”وَالقَدر خَيرہُ وَشرَہ مِنَ اللهِ تَعَالىٰ“، سڀ اوڏانھون ڄاڻن؛
    موليٰ جي محبتَ ۾، کِيا ٿيا وَتَن؛
    سُڏڪا سَڀَئِي سوز جا، ڀنينءَ رات ڀَرن؛
    آديسي اَرمانَ ۾، گھوماٽيا گُھمن؛
    ڪِين رئَڻَ کَئُون اُن جيون، اکيون اوڪارن؛
    ”ھرآن سِرى کہ با محبوب دارند، خبرنبود ڪراماً ڪاتبين را“، سِر اھو سانڀن؛
    ھَيھات ھَيھاتَ، اِھا عادت اُداسن؛
    پنھنجيءَ پَر ۾ پاڻَ کي، ٿا پَرتَئون پَچَائِن؛
    نِھائِينءَ کَئُون نينھڙو سکيو ساميڙن؛
    مَچ مَچايو مَنَ ۾، ٻاڦ نه ٻَھر وجھن؛
    عاشقَ مَٿَؤُن آگ جي، اولارا ڏين؛
    طالب جي ئِي حَق جا، طَلَب نه پِئي ڇڏِن؛
    عينان سندين اوجاريون، اڇن اوجاڳن؛
    اٺئي پَھرَ عجيبَ کي، ڪَنڌ اونڌي اورن؛
    ڪا ساعت ھَڏِ نه سنرا، اُنھين ري آھِن؛
    ظاھِر سي ئي زبان سان، ٻيو تا ڪين ڪَھَن؛
    مامن سان ماڻھن کي، سالڪ سمجھائن؛
    صُمٌ بُکمٌ سڪوت ۾، اڳيون پئي عامن؛
    ”عَينُھا باڪيةٌ و قَلوبُھا ذاکِرٌ“، اھوذڪر چوَن؛
    ”عَينُھَا تَنَامُ وَلاَ تَنَام قُلوبُھَا“ دل طرف دوسَن؛
    آئي آڏو عامَ جي، اڳھين ڪانه ڪَھَن؛
    ”اِنّ اَولِيائِى تَحتَ قَبَائِى“، لائق لعل لِڪن؛
    ”الصّبرُ مفتَاحُ الفَرَح“، صبر صابرن؛
    بعضي موحد وحدتي، اھڙا ڀِي آھن؛
    مست ڪئين منصور جان، سوريءَ سِرُ سَٽِن؛
    محبت ۾ مخمور ٿيا، ڪامل ڪوڏَ ڪُسَن؛
    ڪُرڪَن ڪِنجھن ڪِينڪِي، ڄڻ پار وِھانءَ وَڃَن؛
    رتَ منجھارُون پانھنجي، وضو وِير ڪَرن؛
    اِيءَ نماز عشق جِي، تھؤن پوءِ پڙھن؛
    جي محبت وِڌا مامري، سي ڪيئن مُڙس مُڙن؛
    سوريءَ اُتي صابري، ڪيون ڇيڄ چڙھن؛
    تَحتون تريءَ تي رکيون، صادق سِرُ ڏِين؛
    ڪن سِرُ صدِقي دوست تَئُون، ٻيا پھ ڪين پُڇن؛
    نِينھن نھوڙيا نڪِڻيان، جنھن پَر ڪاپڙين؛
    ھِڻي درد دھيون ڪيا، سندي سپيرين؛
    ڪڏھن اڇا ڪپڙا ڍار نه ڪنھن ڍڪن؛
    منھن ميرا مَٿي ٿيرا، اھڙيون طرحان تن؛
    ڪائي تن جي ڪانه ڪا، جُڙي لِيڙَ لِڱن؛
    مٿين پيرين برھنه، ايڏا سور سَھَن؛
    پرٽيو پروانن جان، ڪاھيو تِتِ پَوَن؛
    ڀَنڀڙ باھ عشقَ جي، سپورَن سَڙَن؛
    کامِي لَهسي لُوسجي، لائق لعل ٿين؛
    آوڙي عام نه اُن کي، جي سينڌائِي سڄڻن؛
    اَچو پَون آڙاھَ ۾، سِرَ جو سانگ نه ڪن؛
    ڊِڄو ڪنهن جِس جھوپڙا، آڏا ڪين اڏن؛
    اوڏَنھن وٿ متان پَوي، گنگھر اِي گھارن؛
    ري پِريان تن ڪين ٻيون، ڳالھيون ڪَس لڳن؛
    ڏاڍا ڦٽ فراقَ جا، تن جي چت چاڪن؛
    ورھ وڍي واڍوڙ ڪيا، رويو رت رئن؛
    ”مُوتُواقَبلَ اَن تَمُوۡتُوۡ“، ائين مَن مارِن؛
    اُھي مَرَڻ کَـئُون اڳي مُئا، ”مان“ کي ڪين مَڃن؛
    دشمن دوستَ ھڪ ڪيون، گودڙيا گڏجن؛
    ان جي اَکين آگم سِٽيا، بوندان بس نه ڪن؛
    سِرُ ڏيو سَنوپرا، وَٽِي ورھ وَٺن؛
    ”تَرڪُ الدُّنيا سُنة طَلَبُ المَولىٰ فرۡضُ“ ھو دِل ڌَرنِ؛
    سويون ڇڏيون سُکَڙا، گوندَرَ گذارن؛
    جوڳي جانبَ ڪاڻ ٿيا، مثل مَستانن؛
    اَبتر ڪيائون پاڻ کي، پَسَڻَ لئه پِرين؛
    ھاءِ وِڃايو حالڙو، ويتر ويچارن؛
    ھو ”مشتاق على لقاءِالله“، ائين محفوظ رھن؛
    ڪي فنا فراق ڪيا، ڪي مليا محبوبن؛
    آھِ لقاءُ لطيفَ جو، عيدون عاشقن؛
    محبت جي مڪان کَئُون، لاھوتي لنگھن؛
    واديءَ ۾ وحدتَ جي، دانھ پير ڌَرنِ؛
    ”تون- مان“ وڃي وچ مَئُون، ته ڪِي پاڻ پَسَن؛
    شڪ يقين اُٿي ويو، برابر چَوَن؛
    ھادي مريد ھڪ ٿيو، تفاوت نه ڪن؛
    عابد ۽ معبود سو، ھڪ نگاھ پَسَن؛
    پاڻ پڙھِي پاڻ بِھي، پاڻ ئي سجدو ڪن؛
    ”پاڻ“ مڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، نِوڙي نِوڙَت ڪَن؛
    پاڻ اُٿي پاڻ ويھي، پاڻ رموز رکن؛
    پُرجھ مِڙيوئي ”پاڻ“ ٿيو، غير نه پَسائن؛
    ڪافر مومن ھڪ ٿيو، ڀلا ٿا ڀائن؛
    سوئي فَلَڪ سوئِي مَلَڪ، سوئي آدمن؛
    سوئي اَحمد سوئِي علي، سوئِي ھڪ سَمجھن؛
    نانوَ، ڪَنن اَکِين جا، وچون ئِي وڃَن؛
    بازيون بازيگر ڏِسِي، اِنھيءَ ڀَتِ ڀُلَن؛
    تان اکيون، ڪَن، زبان سي، ٻوليون ٿيون ٻولن؛
    اسين آھيون آدمي، بيحد مون بشرن؛
    نا ته مِڙيوئي پاڻ ٿيو، سميع بصير ڏسن؛
    عين عليم ڪليم ٿيو، قادر قدرتن؛
    ھي مڙيون ئي وصفان، اندر آدمن؛
    ھي مڙِيوئي حق ٿيو، ٻيا باقي ڇا بچن؛
    وصفن اُنھن ساڻ، اصل آدمي سڏن؛
    ھِت آدمَ مَئُون الله ٿيو، ٻيا سڀ شڪ ڀَڄن؛
    اصل الله مَئُون آدمي، ثابت صورتن؛
    مورَت صورتَ ھڪ ٿئي، ڏسج دل نيڻن؛
    سوئي ڏسڻ وارو، سو منظور مَڃن؛
    خالي ڪانه جاءِ ٿي، بنا محبوبن؛
    سڀ ڪنھن ھنڌين سپرين، ڇا جِي جاءِ خسن؛
    ڪاٿئين پٿرڻيون پَٽ جون، ڪاٿئين دلقا ڪن؛
    ڪاٿئين جاما زر جا، ڪاٿئين پشمينا پَھرن؛
    ڪاٿئين سَناسِن ۾، ڪاٿئين منجھ مُلن؛
    ڪاٿئين معرڪن ۾، ڪاٿئين منجھ ڪُنڊن؛
    ڪاٿئين مَسيتن ۾، ڪاٿئين ۾ دائرن؛
    ڪاٿئين رھن تقوىٰ ۾، ڪاٿئين ۾ ناچن؛
    ڪاٿئين تماشن ۾، ڪاٿئين ۾ سيرن؛
    ”خَلَقَ الاَشيَاءَ فَھُوَعَينُھَا“، منجھ عربيءَ ائين چون؛
    پاڻ چوندڙَ، پاڻ ٻڌندڙَ، پاڻ ئي ۾ ٻولن؛
    سمونڊ سرگردان ٿيو، پيو ۾ عَجَبن؛
    ”آءٌ اصل پاڻي آھيان، ڪئين سمنڊ سڏن؛
    نانوَ مٿم ناحق جا، رکيا الاجي ڪَن!“
    جي رسيا وڃي وصالَ کي، سي چؤرنگ يار پَسَن؛
    اول ڪفر پوءِ مَڃَڻ، پوءِ تان مَنجھ ڪُفرن؛
    پر ڪفر مسلماني ھڪ ٿِي، مِڙِيوئي مَڃن؛
    نفيءَ مَئُون اثبات ٿيو، ٻيا سڀ ”لا“ ٿين؛
    مرشد ڪامل ھادي منھنجو، دائم درازن؛
    عارف عبدالحق آھي، صوفي صاف سَڀَن؛
    ھُئي شالَ چراغ سو، روز شبان روشن؛
    عارف جي اولاد کي، دعا سڀ ڪَرِن؛
    حيرت ۾ ھميشہ سي، غازي سڀ ھُئن؛
    عشق منجھ الوٽ ھُئَن، سڀئي صاحبن؛
    تا گھڻين طرحين نوِڙا، مَٿي ”نانھ“ رکن؛
    ڏيو روشن تن جو، تائين قيامتن؛
    اُجرائي آفتاب کان، ھادي شال ھُئن؛
    اَظھر ھُئن دارَين ۾، برڪت پنجتنن؛
    ھوئن خليفا غوث جا، سي روشن کانئن ھُئن؛
    قائم مَسند تن جي، حُرمت خير سندن؛
    ”سچو“ سگ انھن جو، سندن دروازن؛
    ڪَلمو چئو نبيءَ تي، تا ڇٽو کان ڇِين.​
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    زبردست ادي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام سهڻي ۽ ساراھ جوڳي ونڊ ، هنکي اگر پي ڊي ايف فائيل ۾ ٺاهيو وڃي ته اڃان به بهتر رهندو سليمان وساڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادي تمام بهترين بيت ونڊ ڪيو اٿوَ.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي اسان جون سنڌي ڀينرون به پنهنجي وس آهر حصو وٺي رهيون آهن. ادي شيرين اها ڪوشش جاري رکجو ۽ پنهنجين ٻين سهيلين کي پڻ هن فورم جي دعوت ڏجو.
    الله سائين توهان کي خوش رکي آمين

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سبحان الله،تمام بهترين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو