Sindhi Media
سينيئر رڪن
آواز : اسلام عليڪم
جهمور : وعليڪم اسلام ! ڀلي آئين، جيءُ آئين ! محترم مڇر خان ! ٻيلي ڇا کائيندي ! ڇا پيئندي ! ڪٿي روزي سان ته ڪونه آهين يا اڃا به جهمور جو رت پي گُذر پيو ڪرين !
مڇر : سائين توهان ته ائين پيا چئو ! ڄڻ ته پاڻ روزي سان آهيو !
جهمور : ابا تُهنجو اسان سان ڇا ! اسانجو عمل اسان ساڻ ! ڏسين نه پيو ته هو نيڪ ٿي ويو آهي ! جڏنهن کان عمرو ڪري آيو آهي اسان به نيڪ ٿي وينداسون جڏنهن الله چاهيوته عمرو به ڪري اينداسون ! پوءِ انشا الله باقائدگيءَ سان روزي، نماز، تراويح جو احتمام به ڪنداسون !
مڇر : ته ڇا عمري جي ادائگيءَ کان پهرئين روزي، نماز جي اهتمام ڪرڻ تي پابندي آهي !
جهمور : اڙي مورک ! تون ڇو مذهبي بحثن ۾ پيو گهڙين ! شڪ ۾ ته شهر سمورو لڳو پيو آهي ! تون ٻڌاءِ تُهنجي ڪهڙي خذمت ڪريان. ! سڄڻ ! تولاءِ ته جان به حاضر آهي ! جيئن مليريا ۽ ڊينگيءَ جا انگ اکر ٻُڌائين پيا !
مڇر : مهرباني ! بس هاڻ ئي سامهون واري حلوائيءَ جي ٿالهه تان ڀيرو ڀري آيو آهيان ! شير شڪم ٿي چُڪو آهيان !
جهمور : اڙي ! ته ڇا کُدو حلوائيءَ مٺائيءِ جي ٿال مٿان لڳل ڄاري هٽائي ڇڏي !
مڇر : ڄاريون ! ٻُڌو جهمور ميان جون خبرون ! يار اهي ته هن ڏيکائيءَ لاءِ ! وزير صحت جي حلف کان پوءِ وزٽ خطري تحت، عارضي لڳائي رکيون هُيون ! پر جڏنهن خبر پئيس ته موصوف گرمي پد 45 سيليسس جو ٻُڌي ، ميونسپلٽي وارن تي ڇڏي ڏنو ته هٽائي ڇڏيئين ! آخر ڪي ايم سي وارن کي روزانا بُنيادن تي ڀتو جو ڏي ٿو!
جهمور : اڇا ته هاڻ وري ڪا ٻي منگهڙت ٻُڌائڻ آيو آهين ! ٻيلي اڄ معاف ڪر ! ڪن وزن برداشت ڪرڻ کان قاصر آهن!
مڇر : نه ڪا ڪهاڻي ٻُڌائڻ ڪونه آيو آهيان ! بس تبادله خيال ڪرڻ آيو آهيان !
جهمور : ته پوءِ جلدي ڪر ! اسان جا خيال پاڻ کڻ ۽ پنهنجا خيال اسانکي ڏي ! اسان پهرئين پنهنجي خيالن مان تنگ آهيون!
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: