انڌير نگري چرٻٽ راجه (رهاڻ لطيف 2007 )

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو جيئي سنڌ
    گُذريل ڏينهن سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر سوکڙي طور کڻي ٽنڊو محمد خان جي سڀ کان مشهور ۽ مقبول دارالعلوم هاءِ اسڪول ۽ مخدوم بلاول سائنس ڪاليج جي پرنسپال محترم حاجي محمد صادق قريشي سان ملڻ ويس پاڻ سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو، زباني طور ڪامينٽس ڏيڻ لڳو، مون کيس گُذارش ڪئي ته سائين توهان اهڙا ڪامينٽس لکت طور پنهنجي آفيس واري ليٽر پيڊ تي ڏيو ته تمام گهڻي مهرباني ٿيندي، کيس سنڌ سلامت جي مول متن جي باري ۾ ٻُڌايم ته پاڻ پنهنجي اسڪول جي سالياني ڪنوينشن رهاڻ لطيف 2007 واريون ٽي سي ڊيون ڊونيشن طور سنڌ سلامت کي ڏنيون، سائين جن جا ٿورا۔ دوستو جيئن ته هي رهاڻ لطيف سن 2007 ۾ ٿي هُئي هن ۾ شاگردن پاران هڪڙو اصلاحي طنز و مزاح سان ڀرپور ٽيبلوز پيش ڪيو ويو هو، مون ايڊيٽنگ ڪندي هن ٽيبلوز جو نالو رکيو آهي انڌير نگري چرٻٽ راجه ” انصاف ٿيندو ضرور ٿيندو“جنهن کي ڏسي توهان ڀلي ريت سمجهي سگهو ٿا ته صورتحال پنهنجي اردگر 2007ع ۾ به ساڳي هُئي ۽ صورتحال2010ع ۾ به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل ماٺ ڀلي آهي، هي هن ٽيبلو جي پهرين قسط آهي، جلدي ٻي قسط به پيش ڪئي ويندي۔ توهان جي ڪامينٽس جو شدت سان انتظار ڪندس۔ آئون ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جنرل سيڪريٽري دارلعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان ۽ حاجي محمد صادق قريشي صاحب پرنسپال مخدوم بلاول سائنس ڪاليج ٽنڊو محمد خان جن جو جن جي ٿورن سان هي وڊيوسنڌ سلامت کي ڊونيٽ ٿيو۔
    سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ٿيل رهاڻ لطيف 2007ع ۾ پيش ٿيل ٽيبلو قسط پهرين ​

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انڌير نگري چرٻٽ راجه (رهاڻ لطيف 2007 )

    ڀائڙا ناز! اوهانجو هي ونڊ انتهائي فڪر ۾ وجهندڙ آهي ۔۔۔ جنهن ملڪ جا ننڍڙا معصوم ٻار ۽ طالبعلم پنهنجي ملڪ جي حڪومتي ڪارندن لئه اهڙا خيال رکندا ۽ اهڙا ڊاراما ٺاهي انهن جي عملن جي عڪاسي ڪندا ته پوءِ اهي ٻار مستقبل مان ڪهڙيون اميدون رکندا ۔۔۔ پنهنجي پڙهائيءَ ۽ محنت جي ڦل حاصل ڪرڻ جون خواهشون ڪيتريون ساڀيان ڪري سگهندا؟
    هن ٽيبلو ۾ معصومن جيڪو پيغام ڏنو آهي، اهو اسان سڀني سنڌين جي اکين کولڻ لئه ڪافي آهي، پر اسين اکيون ڇو پٽيون، ظلم جي ڪاري رات ۾ ڪجهه نظر اچي ته اکيون کوليون نه! اسانجا پڙهيل لکيل، سمجهدار ۽ ديندار ماڻهون به سچ کي سمجهي نٿا سگهن ۽ جي سمجهن به اٿا ته ڏاڍ جي آڏو ڪنڌ جهڪائي هلڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهن ٿا ۔۔۔

    ڏک جو مقام آهي اجتماعي قومي سوچ تي ۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: انڌير نگري چرٻٽ راجه (رهاڻ لطيف 2007 )

    ادا نثار ابڙا جُڙيو هُجين شال: توهان هنن ٻارن جي لکيل اسڪرپٽ تي نظر ڊوڙائي ۽ ان وڊيو کي مڪمل ڏٺو انهيءَ لاءِ تمام گهڻو ٿورائتو آهيان توهان جو۔ ادا انهن ٻارن مجموعي طور تي اسان جي معاشري ۾ ڦهليل گندگي کي عوام آڏو آڻي هڪ اکيون کولڻ وارو ڪم ڪيو آهي۔ هي اڃان پهرين قسط آهي آخري قسط تائين ڏسي پوءِ پنهنجي مڪمل ڪامينٽس ڏيندا ته مهربانيون ٿينديون۔ هن ٽيبلو جي ٻي قسط تمام جلدي ڏيندس۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو