Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
هو ٽارچ جي روشنيءَ ۾ قبرن تي لڳل تختيون پڙهندو پئي ويو اهي تختيون کيس هر عمر ۾ مرڻ وارن جون ياديون ڏيارينديون ويون. هو پنهنجي سموري قوت ۽ هوش کي سنڀالي پڙهندو ته ويو پئي پر پوءِ به خوف جو عنصر هُن جي چهري تي عيان هو ۽ بل آخر هو اچي هڪ قبر تي اچي بهي رهيو جنهن تي هڪ تختي لڳيل هُئي جنهن تي(ساجده رئيس) تحرير ٿيل هو ۽ وفات جي تارخ سال اڳ جي. هو ان قبر سامهون گوڏن ڀر ويهي رهيو ۽ روشن ٽارچ کي ساڄي پير هيٺان سنڀالي رکيو.
قبرستان جي سنسان ماحول تي هڪ سري سري نگاه هڻڻ کان پوءِ هو قبر جي مٿي کان پنهنجي چهري تي ٻئي هٿ ٻُڪ جي انداز ۾ ويڙهي روئڻ لڳو. کيس يقين هو ته هن ويراني ۾ سندُس سسڪيون ۽ آهون ٻُڌڻ وارن جو ڪوبه وُجود ڪونه هوندو. اهوئي سبب هو جو هو قبر ۾ پوريل پنهنجي زال ساجده سان بُلند آواز ۾ مُخاطب ٿيو هو.
(ساجده ! مونکي هن ڀريل دُنيا ۾ اڪيلو ڪري وئي آهين. مان توکان سواءِ هاڻ ڪيئن ٿو جي سگهان، جي پنهنجن گلن جهڙن ٻارڙن جو خيال نه هُجي ها يقينن آئون به توسان اچي ملان ها. مان ٻي شادي ڪري تُهنجي ڪُک مان نڪتل امانتُن کي ڪنهن غير جي هنج ۾ ڪيئن وجهي ڇڏيان، انهن کي ڪيئن ڪنهن اجنبي شخصيت جي حوالي ڪريان ها. اڄ تُهنجي پهرئي ورسي آهي. مون کان جيترو ٿي سگهيو پوري سال جو ثواب تُهنجي روح کي رسائڻ جو اهتمام ڪيم ته جيئن تُهنجا گناه معاف ٿي وڃن ۽ الله جل شانهُ تُهنجا درجا بُلند ڪري، ڇو جو مونکي يقين آهي ته تو جهڙي نيڪ سيرت عورت ڪو گناهه ڪري نٿي سگهي. تون پير پير مونسان هلندي رهئينءَ. تو مالي مشڪلاتن جي باوجود پاڻ ۾ صبر ۽ شڪر جو ساٿ نه ڇڏيو، مونکي پريشانيءَ ۾ سهارو ڏيندي رهيئن، غم ۾ راحت پُهچائيندي رهيئن، ڏکن ۾ سک، سورن ۾ آرام، زخمن تي مرحم ۽ بدلجندڙ موسمن سان زندگيءَ جون لذتون. مان تُنهنجي انهن ڍير خوبين کي ڳڻي به نٿو سگهان. مان توکي اهو ٻُڌائڻ آيو آهيان ته تُهنجن مائٽن ٻارن جو خيال رکندي ته جيئن هو ماءُ جي عدم موجودگيءَ باعث ڪنهن بي راه رويءَ جو شڪار نه ٿي وڃن، مُهنجو نڪاح تُهنجي ڀيڻ عابده سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. مُهنجي خاموشيءَ کي هُنن رضامندي سمجهي، مان ان ڪري توکان اهو پُڇڻ آيو آهيان ته ڇا ان عمل سان تُهنجي روح کي تڪليف ته نه پُهچندي، تُهنجي دل آزاري ته نه ٿيندي. چئو ساجده ! چئو ! خدارا ڪُجهه ته چئو! جي هن عمل سان تُهنجي دل ڏکي ٿي ته آئون پوري عمر پاڻ کي معاف نه ڪري سگهندُس. هو اوڇنگارو ڏئي رُئڻ لڳي ٿو)
رات جو سناٽو وهشت جي پوشاڪ پائي چُڪو هو، جانور نين قبرن ۾ پنهنجي خوراڪ جي تلاش لاءِ موجود هُئا ۽ رئيس کي ڪنهنجي قدمن جي آهٽ محسوس ٿي ته هو پاڻ سنڀالي بهي رهيو پر قدمن جو اهو آواز اڳتي وڌي ويو پوءِ خبر ناهي ته ڪيترو وقت هو لڙڪ ڳاڙيندڙ اکين سان ساجده جي قبر کي گهوريندو رهيو جهڙوڪ هو کيس پنهنجي بيڊ روم جي بيڊ تي گهري ننڊ ۾ سُتل ڏسي پيو گهوري. ڇا ڪجي جو قدرت جي فيصلن سامهون هرڪو بيوس هوندو آهي ۽ رئيس به لاچاري ۽ مجبوري تحت قبرستان مان نڪري آيو.
اڄ رئيس جو عابده سان نڪاح هو. هو خاموش ڳچيءِ ۾ گُلاب جا هار پائي ڪن دوستن سان صوفي تي سميٽجي ويٺو هو. هي شادي هُئي يا ماتم هو. هر طرف اداسي هُئي حسرت وسي پئي، نه شاديءَ جا ڳيچ ڳايا پئي ويا نه قناتن تي شاميانا هُئا، نه ڄڃ جي اچڻ لاِ اسٽيج سجايو ويو هو نه ڪو مهمانن کي ڀلي ڪار ڪرڻ وارو بيٺل هو، نه مهڪندڙ ڪوارين ڇوڪرين جاٽهڪڙا هُئا نه تاڙيو ، ناچ ۽ مذاق يا شادي رسم هُئي.
(يار اڄ ته دل ۾مست ڦٽاڪا ڦوڙيندو هوندي، اڌيڙ عمر ۾ چوڏهن سالن جي جو ڪنواري حسينه ملئي پئي، اند ئي اندر ۾ مهڪندو پيو هوندي)
دوستن جي اها مذاق رئيس کي ٽوڪن جا تير ٿي چُڀڻ لڳا ۽ هن جي اکين لڙڪ وهائي ڇڏيا ته رومال سان اگهڻ لڳو، هن جي دل چاهيو پئي ته زماني کي رڙيون ڪري ٻُڌاءِ ته هن کي ساجده سان وچوڙي جو ڪيترو غم آهي، بيشڪ عابده جي اچڻ سان ٻارڙن کي ماءُ ته ملي ويندي پر هوءَ ساجده جي جڳهه سند دل ۾ ولاري نه سگهندي ڇو جو ساجده ۾ اهڙيون خوبيون به هُيون جو شايد ٻي ڪنهن عورت ۾ نه هُجن، رئيس اکيون صاف ڪري نڪاح جون رسمون پوريون ڪيون ۽ پوءِ عابده کي ڪنوار بڻائي ساجده جي بيڊ تي وٺي آيو.
( عابده ! پوري صورتحال جي توکي خبر آهي، سڀ ڪُجهه تُهنجي سامهون آهي، مان به ، گهر به ٻار به ۽ تون پاڻ به باشعور آهين تنهنڪري مونکي وڌيڪ چوڻ جي ڪا ضرورت ڪونهين ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه !)
رئيس پنهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ واريءَ جو گهوگهٽ مٿي ڪندي چيو!
ڇا ٻار سمهي پيا آهن !
هلڪي آواز ، رئيس جي ڪنن ۾ اهو رس وڌو ته هن کي مسرت ٿي ۽ خدا جو شڪر بجاءِ آندئين ته اچڻ واريءَ کي سڀ کان پهرئين ٻارڙن جو خيال ٿيو آهي.
رئيس ! مونکي هي ٻار جان کان وڌيڪ عزيز آهن ۽ تو اهو ڪيئن سوچي ورتو !
عابده رئيس جي چپن تي هٿ رکي جذباتي انداز ۾ چوڻ لڳي!
ڏس عابده ! سمجهڻ جي ڪوشش ڪر! عورت انهن مرحلن مان گذري بيمار ٿي پوندي آهي! پوءِ قسم قسم جو بيماريون سندس پيڇو ڪنديون آهن ! جنهنڪري هر وقت اسپتال ۽ دوائن جي چڪر ۾ هونديون آهن ! نه ٻارن تي پوري توجه ڏئي سگهنديون آهن ۽ نه ئي مڙس تي! مُهنجي ڳالهه مڃ بس پاڻ لاءِ اهي ٻه ٻار ئي ڪافي آهن !
رئيس جون ڳالهيون ٻُڌي هوءَ ته اندران ئي ٽٽي پئي. دل ٽٽڻ جو آواز ته ٿيو پر ٻُڌو ڪنهن به ڪونه ۽ وقت به پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو پر هڪ خبر ته وقت جي رفتار به گهٽ ڪري ڇڏي.
هو ٻئي، مهني ٻن تائين هڪ ٻئي کان ڪترائيندا رهيا! عابده کيس گهڻوئي منائڻ جي ڪوشس ڪئي پر رئيس جو رويو تبديل نه ٿي سگهيو ائين پئي لڳو جو هو هاڻ عابده کان بد دل ٿي چُڪو هُجي. ان خبر کيس بدلائي ڇڏيو هو هاڻ هو اهو رئيس ڪونه هو جيڪو عابده جي هر خواهش تي جان فدا ڪرڻ وارون ٿي چڪو هو ۽ هاڻ هن جي سامهون عابده جو چهروه مڪروه ۽ هو کيس کائي وڃڻ وارين نظرن سان ڏسڻ لڳو هو. ٻن مهنن جي عرصي دوران رئيس هر روز هُن تي شڪ جي نگاهه وڌي.
ڇا مصيبت آهي توکي ! آخر تون مونکي ٻُڌائين ڇو نٿو! هيءَ بي رُخي ڇو پيو ڪرين !
هڪ ڏينهن عابده کان رهيو نه ٿيو ته هوءَ وسي پئي.
تون بدڪردار آهين ! مونکي تو مان اها اُميد هرگز نه هُئي ! ٽري وڃ هاڻ مُهنجي نظرن اڳيان ! آئنده مُهنجي گهر جو رُخ نه ڪجائين ۽ اهو پاپ وڃي ٻي ڪنهنجي گهر ڄڻجائين.
رئيس جي الزامن ته عابده مٿان قيامت آڻي ڇڏي.
ڇا چيئي ! آئون بدڪردار آهيان ! هي مُهنجي ڪُک ۾ تُنهنجي پيار جي نشاني نه پئي پلجي ! پاپ آهي ! خدا جو قسم رئيس ! جون مون توکان سواءِ اڄ تائين ڪنهن مرد کي پنهنجي جسم کي ڇُهڻ به ڏنو هُجي ! ڪنهنکي پاڻ تي ميري نگاهه وجهڻ جو موقعو ڏنو هُجي.
بڪواس نه ڪر ! وڃين ٿي يا ڌڪا ڏئي ڪڍئين گهر مان!
ٺيڪ آ ! جي توکي مُهنجي بيگُناهيءَ تي يقين نٿو اچي ته آئون وڃان ٿي پيڪن ۾ ! جڏنهن توکي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ لڳي ته وٺي اچجئين پنهنجي گهر ! ۽ جي تو پنهنجا الزام واپس نه ورتا ! ته ياد رکجئين ! پنهنجي پاڪيزه زال کي وڃائي پڇتائيندي ! ان منحوس وقت کي ياد ڪندي ! جنهن تي تو مون تي شڪ ڪيو !
جنهن جنهن به ٻُڌو هُن رئيس کي گهڻو سمجهايو پر پوءِ به هن جو شَق نه لٿو! آخر ڪار چڱـن جي پئنچائت ۾ عابده جي پيءُ زاهد درخواست ڏني ته سندس ڌيءَ جي گهر کي وسائڻ ۾ مدد ڪريو ۽ هن بي بنياد الزام جي داغ کي سندس عزت جي دامن سان ڌوتو وڃي . بزرگ گڏ ٿيا ٻنهين جي وڏن کي گهرايو ويو.
رئيس صاحب ! توهان پنهنجي ساهرن کي چڱيءَ طرح سڃاڻو ٿا ۽ ٻيو ته عابده کان پهرئين سندس وڏي ڀيڻ ساجده به ته توهانجي نڪاح ۾ رهي چُڪي آهي ! عابده سان به توهان پنج سال گذاري چُڪا آهيو پوءِ هي اوچتو الزام هڻي توهان کي پنهنجي گهر اُجاڙڻ جو خيال ڪيئن ٿيو !
سائين ! نه آئون پنهنجن ساهرن کي خراب ٿو سمجهان ۽ نه ئي پنهنجي مرهيات زال ساجدهه کي ! مونکي ته فقط عابده جي بدچلنيءَ تي شڪ آهي جنهن جي سزا آئون کيس طلاق جي صورت ۾ ڏيڻ چاهيان ٿو !
ميان ! ايتري جلد بازيءَ جي ضرورت ڪانهين ! تو وٽ سندس بدڪرداريءَ جو آخر ثبوت ڪهڙو آهي
هڪ ڪرهت آواز واري بزرگ رئيس مٿان وسي پُڇيو
بدڪرداريءَ جو وڏي ۾ وڏي ثبوت اُهو گُناهه آهي جيڪو سندس وُجود ۾ پلجي پيو !
رئيس هڪ دفعو ٻيهر عابده مٿان غلط نگاهه وجهي چيو
ان ڳالهه جو ڪهڙو دليل آهي ته عابده جي ڪک ۾ پلجڻ وارو ٻار تُنهنجو ڪونهين !
هڪ ٻئي بزرگ سوال ڪيو
سائين ! ثبوت اهو آهي ته مان ساجده جي زندگيءَ ۾ ئي خانداني منصوبه بنديءَ تي عمل ڪري چڪو هوس ! پوءِ ڪيئن سمجهان ته هي ٻار مُهنجو آهي.
رئيس اهو راز افشا ڪري ڇڏيو جنهن کي هو هيل تائين پنهنجي سيني ۾ لڪائيندو پئي آيو ۽ فيصلي ڪرڻ وارا هڪ ٻئي کي تڪڻ لڳا.
خانداني منصوبه بنديءَ جا طريقا ناڪام به ته ٿي ويندا آهن. جنهن روح کي دُنيا ۾ اچڻو هوندو آهي ڀلا اُن کي اچڻ کان ڪو روڪي سگهي ٿو !
سهري به ٿڌي مزاج ۾ رئيس کي سمجهائيندي چيو
نه ائين هرگز نٿو ٿي سگهي !
آخر ڇو نٿو ٿي سگهي !
ان لاءِ ته آئون وقتي نه پر مڪمل منصوبه بندي ڪرائي چُڪو آهيان ! مطلب پنهنجي نس بندي ڪرائي چُڪو آهيان ! جنهنکان پوءِ هڪ سيڪڙو به ٻار پئدا ٿيڻ جو چانس ڪونه ٿو رهي. جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته اڄ اسانجي شاديءَ کي پنج سالن جو عرصو گذري چُڪو آهي! جيسين عابده جي دل ۾ ٻار جي خواهش نه هُئي تيستائين اهڙِو ڪُجهه به ته نه ٿي سگهيو ! پر جڏنهن هن ٻار جي خواهش ڪئي ته ٻار ڄمڻ جي اُميد به پئدا ٿي وئي.
ٺوس دليل ٻُڌي پئنچائت به هڪ ٻئي جا مُنهن ڏسڻ لڳي، عابده جي والدين ۽ عزيزن جو شرم کان ڪنڌ وڃي زمين سان لڳو ماڻهون لاجواب ٿي پنهنجي گهر روانا ٿيڻ لڳام محلي ۾ ڳالهيون پکڙجڻ لڳيون، تنقيدي آڱرين زاهد جي گهراني جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي. سڀ کين شق ڀرين نظرن سان تڪڻ لڳا هُئا. خود عابده جا قدم به ڳرا ٿي اٿڻ کان قاصر هُئا ۽ سندس نظرون به زمين ۾ کتيل رهيون! عابده کي سوچ ويچار ڪري مهنو ٻيو به گذري ويو ۽ هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هوءَ پنهنجي بيگناهي ڪيئن ثابت ڪري. بل آخر هن هڪ فيصلو ورتو ته هوءَ پنهنجي شفاف، پاڪيزه دامن تان بدڪرداريءَ جو نشان ڌوئي ساهه کڻندي.