مڙس پهرئين ته گهڻي ڪاوڙ مان پنهنجي زال کي ڏٺو ۽ پو نظر ڦيرائي پنهنجي پُٽ تي دانهون ڪري چڙهي ويو پي : (زال کي) هن ڇوري مُهنجي کيسي مان پئسا ڪڍيا آهن ! زال : اهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ! ممڪن آهي مون ئي ڪڍيا هُجن ! پي : (ڪنڌ ڌوڻي ) نه نه ! تو ته ڪونه ڪڍيا آهن ! ڇوري کي بچائين ٿي ! لاڏ ڏئي خانون خراب ڪري ڇڏيو اٿئيس ! زال : اهو تون ڪيئن ٿو چئي سگهين ! پي : پڪ سان ساک ڏئي چئي سگهانٿو ! ڇو جو ڪُجهه رُپيا اڃا به کيسي ۾ پيا آهن !