• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشرف بچاءُ رٿا بندي. (11 مئي کان شروع) مشرف پنهنجي خزانن جا منهن کولي ڇڏيا!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
مشرف بچاءُ رٿا بندي. (11 مئي کان شروع) مشرف پنهنجي خزانن جا منهن کولي ڇڏيا!
مئي 11 ۽ اُن کان پوءِ جا خطرا. وري هڪ ڀيرو ٻيهر جهموريت دُشمن قوتن جو ميڙ ۽ ٻيهر گڏجي اُڀرڻ. اهي سڀ بهانا ڊڪٽيٽر مشرف جي آزاديءَ لاءِ ۽ سندس پي رول تي ڪم ڪرڻ وارن طرفان آهن جنهن اُمت اسلام ۽ جهمور کي ڊوائيڊ ڪري رول ڪيو اهڙن قوتن کان صوبن کي به خطرو. تڏنهن ته چوندا آهن ته بدترين جهموريت ! لاجواب ڊڪٽيٽر شپ ۽ مارشلائي نظام کان هزار ڀيرا بهتر آهي. ڊڪٽيٽر شپ جا تُحفا، ڪلاشنڪوف ڪلچر، اسلحي جي ڀرمار، ٽارگٽ ڪلنگ، بد ترين مهنگائي ، نئين نسل ۾ هيروئن، چرس، شراب ۽ شباب جو ڦهلاءُ، وسارڻ جوڳا ناهن. صرف مُحمد عربي صلي الله عليه وسلم جو دين ۽ سنڌ جو کيس ڦهلائڻ لاءَ بابل اسلام بڻجڻ ان کي پوري دُنيا ۾ ڦهلائڻ هو . ۽ پوءِ اسلام دشمن قوتن جي مفت مال ترسيل تي مُحمد (صلعم) عربيءَ جي ان اسلامي بُنيادن واري دين کي ڇڏي ڪن عالمن جو هڪ ٻئي سامهون پنهنجا منتقي ۽ نظرياتي دين کڻي اچڻ اسلام ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي. ضرور ان ۾جهالت ۽ توهم پسندن لاءِ عارضي سُرور هوندو پر دائمي زندگيءَ جو ڪينسر آهي. اهي ذهن ڦيريندڙ نشا پوءِ ڪهڙي به فليور ۾ خوبصورت شڪلن ڪوٽيڊ ٿيٻاهرين مُلڪن مان اچي پاڪستان سفر ڪن، اڳتي وڌندڙ جهمور لاءِ موت آهن. اهو لاجواب ڊڪٽيٽر شپ ۽ مارشلائي نظام ئي هو جنهن مُلڪ جا ٻه حصا ڪيا . اڄ به فيڊريشن خطري ۾ جهمور کي صوبائيت ۽ زبان تي پرکيو وڃي ٿو ۽ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جي جهمور کي جنهن ۾اڄ جهڙي هيءَ حالت ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هتي جي جهمور کي نشا ۽ اسلحو ڏئي معائشي ۽ سماجي، جسماني مفلوج ڪري، ڪڻو ڪڻو ڪري پوءِ ماريو وڃي ٿو. پاڪستان هڪ آزاد شهري ۽ جهمور جي آواز ۽ اظهار آزاديءَ سان وُجود ۾آيو هو جن آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف يڪ زبان ٿي آزاد مُلڪ جي تمنا ڪئي. خبردار هاڻ 11 مئي کان سڀ جهمورت دُشمن قوتون وري توهانکي هڪ خول ۾ بند ٿي ملنديون. جنهن جو هڪ ئي مشن ۽ پريشر تي آهي ته ڪنهن صورت ۾ ڊڪٽيٽر مُشرف آزاد ٿئي جيڪي آزادي ۽ عزت سان جهمور کان رهڻ جو حق کسڻ پويان آهن. جهموري قوتن جو ساٿ ڏيو ڀلي اُها بدترين ئي ڇو نه هُجي . ڀلي اها اوهان جا نظرياتي مخالف ئي ڇو کڻي هلندا هُجن ڇو جو ملڪ صرف جهموريت لاءِ وُجود ۾ آيو هو جتي صرف جهموريت ۽ آزاد جهمور هوندو ته اُتي اختلاف راءِ به هوندي جيڪا آهستي آهستي لڳايئ ڳنڍين کي کوليندي اسان لاءِ نه ته ايندڙ نسل لاءِ ضرور.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هوشيار ! خبردار ! شايد هڪ ڀيرو وري توهانجا ڪي وڏيرا جهموريت دُشمن! مُڇن کي تاءُ ڏيندي ، مشرف جي کُليل خزاني ۾ وڪجي توهان کي ٻارڻ بڻائي ميدان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا ! ۽ بيوقوف بنائڻ لاءِ نوان پلان ٻُڌائيندا ! ته اي معصوم سنڌي بلوچي جهمور ! اي سنڌي ، بلوچي معصوم عوام ! ڇا اڃا به توهان نشن جي ننڊن مان ڪونه نڪرندئو ۽ توهانکي مختف حيلن سان غلام اصلي دُشمن سنڌي وڏيري، جاگيردار، راشي ڪاموري۽ مُفاد پرستن جي جنگ ۾ ٻارڻ بڻجندئو! يقين ڪريو! ماضي ڏسي تجربو وٺو ! مُفلسي، لاچاري، بيوسي، ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر، ۽ صحت ۽ علم جي حصول کان پري ڪري سڀ بچي پاسيرا ٿي ويندا ۽ اهي سهولتون به پنهنجن ٻارن، مٽن مائٽن لاءِ هونديون ۽ ٻارڻ جي ان ڪهڙائيءَ ۾ پيل تيل ۾ توهان ئي بل آخر تربا ۽ فراءِ ٿيندا! ڪاش الله سائين سنڌي قوم کي عقل ڏي ! پاڻ پنهنجي حفاظت ۾ رکي شرابين، سبابين، موالين. چرسين، آفيمين ۽ هيروئنچين کان بچائي !
 
Back
Top