فيشل يوگا چهري کي تازگي فراهم ڪري ٿو

'سورنهن سينگار' فورم ۾ bakhtawar طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2010۔

  1. bakhtawar

    bakhtawar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    mir pur khas sindh
    فيشل يوگا. اصل ۾ اهڙي ورزش آهي چهري لاءِ يوگا جي قاعدن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو مڃيو ويندو آهي ته فيشل ورزش سان چهري جي چمڙي ڇڪجي ويندي آهي ۽ گهنج ختم ٿي ويندا آهن، چهري جون اهي ورزشون چهري تي موجود 57 مسلز کي نظر ۾ رکي ترتيب ڏنيون ويون آهن، جن کي ڪرڻ سان رت جي گردش ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ٽينشن ختم ٿي وڃي ٿو. چهري جي شگفتگي ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو۽ چهرو جوان جوان نظر ايندو آهي. يوگا فيشل جي حوالي سان تمام گهڻي اهم ڳالهه آهي جيڪا اها هي آهي ته اهو تمام سستو آهي ۽ بنا ڪنهن پلاسٽڪ سرجري يا انجيڪشن جي بغير توهان کي اها ئي شگفتگي ۽ تازگي چهري کي عطا ڪري ٿو جيڪا سرجري يا انجڪيشن سان حاصل ٿيندي آهي، جيڪڏهن توهان صبر و تحمل سان گڏ باقاعدگي سان اهو فيشل يوگا ڪنديون ته توهان ڏسنديون ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ توهان جو چهرو کِليل کِليل ٿي ويندو، توهان جوان لڳڻ لڳنديون ۽ چهري تي موجود سنهيون لائينون غائب ٿي وينديون، ان ورزش کي ڪرڻ لاءِ توهان کي روز صبح جو پندرنهن منٽ گهربل هوندا، فيشل ورزش سان ڍلي چمڙي ٽائيٽ ٿي ويندي آهي.

    اکين جو يوگا : توهان پنهنجون ٽي آڱريون اکين جي هيٺان رکو ۽ کل کي هيٺ طرف ڇڪيو ۽ اک بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ان پوزيشن ۾ ڏهه سيڪنڊ رهو ۽ پوءِ ڇڏي ڏيو، اها ورزش پنج ڀيرا ڪريو. ان سان اکين جي هيٺان سوڄ پيدا ٿيندي جيڪا ٿوري دير ۾ ختم ٿي ويندي.

    اکين جو يوگا نمبر 1: پنهنجي هٿ جي ترين کي پاڻ ۾ تيزي سان رڳڙيو ۽ انهن کي بند اکين تي رکو، وڏو ساهه کڻو ۽ پوءِ پنج منٽن تائين آرام ڪريو، توهان اها ورزش ڪرسي، بستري ۽ آفيس ۾ به ڪري سگهو ٿا، ان سان اکين جي آسي پاسي وارا حصا نرم ۽ فري ٿي ويندا ۽ بصري نسن کي به آرام ملندو، اهو يوگا مٿي جي سور لاءِ به بهترين آهي.

    اکين جو يوگا نمبر 2: اکين کي گولائي ۾ پوري طرح گول گهمايو، ان سان اکين جي مسلز جي ورزش ٿي ويندي آهي، ۽ چمڙي ڍلي ٿيڻ کان محفوظ رهندي آهي.

    اکين جو يوگا نمبر 3: جنهن قدر ممڪن ٿي سگهي پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍو، ۽ ٻنهي اکين کي مڪمل طور تي کليل رکو، ۽ هڪ منٽ تائين انهيءَ حالت ۾ رهو، ان سان اکين ۾ موجود فاسد مادو (مٽي ڌوڙ وغيره) نڪري ويندو آهي.

    چپن جو يوگا: کِلندي (مسڪرائيندي) چپن کي اندر ڏانهن سڪيڙي وٺو، ان سان چپن جي آسي پاسي موجود مسلز جي ورزش ٿيندي، ان سان چپ مضبوط ۽ شيپ ۾ رهندا.

    پوري چهري جو يوگا: نڪ ذريعي ساهه کڻو ۽ پنهنجي مٺ ۽ پوري چهري کي زور سان ڀچي (هٿ سان نه ائين ئي چهري کي زور ڏيو پوري طاقت سان) وٺو، سڀني مسلز جي ورزش ٿي ويندي، هاڻ زبان کي هڪ ڀيور ٻيهر ٻاهر ڪڍو، ساهه ٻاهر ڇڏيو، اکين کي مٿي هيٺ حرڪت ڏيو ۽ مٺيون کولي ڇڏيو، اها ورزش ٽي ڀيرا ڪريو.

    چهري جا گهنج ختم ڪرڻ جي ورزش: منهن ذريعي هوا ڀريو ۽ منهن کي اهڙي طرح ڦهلايو جيئن توهان بگل وڄائي رهيا آهيو، هڪ منٽ تائين ان پوزيشن ۾ رهو ۽ آهستي آهستي نڪ ذريعي ساهه خارج ڪريو. پنج ڀيرا اهو عمل ڪريو، ان سان ڳلن جي ٽون ڪرڻ لاءِ ۽ چهري جا هلڪا ڦلڪا گهنج ختم ڪرڻ لاءِ اها يوگا زبردست آهي.pasand
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيشل يوگا چهري کي تازگي فراهم ڪري ٿو

    تمام بهترين معلومت ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس لهڻو

    لاجواب شيئرنگ آهي ادي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيشل يوگا چهري کي تازگي فراهم ڪري ٿو

    ادي تمام بهترين ونڊ آهي۔۔۔
    جهوني فقير کي گذارش آهي ته هي يوگا روز ٽي ڀيرا ڪري۔۔۔ اصل سمورا گهنج ختم ٿي ويندس۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فيشل يوگا چهري کي تازگي فراهم ڪري ٿو

    فقير جا گهنج وڌي هاڻ ور وڪڙ ٿي ويا آهن جي يوگا سان ختم ڪونه ٿيندا ۔۔۔ ها باقي! گوگا هڪ نئين ورزش آهي ممڪن ان سان ختم ٿين ۔۔۔
    khil sahi
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيشل يوگا چهري کي تازگي فراهم ڪري ٿو

    سائين اوهان ڪو اها گوگا سيکاريوس باقي يوگا کان واقعي ڳالهه چڙهيل اٿس۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: فيشل يوگا چهري کي تازگي فراهم ڪري ٿو

    توهان کي سنڌ سلامت تي اهڙو مضمون لکڻ تي واڌايون هجن، جو توهان اهڙي قسم جي معلومات فراهم ڪئي آهي۔ انشاء الله اهيو عمل ڪري ڏسنداسين،
    اميد ته اهڙ يون ڪاوشون جاري رکڻ جي ڪوشش جاري رکندا۔
    مــــــــــــهر بانـــــــــــــــــي
     
  7. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: فيشل يوگا چهري کي تازگي فراهم ڪري ٿو

    ادي بۡختاور مان توهان جا هي نسخا پنهنجي ويب سائيٽ www.sindhpk.com تي رکي رهيو آهيان۔ اگر توهان کي سٺو لڳي ته ايميل ڪجو اگر ڪو ايتراز هجي ته ٻڌائجو ته مان هٽائي ڇڏيان ۔۔۔
    مهرباني۔۔۔
     
  8. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California

هن صفحي کي مشهور ڪريو