هڪ مئٽرڪ جو شاگرد جڏنهن گپ ۽ ڪچڙ ۾ ڀريل ڪپڙن سان گهر موٽيو ته پيءُ کيس ڏسي حيرت ۽ ڪاوڙ ۾ پيءُ : هي ڇا بيهودگي آ ! ڪهڙي پنهنجي حالت بڻائي اٿئي ! گپ ۾ ڪپڙا ! ڪيڏانهن کان ليٿڙيون پائي پيو اچين ! پُٽ : ب بب بابا جاني ! اسڪول مان موٽندي هڪ گپ جي کڏ ۾ ڪري پيو هوس ! پيءُ : انڌو هُئي ڇا ! ڪيئن ڪرئين کڏ ۾ ! پُٽ : پير ڦسلجي ويو هو ! پيءُ : (ڪاوڙ ۾) حد ڪري ڇڏيئي ! ايڏو سارو ! (رُڪي)۽ ها! ڪلهه ته اها نئين پينٽ وٺي ڏني هُيمئين ! کڏ ۾ ڪرئين به ته ان نئين پينٽ سان ! ان کي ته بچائين ها ! پُٽ : ڇا ٿي ڪري سگهيس بابا جاني ! (آهستي شرمندگي ۽ سنجيدگيءَ سان) گپ واري کڏ ۾ ڪرڻ وقت مُهلت ئي ڪانه ملي جو پهرئين! پينٽ لاهي ڦٽي ڪريان ها !