احسان پنهنجي دوست رياض کي پاڻ سان پيش ٿيل بيتي ٻُڌائي رهيو هو احسان : ڪلهه رات زال کي چيم ! بيگم هل، اڄ بوٽ بيسن گهمي اچون ! ٻيڙيءَ ۾ سير ڪنداسون ! قسم سان مزو اچي ويندو ! گهمڻ ۽ سير تفريح جو ٻُڌي بيگم به پنڌرهن منٽن ۾ تيار ٿي اچي وئي. اسان ٻئي بوٽ بيسن وياسون ! چوڏينهن چنڊ رات هُئي ! اسان ٻيڙيءَ ۾ سير پئي ڪيو ته ! اوچتو الائي ڇا ٿيو جو ٻيڙي اونڌي ٿي پلٽجي وئي ! اسان ٻئي زال مُڙس گوتا کائڻ لڳاسون ! بس ٻڏڻ وارا ئي هُئاسون ته! الله جي اها ڪرڻي ٿي ته اوچتو انڌي ڊولفن اچي پُهتي ۽ ٻنهين زال مُڙسن کي پنهنجي پُٺ تي وهاري ! ڪناري تي پُهچائي ڇڏيو ! اهو قصو ٻُڌائي احسان خاموش ٿي ويو ۽ اکيون ڦوٽاري رياض کي ڏسي چوڻ لڳو احسان : ڇا ڳالهه آهي ! تون ان بييقينيءَ سان ڇو پيو گهورين ! توکي اعتبار نه پيو اچي مُهنجي ڳالهه تي ! ڀلا ان ۾ بي اعتباريءَ جي ڳالهه به ڪهڙي آهي ! رياض : يار ! اها ڳالهه ڪانهين ! تُهنجي ٻي ڳالهه تي سئو سيڪڙو اعتبار آهي ! باقي اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي ته بيگم ! پنڌرهن منٽن ۾ ڪيئن تيار ٿي وئي !