مُهنجي ڪنهن به غلطيءَ تي جڏنهنن بابا جي مار ملندي هُئي ته امان وچ ۾اچي بچائي وٺندي هُئي ! هڪ ڏينهن مان سوچڻ لڳس ته ! ڀلا جي ڪنهن ڏينهن امان مار ڪڍيم ته ڇا بابا مونکي امان جي مار کان بچائيندو ! ان تجربي خاطر مون ڪوشش ڪئي ته امان ڪو به ڪم چوندي ته ڪونه ڪندُس يا اُبتو ڪندس ته پاڻهين امان به بابا وانگر ونجڻو کڻي اچي ڪٽيندي ! هڪ ڏينهن امان چيو ته بازار مان ڏهي وٺي اچ ! مان ڪونه وٺي آيس ! امان مانيءَ وقت مونکي ٻوڙ گهٽ ڏنو ته مون ضد ڪري گهڻي ٻوڙ جي تقاضا ڪئي ته هن پنهنجي حصي جي ٻوٽي ڪڍي ڏني! امان چوڻ لڳي ته مٿي آرام سان صندل تي ويهي ماني کاءُ ته مان پٽ تي رلي وڇائي ماني کائڻ لڳس ! اجايا ڪم ڪري پاتل ڌوتل ڪپڙا لمحن ۾ ميرا ڪري ڇڏيم! ڪا به ڳالهه ڪندي يا چوندي هُئي ته مُهنجو لهجو گستخانه۽ بدتميزيءَ وارو ٿي پوندو هو ! اهڙن سڀني مُتواتر حرڪتن ڪندي هاڻ پڪ ٿي ته امان جو پيمانون لبريز ٿي ويو هوندو ! اجهو ٿي ونجڻو کڻي اچي ڪُٽيم جيئن بابا ڪُٽيندو هو ! پر هي ڇا ! امان کي ونجڻو کڻندي به ڏٺم ! ۽ هن مونکي پيار مان ڏسي مونکي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ ونجڻي سان هوا هڻندي چوڻ لڳي ! اجُو(مُهنجو نڪ نيم) ڇو مُهنجا پُٽ ! توتان صدقي وڃان ! اڄ ڪلهه بيمار بيمار پيو لڳين ! بس پوءِ ڇا ٿيو ! مُهنجون اکيون اهڙيون ته اوور فلو ٿيون جا اُنهن مان نڪرندڙ لُڙڪ وهڻ بند ئي نه ٿين !