• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيطان جي وڪري جو سامان

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
حضرت عيسى عليه الصلاوات و سلام جن ڇا ڏسن ته چار گڏهه آهن جنهن تي شيطان واپار جو سامان لڏيو پئي ويو روڪي پاڻ سوال ڪيائونس
عيسى ع : اي مردود ! هي گڏهن تي ڇا پيو لڏيو وڃين !
شيطان : هي واپار جو مال آهي ! هڪ گڏهه تي ظلم، ٻئي تي خيانت، ٽئي تي مڪرو فريب ۽ ڇوٿين تي حسد لڏيل آهي
عيسى ع : تنهنجي هن مال خريد ڪرڻ جو واپاري ڪير آهي !
شيطان : ظلم بادشاهن ۽ حڪمرانن جي ڪم جي شي آهي ۽ اهي خريد ڪندا آهن ! خيانت کي واپارين ۾ وڪڻندو آهيان ! مڪرو فريب عورتن جو پسنديده مال آهي ! ۽ حسد جي عالمن ۾ گهڻي طلب آهي ! اي عيسيى ع تون مُهنجي مال جو فڪر نه ڪر ! دُنيا ۾ ان جا گهڻا گراهڪ آهن.
 
الله پاڪ اسان کي بچائي ، باقي ڪم لٿل آهن قوم جا (آئون به قوم جو فرد آهيان)
 
Back
Top