هڪ ٿُلهي عورت تيزي سان ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ بي تابي سان پُڇڻ لڳي ڊاڪٽر صاحب ! صحيح صحيح ٻُڌايو ! مون سان آخر مسئلو ڇا آهي ڪمري ۾ موجود صاحب سندس پير کان مٿي تائي جائزو وٺي وڏي تحمل سان چوڻ لڳو سڀ کان پهرئين ! توهان کي پنجاهه سٺ پونڊ وزن گهٽ ڪرڻ گهرجي، ان کان علاوه توهان ميڪ اپ هرگز نه ڪندا ڪريو ته اڃا به گهڻا خوبصورت لڳندئو ! ۽ ٽين ڳالهه اها ته آئون ڊاڪٽر ڪونه آهيان آرٽسٽ آهيان. ڊاڪٽر جو ڪمرو مٿئين فلور تي آهي.