هڪ مقدمي ۾ جرح دوران وڪيل صفائي گواهه کان پُڇيو وڪيل : ڇا تون هن عدالت سڳوري کي ٻُڌائيندي ته تون جا واردات کان ڪيتري فاصلي تي هُئين ! گواهه : جي ها سائين ! مان جا واردات کان ٽي ميٽر، پنڌرهن ڏهائي چار سينٽيميٽر جي فاصلي تي هوس ! وڪيل : )حيرت سان) پر تون اهو صحيح پئمائش ڪيئن ٿو ڪري ٻُڌائي سگهين ! گواهه : سرڪار ! مونکي خبر هُئي ته ڪو نه ڪو بيوقوف ضرور مان کان اهڙا بيوقوفانا سُوال ڪندو ! ان ڪري آئون اهو فاصلو پهرئين ماپي آيو هوس !