سرهاڙي اسٽيشن تي ملازم اسٽيشن ماسٽر صفائي جي معاملي ۾ لاپرواهه ۽ سست هو هڪ دفعي سکر مان انسپيڪشن ٽيم جڏنهن سرهاڙي اسٽيشن ماسٽر جي آفيس ۾ پُهتي ته اسٽيشن تي هر طرف غلاظت، آفيس ۾ ڄارا ڏسي آفيس ۾انسپيڪٽر ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ اسٽيشن ماستر کي دٻ پٺٽڻ لڳو انسپيڪٽر : ٻاهر ڇا ! هي ٽڪٽ ڪائونٽر ئي ڏس ! مٽي جا تهه لڳا پيا اٿس ! مان ان تي جي پنهنجي هٿ سان نالو نه لکان ته اُهو به لکجي اچي ! اسٽيشن ماستر : صاحب ! اهو ڪم توهانجي شايانِ شان ڪونهين ! توهان ته پڙهيل لکيل ماڻهون آهيو !