• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي​

دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي. مگر افسوس جو حڪومت انهن انمول ماڻهن جو قدر ڪري ناهي سگهي، مان هت سنڌ جي هڪ ٻن ڊگهي قد رکڻ وارن شخصيتن جو مختصر ذڪر ڪندس، ۽ انهن جا ڪجهه وڊيوز توهان اڳيان پيش ڪندس. ۽ ، توهان پاڻ انهن جو انٽرويو ڏسو ۽ ٻڌو ۽ پوء سوچيو پر غور سان سوچيو ته اهيا ناانصافي ڇو. آخر


عالم چنه​
عالم چنو ماضي قريب ۾ دنيا جو ڊگهي مان ڊگهو ماڻهون مڃيو ويندو هو، عالم چنو 1953ع ۾ سيوهڻ شريف ( ضلعه دادو) ۾ پيدا ٿيو. ۽ هي شخص هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ شخص هو، عالم چنه صاحب جڏهن 10 سالن جو ٿيو ته کيس سيوهڻ شريف ۾ لعل قلندر شهباز جي مزار تي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ۽ پاڻ پوري زندگي سيوهڻ شريف ۾ درگاه تي خدمت ڪندي گذاري ڇڏيائون. جيڪي ماڻهون انهن ڏينهن ۾ سيوهڻ ويا هوندا انهن ڏٺو هوندو ته عالم چنه صاحب سيوهڻ ۾ خاص ڪري ميلي ۾ عام ماڻهن ۾ شيون ورهائڻ جو ڪم پڻ سرانجام ڏيندا هو. .جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته عالم چنه صاحب دادو ۾ اسان جي پاڙي ڀرسان محله مزدورآباد دادو ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. اتي سندس مائٽ رهندا هئا. ۽ هن وٽ هڪ ڪاري رنگ جي وڏي اسپيشل ڪار هوندي هئي۔
عالم چنه جو قد ـــــ ست فوٽ ۽ اٺ انچ هئو.
چنه صاحب 1989 ۾ نسيم بيگم نالي هڪ عورت سان شادي پڻ ڪئي. جنهن مان کيس هڪ پٽ پڻ ٿيو.
وفات ــــ عالم چنه صاحب 2 جولائي 1998ع ۾ نيو يارڪ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، ۽ سندس مڙه کي سيوهڻ ۾ مٽي ماء هوالي ڪيو ويو .هت مان چنه صاحب جون ڪجهه تصويرون اوهان لاء ڏيان ٿو. باقي چنه صاحب جي اڃان تائين مون کي ڪا وڊيو ملي ناهي سگهي، اگر ملي وئي ته اها به توهان اڳيان ضرور پيش ڪندس .انشاءالله.


نصير سومرو ۽ حق نواز​
عالم چنه صاحب ته هي دنيا ڇڏي چڪا آهن پر حق نواز ۽ نصير سومرو صاحب حال حيات آهن ۽ انهن جا ڪجهه انٽرويو وڊيوز پڻ موجود آهن اهي توهان لاء پيش ڪجن ٿا.
حق نواز صاحب جو تاريخي شهر خيرپور ميرس سان تعلق آهي، ۽ نصير سومرو جو تعلق سنڌ جي ماضي جو پيئرس سڏجندڙ شهر شڪارپور سان آهي،


http://www.youtube.com/watch?v=WiBHqpWtWf0&feature=player_embedded

http://www.youtube.com/watch?v=5XADtFnCSpk&feature=related

http://www.youtube.com/watch?v=FL_8SwNeBxk&feature=related

http://www.youtube.com/watch?v=sQlLfSCWsAo&feature=related



حق نواز جي وڊيو​
http://www.youtube.com/watch?v=WDI89cW98d0&feature=related

دنيا جا ٻيا ڊگهو قد رکندڙ ماڻهون۔

http://www.youtube.com/watch?v=o0TwtAaFFn8&feature=related

http://www.youtube.com/watch?v=zL_nklbytbY&feature=related
 
جواب: دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي

عالم چنه جون تصويرون

mohammadalamchanna%20(10).jpg

image007.jpg


image023.jpg

channa.jpg


mohammadalamchanna%20(13).jpg
 
جواب: دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي

ادا اهڙي قيمتي معلومات تي مهرباني۔۔۔۔ هن ملڪ ۾ ته ڪو نظام ئي نه آهي۔۔۔۔ توهان ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڇيڙيو۔۔۔
 
جواب: دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي

ادا بهترين ونڊ آهي
 
جواب: دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي

واهه واهه ٿي وئي۔
 
جواب: دنيا ۾ ڊگهو قد رکڻ وارو اعزاز به سنڌ کي ملي چڪو آهي

تمام بهترين ، سائين اوهان جي هن ونڊ ماضي جون يادون تازه ڪري ڇڏيون ، 1986 ۾ غالبن سائين مرحوم عالم چنه جو سعودي عرب اچڻ ٿيو ، منهنجي والد ”ماستر“ محمد يعقوب چوهاڻ (الله تعالى هن کي جنت ۾ جايون ڏي) جيڪو هن وقت سنڌ ڪاميٽي سنڌي اسڪول جو پهريون جنرل سيڪيٽري هو ۔ عالم چني جي دعوت جده شهر ۾ ڪئي هئي جنهن ۾ هتي جي سنڌين شرڪت ڪئي هئي ۔ مون به سائين جن سان ڪجه تصويرون کڍرايون هيون جيڪي هاڻ اڻلڀ آهن ۔ بهرحال اوهان جي شيئرنگ زبردست آهي ۔اوهان جي وڏي مهرباني جو اهڙيون بهترين ونڊون ڪندا پيا اچو۔
 
Back
Top