• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دليلن ۾ وزن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي اليڪشن جون سرگرميون زور شور سان شروع هُيون. سائين سُليمان وساڻ جو هڪ دوست جيڪو جانورن جو ڊاڪٽر هو ۽ دوستن جي محفل ۾ جيڪا سنڌ سلامت هوٽل تي مچندي هُئي ان ۾ کيس (ڊاڪٽر ڍور) ڪري سڏبو هو . سائين سُليمان سندس انتخابي مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. سچل ڳوٺ جي هڪ انتخابي حلقي ۾ ڊاڪٽر ڍور کي تقرير ڪرڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو پر اُتي بيهڻ لاءِ ڪو ڊائس ڪونه هو ! مُحترم ذيشان رشيد کي سامهون ڏامر جو هڪ خالي ڊرم پيل ڏسڻ ۾ آيو جنهنکي ويجهو ڪري رکيائين ۽ ڊاڪٽر ڍور ان ڊرم تي بهي تقرير ڪرڻ لڳو.
تمام پُرجوش ۽ بهترين تقرير ڪيان ئين ته هٿ هلائڻ جي ڪري اوچتو ڊرم جو ترو ڪري پيو ۽ ڊاڪٽر ڍور ڊرم ۾ اندر هليو ويو. پر لمحي کان پوءِ وري هشاش بشاش ٿي ڊرم مان ٻاهر نڪري آيو ۽ اطمينان سان وري تقرير ڪرڻ لڳو!
سامعين ! ته توهان ضرور مُهنجي دليلن جي وزن کي نوٽ ڪيو هوندو!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top