ڪڻڪ ۾ پاري جو استعمال: آبادگار لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪڻڪ ۾ پاري جو استعمال: آبادگار لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار

    محمد مٺل جسڪاڻي

    [​IMG]


    آبادگار ڀائرو، ڳالهه ٿا ڪن ته جيڪو جهڙو پاڻ هوندو، ٻئي کي به اهڙو ئي سمجهندو آهي. شايد ان ڪري ئي مير اعظم علي ٽالپر هڪ ڏينهن شام جي وقت، سندس فرزند ارجمند رستم اعظم ٽالپر جي موجودگيءَ ۾ چيو: ڪڻڪ ۾ پاري جي استعمال تي مضمون لک!؟

    هاڻي ڏيو منهن. ڪٿي پارو ڪٿي مٺل، جنهن جو پارو صرف آهي ٻُڌل يا وري عام رواجي نموني ڏٺل، تنهن کي جو چيائين ته مضمون لک، سو ته منجهي پيو! منجهي به ڇو نه. کيس ته ڪو اندازو ئي نه هو، ته ڪو ڪڻڪ ۽ پاري جو پاڻ ۾ تعلق جُڙي به ٿو يا نه؟!

    مير اعظم جي فرمائش تي حيرت ٿيڻ سان گڏوگڏ، هڪ هيءَ به خيال آيو ته مير کي چئجي: اوهان پاڙيسري ملڪ جي فلمي دنيا کان وٺي راندين ۽ سياست تي لکو ٿا، ڪڏهن پنهنجي ملڪ جي آبادگار ڀائرن لاءِ به کڻي ٻه اکر لکو، پر اهو چوڻ مناسب نه سمجهي، نٽائيندي ها ڪيم.

    مون ها ته ڪئي، پر ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته لکان ڪيئن ۽ ڇا؟ اهو ته آهي سائين حيات علي شاهه، جيڪو، جتان ٿو اچيس، جيئن ٿو وڻيس، تيئن لکي ”فري پيريڊ“ ڪالم جي ضرورت پوري ڪري وٺندو آهي، پر پاري ۽ ڪڻڪ کي منهن ڏجي ته آخر ڪيئن؟! جيڪا گهڙي ڪم ڪار کان واندو ٿيان، پارو ۽ ڪڻڪ ذهن ۾ اچيو وڃي. ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچيم، سو نه پئي لکيم.

    پهرين مئي هئي، پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي نسبت سان عام موڪل هئي، پر آئون صبح سوير، روز واري وقت اٿيس، عام ڏينهن وانگر معمول جون حاجتون ۽ ڪم ڪار ڪري، موڪل جو ذهن ۾ هجڻ ڪري، فرق صرف ايترو پيو، ته هونئن صبح اٺين وڳين پر پهرين مئي تي ساڍي اٺين وڳي، پنهنجي ڪم تي روانو ٿي ويس. موڪل سبب سڄو ڏينهن ڪمائڻو نه هو، صرف هڪ خاص ڪم، جيڪو چيو ويو، اهو ڪري ساڍي يارهين ڌاري واندو ٿي، واپس گهر اچي ويس. گهر ويٺي وري به ياد آيو پارو ۽ ڪڻڪ. سوچيندي، فيصلو اهو ڪيم ته وڃان مير رستم جي پاساري واري دڪان تي، کانئس معاملو سمجهي اچان، پوءِ جيڪڏهن ڪجهه لکي سگهيس، ته لکي وٺندس.

    پهرين مئي جي گرمي ياد انهن کي هوندي، جيڪي مون وانگر منجهند جو ٻارهين وڳي ٻاهر نڪتا هوندا. آئون ان ٽاڪ منجهند جو، جڏهن پاساري جي دڪان تي پهتس، ته هيڪاندا ٽي ڀائر (مير اعظم جا فرزند)، اوچتو مون کي دڪان تي ڏسي، ڪجهه حيران، ڪجهه پريشان ٿيا. ملياسين، حال احوال ڪياسين، ته ٻه پنهنجي ڪم سان روانا ٿي ويا، آئون ۽ مير رستم ويهي پاري ۽ ڪڻڪ بابت ڳالهائڻ لڳاسين.

    مير رستم کي ٻڌايم ته ننڍي هوندي کان اها خبر اٿم، ته مٿي ۾ جونءَ يا ڏڦو هجي ته پارو استعمال ڪجي، پر اها خبر نه اٿم ته ڪڻڪ ۾ پارو استعمال ڪبو آهي يا نه. پوءِ جو ڪچهري کُلي، ته مير هڪ ڪتاب کڻي آيو. جنهن ۾ صرف پاري جا فائدا لکيل هئا! جڏهن ته مير اعظم ۽ مير رستم مون کي ان ڪري لکڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ ۾ پارو استعمال ڪرڻ جيوت لاءِ نقصانڪار آهي!؟

    معاملو پيچيدهه ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته پاساري جو دڪان هلائيندڙ رستم چوي ته پارو تمام خطرناڪ زهريلو اثر رکي ٿو، مير اعظم به ان ئي نسبت سان چيو هو. ان ڪري هاڻي مون وٽ انٽرنيٽ کانسواءِ ٻيو ڪو اهڙو سولو ذريعو نه هو. انٽرنيٽ تي جيئن ئي انگريزي ۾ مرڪيوري (Mercury) لکي ڳولا ڪيم، ته هجي ڪو واندو، جيڪو ويهي پڙهي... خير، پارو، جيڪو پاڻ ڊاڪٽر وٽ بخار ڏسڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ آلي، اوزار ٿرماميٽر ۾ اڇي ليڪ وانگر ڏسندا آهيون، اهو ٻين به مختلف سائنسي، تحقيقي اوزارن بيروميٽر، بيٽري، ٽيوب لائيٽس وغيرهه ۾ به استعمال ٿئي ٿو. مختلف دوائن ۽ ڪشتن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. وڻن ۽ ٻوٽن ۾ لڳندڙ مختلف بيمارين ۽ نقصانڪار جيتن خلاف زهر طور به استعمال ٿئي ٿو. پاري جو جيڪڏهن صحيح طريقي سان استعمال ٿيندو آهي، ته تمام فائديمند آهي، پر جيڪڏهن ٿوري به غفلت ڪئي، غلط طريقي سان استعمال ٿيو، وزن گهٽ وڌ استعمال ڪبو، ته اهو ساڳيو پارو تمام خطرناڪ زهريلا اثر به رکي ٿو. ٿرماميٽر ٽٽڻ سبب پارو ٻاهر نڪرندو، ته ٻاڦ ٿي ماحول ۾ پکڙجندو، ساهه سان ماڻهو ۾ اندر داخل ٿيندو. ان صورت ۾ تنتي سرشتو (نسون)، دماغ ۽ بڪي (ڪڊني) کي نقصان پهچندو آهي. ڦڦڙ، اکيون ۽ چمڙي به متاثر ٿيندي آهي. متاثر ماڻهو کي الٽيون ۽ دست به ٿيندا آهن. مقصد ته پاري کي صحيح طريقي سان استعمال ڪبو، ته تمام گهڻو فائديمند آهي، جيڪڏهن ٿوري به غلطي، لاپرواهي ڪبي، ته تمام گهڻو خطرناڪ به آهي.

    مير اعظم علي ٽالپر ۽ سندس فرزند ارجمند رستم اعظم ٽالپر، ڪڻڪ ۾ پاري جي استعمال تي مضمون لکڻ لاءِ ان ڪري چيو، ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ تازي لٿي آهي. ڪجهه آبادگار گهر جي کائڻ لاءِ ڪڻڪ جو ان ۽ ايندڙ فصل پوکڻ لاءِ ڪڻڪ جو ٻج، پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهن. اهڙن آبادگارن جي اڪثريت، هڪ تولو پارو ڪجهه واري يا رک (ڇار، ڪيري) ۾ ملائي، پوءِ ڏهه مڻ ڪڻڪ جي داڻن ۾ ملائي رکن ٿا. سندن موجب ائين ڪڻڪ رکڻ سان جيتن ۽ بيمارين وغيره کان ڪڻڪ محفوظ رهي ٿي. جڏهن ته پارو تمام گهڻو خطرناڪ آهي. ان طريقي سان پارو بظاهر ته فائديمند آهي، پر ان سان اڻ ڏٺل نقصان تمام گهڻو ٿي سگهي ٿو. آبادگارن کي ائين عام طريقي سان ملي سگهندڙ پارو، ڪڻڪ ۾ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. اهو خود استعمال ڪندڙ آبادگار لاءِ ئي تمام گهڻو نقصانڪار آهي.

    (آبادگار ڀائرن لاءِ خاص ايڊيشن ”کيتي سر سيتي“، انچارج: حيات علي شاهه، روزاني عبرت حيدرآباد، 05 مئي 2014ع)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تُرڪي ۾ منهنجي ليب جي سامهون واري ليب ۾ نئون ڪوٽ پاسي جي ڳوٺ فضل ڀنڀرو جو نوجوان اشفاق ڀَٽي پاڻي ۾ پاري جي تجزيئي لاءِ گهٽ کان گهٽ مقدار هوندي به معلوم ڪرڻ لاءِ مُختلف ٽيڪنڪس تجويز ڪرڻ ۾ رُڌل آهي جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيو آهي. اڃان به سندس تُرڪ هوجا (سُپروائزر) مُطمئن ناهي ڇو ته هو چاهي ٿي ته سندن تيار ڪيل مٽيريل سان اڃان به گهٽ مقدار ۾ پاري جو ڀروسي قابل تجزيو ٿي سگهي.
    ڇو ته پاري جي WHO پاران مُقرر حد 0.2 پي پي بي آهي. اوهان اڪثر پي پي ايم ۽ پي پي بي ٻُڌا هوندا. در اصل اهي مقدار جا ننڍا يونٽ آهن. پي پي پي جو مقصد آهي ڪنهن شئي جو مقدار گرام 10 لک ملي ليٽر (يا 1000 ليٽر) ڳار ۾. مثال طور هڪ گرام لوڻ پاڻي جي 1000 ليٽر ۾ ڳاريو وڃي ته اهو ٿيو هڪ پي پي ايم. پر انهي کي آساني خاطر ڳار ۽ ڳرندڙ جي مقدار مان ٽي ٻُڙيون ڪڍي ملي گرام پر لٽر ۾ بدلايو ويو. جيڪو به ساڳي ڳالهه آهي. هڪ ملي گرام لوڻ جو هڪ لٽر ۾ ڳارڻ سان اهو وري به ا پي پي ايم ٿيو.
    پر اسان اڃان گهٽ مقدار تي وڃون ۽ هڪ گرام جو هزارهون حِصو کڻون ته ٿيو پي پي بي. مطلب ته هڪ مائڪرو گرام هڪ لٽر ۾.
    0.2 پي پي بي جو مطلب آهي ته پاڻي جي هڪ لٽر ۾ 0.2 مائڪروگرام تائين پارو هُجي ته اهو خطري جو باعث ناهي. انهي کان وڌيڪ نُقصان ڏيندو. ايتري گهٽ ليول تي انهي جو تجزيو به هڪ چئلينج آهي پر اڄ جي سائنسي دؤر ۾ اهو سڀ ٿي چُڪو آهي. ڪڻڪ جيئن ته هڪ ٺوس مادو آهي انهي سان پاري جو ملي وڃڻ هروڀرو ته مُمڪن ناهي. وري به نمي جي ڪري ڪڻڪ نرم ٿئي ته پاري جو انهي ۾ رهجي وڃن ممڪن به ٿي سگهي ٿو. انهي صورتِحال ۾ واقعي به اهو انتهائي خطرناڪ هوندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو