زاھد حيدر ملاح
سينيئر رڪن
ميري ويڌر ٽاور (Merry Weather Tower)
ڪراچي بندرگاھ (ڪيماڙي بندر) کان شھر ۾ داخل ٿيندي ئي سڀ کان اول جيڪا شيءَ نظر ايندي آھي، اھو انگريز فن تعمير جو ھڪ اعليٰ مثال آھي۔ اھو شاھڪار ميري ويڌر ٽاور آھي۔ ان کي ئي شھر جي ابتدا سمجهو ويندو آھي۔ جنهن جي اوچائي 102 فٽ آھي ۽ اھو 214 چورس فٽن تي تعمير ٿيل آھي۔ ھن ٽاور جي طرز تعمير ۽ ڊيزائن گوٿڪ انداز جي آھي۔ ان جو آرڪيٽيڪٽ مسٽر جيمز اسٽريچن ھو۔ ۽ ان ٽاور کي 37178 روپين جي لاڳت سان ٺاھيو ويو ھو۔ ان رقم ۾ بلديا جي امداد ۽ سر وليم ميري ويڌر جي دوستن ۽ مداحن جا چندا پڻ شامل آھن۔ ميري ويڌر ٽاور جي چئن ڊائل واري گهڙيال جي ماپ ست فٽ آھي جيڪو 70 فٽن جي اوچائي تي لڳل آھي۔