ميري ويڌر ٽاور (Merry Weather Tower)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ زاھد حيدر ملاح طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2014۔

  1. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    [​IMG]
    ميري ويڌر ٽاور (Merry Weather Tower)

    ڪراچي بندرگاھ (ڪيماڙي بندر) کان شھر ۾ داخل ٿيندي ئي سڀ کان اول جيڪا شيءَ نظر ايندي آھي، اھو انگريز فن تعمير جو ھڪ اعليٰ مثال آھي۔ اھو شاھڪار ميري ويڌر ٽاور آھي۔ ان کي ئي شھر جي ابتدا سمجهو ويندو آھي۔ جنهن جي اوچائي 102 فٽ آھي ۽‌ اھو 214 چورس فٽن تي تعمير ٿيل آھي۔ ھن ٽاور جي طرز تعمير ۽ ڊيزائن گوٿڪ انداز جي آھي۔ ان جو آرڪيٽيڪٽ مسٽر جيمز اسٽريچن ھو۔ ۽ ان ٽاور کي 37178 روپين جي لاڳت سان ٺاھيو ويو ھو۔ ان رقم ۾ بلديا جي امداد ۽ سر وليم ميري ويڌر جي دوستن ۽ مداحن جا چندا پڻ شامل آھن۔ ميري ويڌر ٽاور جي چئن ڊائل واري گهڙيال جي ماپ ست فٽ آھي جيڪو 70 فٽن جي اوچائي تي لڳل آھي۔


    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٽاور، ميري ويدر: ڪراچيءَ ۾ موجود ميري ويدر ٽاور سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر جي بدليءَ کانپوءِ هن جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو، جنهن جي پيڙهه جو پٿر 1884ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر جيمز فرگوسن رکيو هو. 1892ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايوان جيمز هن جو افتتاح ڪيو. هن جي اڏاوت تي 37178 رپيا خرچ آيو. اها پوري رقم ان وقت عوام چندو ڪري گڏ ڪئي هئي. هن جي چئني ڪنارن تي راڻي وڪٽوريا جي مورتي اُڪريل آهي ۽ چئني پاسن کان گھڙيال لڳل آهي. هن جي ڊيگهه زمين کان 102 فوٽ مٿي آهي. ٽاور تي ميري ويدر جو نالو ۽ چئني پاسن کان يهودين جي اهڃاڻ وارو اٺن ڪنڊن وارو تارو به اُڪريل آهي. جاءِ تي هيٺيان لفظ به لکيل آهن:

    “Erected by the people of Sind province in the memory of ExCommissioner of Sind Mr. William Mereweather”

    هن ٽاور جي ڪري بندر روڊ ۽ ميڪلوڊ روڊ (آءِ. آءِ. چندريگر روڊ) جي ڪياماڙيءَ ڏانهن ميلاپ واري جاءِ ٽاور جي نالي سان مشهور آهي. هاڻي هن ٽاور کانپوءِ مائي ڪولاچي باءِ پاس شروع ٿئي ٿو. هن جي ساڄي هٿ تي کاري در وارو علائقو آهي.

    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    مھرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو