• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تاريخي کنڊرات ۾ موجود لڪشري هوٽل

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو .

ڇا توهان کنڊرات ۽ پراڻين غارن ۾ لگزري هوٽل جو وجود تصور ڪري سگهو ٿا ؟ اگر نه ته پوءِ اڄ هڪ شاندار هوٽل جي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ٿو .تُرڪي جي علائقي cappadocia ۾ موجود کنڊرات، غارن ۽ پراڻن جي گهرن جي مرمت ڪري ان کي لگزري هوٽل جي شڪل ڏني وئي آهي . ان پٿرن جي ڍانچي جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. هتي ڪنهن زماني ۾ فارسين جا گهر هوندا هئا، جڏهن ته شروعات ۾ هي غار عيسائي رومين جي رهائشگاهه هوندي هئي. هن لگزري هوٽل ۾ 30 ڪمرا ۽ سوئٽس موجود آهن. هن هوٽل جو مالڪ Omar Tosun آهي. عمر قديم شين گڏ ڪرڻ جو شوقين آهي. هن جي شوق جي جھلڪ هن لگزري هوٽل ۾ ڏسي سگھجي ٿي.

46514_02.gif

تُرڪي جي تاريخي جڳهه cappadocia ۾ تعمير ڪيل هي ميوزيم هوٽل سياحن کي هڪ منفرد تجربو فراهم ڪري ٿو. ڇو ته هن لگزري هوٽل ۾ پراڻي دور جون يادون آهن.

46514_04.gif

هن هوٽل جي ڇت تي ويهي مزيدار کاڌن مان لطف اندوز ٿيڻ سان گڏوگڏ آس پاس جو انتهائي دلڪش ۽ حسين نظارو به ڪري سگھجي ٿو.

46514_06.gif

هوٽل جي فائيو اسٽار ڪمرن ۾ رهندڙ مهمانن جو واسطو پٿر جي ڍانچن سان پوي ٿو، جن جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي.

46514_08.gif

ميوزيم هوٽل جو مالڪ ، جن جو تعلق تُرڪي سان آهي، جو چوڻ آهي ته هتي ايندڙ مهمانن کي ائين محسوس ٿئي ڄڻ ميوزيم ۾ حقيقي زندگي گذاري رهيا هجن.

46514_10.gif

هن تاريخي هوٽل تان مهمان ، پهاڙن تان لهندڙ گرم هوا جي ڦوڪڻن جو به نظارو ڪري سگهن ٿا.

46514_12.gif

هوٽل ۾ موجود غار نما ٺهيل هڪ ڪمرو آهي جنهن جون ڀِتيون هزارين سال پراڻيون آهن.

46514_14.gif

سڄي هوٽل ۾ هر جڳهه تاريخي شيون ۽ نوارداتون رکيل آهن، نوارداتن جو تعلق 16 هين صدي سان آهي.

46514_16.gif

دلچسپ ڳالهه هي آهي ته هوٽل ۾ ايندڙ مهمانن کي کاڌو پچائڻ به سيکاريو ويندو آهي. ان کان علاوه هوٽل ۾ آرام و سڪون لاءِ مساج سينٽر به موجود آهي.

46514_18.gif

هن هوٽل ۾ گولف ڊرائيو رينج کان علاوه هڪ خوبصورت باغيچو به آهي.

46514_20.gif

هوٽل ۾ هڪ سوئمنگ پول به آهي جنهن کي تاريخي کنڊرات سان تعمير ڪيو ويو آهي. ان جي آس پاس ۾ خوبصورت فانوس لڳل آهن..​
سليمان وساڻ ، فاروق سومرو ، عبد الله السندي ، عبدالغني لوهار ، ذيشان رشيد ، شيرين ، @
 
ڳالهه وڻي ادا... اسان جو دوست عبدالحفيظ لغاري ترڪي ۾ موجود آهي... هن هوٽل تي جي گهمڻ جو اتفاق ٿيس ته ممڪن آ هوٽل بابت وڌيڪ حقيقتون بيان ڪري... تيسين مساج سينٽر جو ٻڌي اسان سان گڏجي ٿڌا ساهه کڻي .. :)
 
http://daharkiweb.com/Blog Posts/laxry-hotel.html
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
واهه ... تمام سهڻو ڪم ڪيو اٿن ... ڪاش اسان وٽ به اهڙي نفاست سان ڪم ٿئي .... پر ان سان گڏ سڀني لاء ممڪن به هجي ته گهمي سگهجي ۽ ماني کائي سگهجي.

اوهان جي دلچسپ شيئرنگ وڻي
 
ڳالهه وڻي ادا... اسان جو دوست عبدالحفيظ لغاري ترڪي ۾ موجود آهي... هن هوٽل تي جي گهمڻ جو اتفاق ٿيس ته ممڪن آ هوٽل بابت وڌيڪ حقيقتون بيان ڪري... تيسين مساج سينٽر جو ٻڌي اسان سان گڏجي ٿڌا ساهه کڻي .. :)
ادا ليب ميٽ گونيول کان پُڇيو اٿم. چئي ٿي ڀلي ڄڳهه اٿئي ضرور وڃ. پر انهيءَ پاسي وڃڻ جو پروگرام رمضان جي عيد تي آهي. جتي زمين اندر شهر به ڏسڻو اٿم.
پر ڳالهه مساج جي آهي ته ايندڙ هفتي 12 کان 15 مئي 2014 تي هڪ ڪانفرنس جي دعوت ملي اٿم. ٽڪيٽ بُڪ آهي. آچر تي رات جو 10:30 نڪربو ازمير. ازمير جيڪو هتي جو انڊين گووا آهي. بيچ ئي بيچ آهن . . . . .اسان لاءِ شيريٽن هوٽل ۾ رهائش آهي ۽ مساج وساج جا سڀ آپشن آهن (آئون کڻي نه ڪرائي سگهان ملائيشيا ٽوئر وانگي ته ٻي ڳالهه آهي).
 
Back
Top