السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو . ڇا توهان کنڊرات ۽ پراڻين غارن ۾ لگزري هوٽل جو وجود تصور ڪري سگهو ٿا ؟ اگر نه ته پوءِ اڄ هڪ شاندار هوٽل جي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ٿو .تُرڪي جي علائقي cappadocia ۾ موجود کنڊرات، غارن ۽ پراڻن جي گهرن جي مرمت ڪري ان کي لگزري هوٽل جي شڪل ڏني وئي آهي . ان پٿرن جي ڍانچي جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. هتي ڪنهن زماني ۾ فارسين جا گهر هوندا هئا، جڏهن ته شروعات ۾ هي غار عيسائي رومين جي رهائشگاهه هوندي هئي. هن لگزري هوٽل ۾ 30 ڪمرا ۽ سوئٽس موجود آهن. هن هوٽل جو مالڪ Omar Tosun آهي. عمر قديم شين گڏ ڪرڻ جو شوقين آهي. هن جي شوق جي جھلڪ هن لگزري هوٽل ۾ ڏسي سگھجي ٿي. تُرڪي جي تاريخي جڳهه cappadocia ۾ تعمير ڪيل هي ميوزيم هوٽل سياحن کي هڪ منفرد تجربو فراهم ڪري ٿو. ڇو ته هن لگزري هوٽل ۾ پراڻي دور جون يادون آهن. هن هوٽل جي ڇت تي ويهي مزيدار کاڌن مان لطف اندوز ٿيڻ سان گڏوگڏ آس پاس جو انتهائي دلڪش ۽ حسين نظارو به ڪري سگھجي ٿو. هوٽل جي فائيو اسٽار ڪمرن ۾ رهندڙ مهمانن جو واسطو پٿر جي ڍانچن سان پوي ٿو، جن جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. ميوزيم هوٽل جو مالڪ ، جن جو تعلق تُرڪي سان آهي، جو چوڻ آهي ته هتي ايندڙ مهمانن کي ائين محسوس ٿئي ڄڻ ميوزيم ۾ حقيقي زندگي گذاري رهيا هجن. هن تاريخي هوٽل تان مهمان ، پهاڙن تان لهندڙ گرم هوا جي ڦوڪڻن جو به نظارو ڪري سگهن ٿا. هوٽل ۾ موجود غار نما ٺهيل هڪ ڪمرو آهي جنهن جون ڀِتيون هزارين سال پراڻيون آهن. سڄي هوٽل ۾ هر جڳهه تاريخي شيون ۽ نوارداتون رکيل آهن، نوارداتن جو تعلق 16 هين صدي سان آهي. دلچسپ ڳالهه هي آهي ته هوٽل ۾ ايندڙ مهمانن کي کاڌو پچائڻ به سيکاريو ويندو آهي. ان کان علاوه هوٽل ۾ آرام و سڪون لاءِ مساج سينٽر به موجود آهي. هن هوٽل ۾ گولف ڊرائيو رينج کان علاوه هڪ خوبصورت باغيچو به آهي. هوٽل ۾ هڪ سوئمنگ پول به آهي جنهن کي تاريخي کنڊرات سان تعمير ڪيو ويو آهي. ان جي آس پاس ۾ خوبصورت فانوس لڳل آهن..سليمان وساڻ ، فاروق سومرو ، عبد الله السندي ، عبدالغني لوهار ، ذيشان رشيد ، شيرين ، @
ڳالهه وڻي ادا... اسان جو دوست عبدالحفيظ لغاري ترڪي ۾ موجود آهي... هن هوٽل تي جي گهمڻ جو اتفاق ٿيس ته ممڪن آ هوٽل بابت وڌيڪ حقيقتون بيان ڪري... تيسين مساج سينٽر جو ٻڌي اسان سان گڏجي ٿڌا ساهه کڻي ..
واهه ... تمام سهڻو ڪم ڪيو اٿن ... ڪاش اسان وٽ به اهڙي نفاست سان ڪم ٿئي .... پر ان سان گڏ سڀني لاء ممڪن به هجي ته گهمي سگهجي ۽ ماني کائي سگهجي. اوهان جي دلچسپ شيئرنگ وڻي
ادا ليب ميٽ گونيول کان پُڇيو اٿم. چئي ٿي ڀلي ڄڳهه اٿئي ضرور وڃ. پر انهيءَ پاسي وڃڻ جو پروگرام رمضان جي عيد تي آهي. جتي زمين اندر شهر به ڏسڻو اٿم. پر ڳالهه مساج جي آهي ته ايندڙ هفتي 12 کان 15 مئي 2014 تي هڪ ڪانفرنس جي دعوت ملي اٿم. ٽڪيٽ بُڪ آهي. آچر تي رات جو 10:30 نڪربو ازمير. ازمير جيڪو هتي جو انڊين گووا آهي. بيچ ئي بيچ آهن . . . . .اسان لاءِ شيريٽن هوٽل ۾ رهائش آهي ۽ مساج وساج جا سڀ آپشن آهن (آئون کڻي نه ڪرائي سگهان ملائيشيا ٽوئر وانگي ته ٻي ڳالهه آهي).